حيدرآباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي نامياري شاعر مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جو جنم ڏينهن 4 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو ، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ 4 آڪٽوبر 1919ع تي هالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ مخدوم غلام محمد جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ سياسي طور تي پيپلزپارٽي سان لاڳاپيل رهيو، جڏهن ته سندس شاعري جا ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن، جڏهن ته سندس ترجمي ۽ سهيڙ جا پُڻ ڪتاب ڇپيل آهن، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ شاعر، نثر نويس، محقق، لسانيات جو ماهر هُجڻ سان گڏوگڏ راڳ جو به وڏو ڄاڻو هو. مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ کي سندس علمي، ادبي، ثقافتي ۽ سياسي خدمتن عيوض پاڪستان جي حڪومت پاران تمغه پاڪستان ۽ هلال امتياز ۽ شاهه لطيف ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ بهار طالب (شاعري)، رباعيات طالب (شاعري)، اسلامي تصوف (سهيڙ)، شيطان (ترجمو، خود شناسي (ترجمو)، امام غزالي جا خط (ترجمو)، ياد رفتگان (سهيڙ)، مثنوي عقل وَ عشق (مثنوي)، ڪچڪول (اردو، سنڌي، سرائيڪي ۽ فارسي شاعري)، ڪافي (تحقيق)، شانِ سروري (شاعري)، بي پير اکيون (شاعري)، سنڌ جو سانوڻ (مثنوي)، ديوان طالب الموليٰ (شاعري)، آءٌ ڪانگا ڪر ڳالهه (شاعري)، (16) شام وَ صبح، ڇپر ۾ ڇڙيون (شاعري) مصري جون تڙون (ملفوظات)، سدا وسين سنڌڙي (شاعري)، آب حيات (بيت- ڪافيون)، چهنڊڙيون (شاعري)، منهنجو ننڍپڻ (يادگيريون)، مضامين طالب الموليٰ (علمي ۽ ادبي مضمون)، بهار ستان (شاعري)، لغات سنڌي مخففات، شان حسين، انتخاب ڪلام طالب الموليٰ شامل آهن، جڏهن ته سندس ملفوظات تي مشتمل ڪتاب ‘مصريءَ جون تڙون’ جو ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ Pieces of Suger Candy جي نالي سان انگريزي ۾ ترجمو ڪيو. مخدوم طالب الموليٰ، 11 جنوري 1993ع تي لاڏاڻو ڪيو.