ڪراچي – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) نامياري سرجن ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو آهي ته ڊينگي ھيمرھيجڪ بخار آهي، جنهن کي ھڏي ٽوڙ بخار به چئبو آھي، ڊينگي سان جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي، جسم تي سُرمئي رنگ جا نشان پيدا ٿين ٿا، پيٽ ۾ سور، دست، پيشاب ۾ رت ۽ ساھ ۾ تڪليف شروع ٿي وڃي ٿي. اي پي پي سان ڳالهائيندي نامياري سرجن ڊاڪٽر مُرلي ڌر چيو ته ڊينگي بخار مڇر جي چڪ سان ھڪ وائرس جي جسم ۾ منتقلي سان ٿيندو آھي، مليريا جي ابتڙ اھو مڇر صاف پاڻي ۾ رھندو آھي، مليريا گندي پاڻي جو مڇر آھي، هِن چيو ته ڊينگي جي نشانين ۾ بخار، ٿڌ لڳڻ ۽ جسم ۾ سور ٿئي ٿو ۽ سور ايترو شديد ھوندو آھي جو ھن کي ھڏي ٽوڙ بخار به چيو ويندو آھي، ڊينگي جي ڪري جسم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿئي ٿي، جسم تي سُرمئي رنگ جا نشان پيدا ٿين ٿا، پيٽ ۾ سور، دست، پيشاب ۾ رت ۽ ساھ ۾ تڪليف شروع ٿي وڃي ٿي، ڊاڪٽر مُرلي ڊينگي جي بيماري جي سُڃاڻپ لاءِ چيو ته ان لاءِ رت جي چڪاس ڪرائي وڃي ۽ ان مرض جي دوران گهڻو پاڻي واپرايو وڃي ۽ تيز بخار جي خاتمي لاءِ پيراسيٽامول ٽيبليٽ استعمال ڪئي وڃي، ڊاڪٽر مُرلي چيو ته اها بيماري هفتو کن هلي ٿي ۽ بُخار ٽن کان چئن ڏينھن ۾ ٽُٽي ويندو آهي، جڏهن ته جسم جو سور پنج کان ست ڏينھن هلندو آهي، پر مريض کي ڏھ کان پندرھن ڏينھن تائين آرام ڪرڻ گهُرجي. ڊاڪٽر مُرلي چيو ته اھو مڇر گڏ ٿيل اڻ ڍڪيل پاڻي جي بالٽين، ڊمن، ٽائرن ۾ پيدا ٿيندو آهي، هِن چيو ته ڊينگي مڇر اسُر ۽ سانجهي ويل ٻاھر نڪرندو آھي ۽ ماڻھن کي چڪ پائي وائرس پکيڙيندو آهي، ڊاڪٽر مُرلي ڊينگي کان بچاءُ جي حوالي سان چيو ته ڊينگي کان بچڻ جي لاءِ ڪپڙا پورا پائڻ گهُرجن، مڇرن کان بچڻ واريُون دوائون جسم تي لڳائڻ گهُرجن، مڇر مار اسپري ڪيو وڃي ۽ پاڻي کي ڍڪي رکيو وڃي. هن چيو ته ڊينگي ھيمرھيجڪ بخار آهي، جيڪڏهن ڪنهن ۾ به اهڙيُون علامتُون ظاهر ٿين ته اُن کي فوري طور تي اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي.