ڪراچي- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه زراعت ۽ آبپاشي کاتي جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي چيو آهي ته بينظير هاري ڪارڊ ذريعي زرعي شعبي جي ترقي لاءِ بجيٽ ۾ 8 ارب رپيا رکيا آهن. ربيع جي موسم شروع ٿيڻ واري آهي تنهنڪري هارين کي مراعتون ڏيڻ سان اهي ربيع جي ٻين فصلن کان علاوه ڪڻڪ جو سٺو فصل پوکي سگهندا. وزير اعليٰ هائوس مان جاري پريس رليز موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ رٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه، زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، زراعت واري سيڪريٽري رفيق ڏاهري، ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ وڏي وزير جي سيڪريٽري رحيم شيخ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ زراعت واري صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ سيڪريٽري خوراڪ خالد شيخ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته هاري ڪارڊ ذريعي هارين خاص ڪري ننڍن هارين جي مدد لاءِ 8 ارب رپيا رکيا آهن. مراد علي شاهه چيو ته 2022ع واري ٻوڏ جي موقعي تي سنڌ ۾ 40 لک ايڪڙ زمين تي خريف جو فصل بيٺو هو جنهن مان 36 لک ايڪڙن کان وڌيڪ فصل تباهه ٿي ويا هئا. ٻوڏ دوران مجموعي نقصان جو ڪاٿو 421 ارب رپيا لڳايو ويو. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته زرعي شعبي کي بحال ڪيو وڃي ۽ نوان فصل متعارف ڪرايون ته جيئن امپورٽ ٿيل زرعي شين تي دارومدار گهٽجي سگهي. وڏي وزير فيصلو ڪيو ته زراعت کاتو ايڪسپورٽ وارو فصل پوکڻ لاءِ هارين جي رهنمائي ڪندو. هن چيو ته اسان چانور ايڪسپورٽ ڪري رهيا آهيون ۽ گهڻو ڪري دال امپورٽ ڪندا آهيون جڏهن ته دال جي مقامي ۽ عالمي مارڪيٽ وڏي آهي. مراد علي شاهه زراعت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو مارڪيٽ ۾ موجود فصلن جو تجزيو ڪري ۽ هارين کي خاص طور تي وفاقي حڪومت پاران امپورٽ ڪيل فصل پوکڻ جي صلاح ڏين. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته زراعت کاتي جا ورڪشاپ فعال ڪيا ويندا ته جيئن هارين کي زمين جي ليولنگ مشينري فراهم ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته اسان کي وڌيڪ زمينون آباد ڪرڻ لاءِ هارين جي مدد ڪرڻي آهي ۽ پاڻي جي اثرائتي استعمال جا طريقا پڻ اختيار ڪرڻا آهن.