ڪراچي-07 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت سنڌ بئنڪ ذريعي هارين کي بينظير هاري ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش خان مهر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير کي سنڌ ۾ هارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. ايس آءِ ڊي جي جاري ڪيل پريس رليز موجب ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران سنڌ بئنڪ وسيلي هارين کي بينظير هاري ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ سنڌ بئنڪ سان معاهدو ڪيو ويو آهي ۽ بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب جلد منعقد ڪئي ويندي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 2 لک 98 هزار رجسٽرڊ هارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪيا ويندا ۽ 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ هارين کي هاري ڪارڊ ڏنا ويندا. هاري ڪارڊ ۾ بارداني جي خريداري ،ٻج، ڀاڻ، يوريا، جيت مارڻ جي دوائن تي سبسڊي ۽ قدرتي آفتن وقت امداد ملي سگهندي. صوبائي وزير سردار محمد بخش مهر وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڌيڪ 14 لک هارين جي رجسٽريشن به جلد شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته سنڌ بئنڪ کي بينظير هاري ڪارڊ ٺهرائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت بينظير هاري ڪارڊ لاءِ 8 ارب رپيا رکيا آهن.