ڪراچي-02 آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ قيامت تائين ائين متحد رهڻي آهي، آئيني عدالت جو قيام پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي، ماضي ۾ ان وقت جي چيف جسٽس پارليامينٽ کي بليڪ ميل ڪيو ۽ چيف جسٽس 18هين ترميم کي ختم ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، عدالتي سڌارن جي ڳالهه بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي ليز، 700 نون ميمبرن لاءِ پلاٽ، هاڪس بي ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي جرنلسٽ هائوسنگ سوسائٽي سميت بائونڊري وال ڊولپمينٽ جي ڪم ۽ ليز جاري ڪرڻ سميت ايم ڊي اي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. صحافين لاءِ 80/20 فارمولي سميت سمورا مسئلا هڪ مهيني ۾ حل ڪيا ويندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب جي دوري دوران گورننگ باڊي جي اجلاس ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وڏي وزير چيو ته اين ايف سي ايوارڊ تي ڪو به فرق نه پوندو، ان ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو وڌي سگهي ٿو، گهٽ نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته اسان کي اين ايف سي ايوارڊ تي ڪجهه خدشا آهن، جن کي ناڻي واري وزير حل ڪرڻ خاطري ڪرائي آهي، اسان پنهنجا خدشا لکت ۾ ڏنا آهن. وڏي وزير چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي حوالي سان سنڌ اسيمبلي سخت مؤقف اختيار ڪيو هو، اسان مطالبو ڪيو هو ته ڪي اليڪٽرڪ جي بورڊ ۾ صوبائي نمائندو شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته سٺي ڳالهه آهي ته سنڌ جو گورنر سرگرم آهي، پر هر ڪم هو نه ٿو ڪري سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هر اداري ۾ ڪاريون رڍون هونديون آهن، هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي معاملي تي سنڌ حڪومت جاچ ڪري وارثن سان ڳالهايو، وارثن کي چيو ته اوهان ايف آءِ آر داخل ڪرايو، ٻي صورت ۾ رياست پاڻ ڪارروائي ڪندي، هتي هڪ گورنر کي شهيد ڪيو ويو، وڏي وزير چيو ته اسان آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو آهي. هن چيو ته حساس هنڌن تي مقرر اهلڪارن جو نفسياتي معائنو ڪيو وڃي، هن چيو ته حڪومت ڪيس جي مڪمل جاچ ڪرائيندي، سزا ڏيڻ عدالتن جو ڪم آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته مان واضح طور تي چئي رهيو آهيان ته سنڌ صوبو قيامت تائين مڪمل اتحاد سان قائم رهندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هو ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبرن کي درپيش مسئلن کان واقف آھي ۽ اسان جا لاڳاپيل وزير انهن مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون وٺي رهيا آهن. ڪراچي پريس ڪلب پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ ڪا نئين ڳالهه ناهي، عوام جي اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي آمريت جي خلاف جيڪا جدوجهد شروع ڪئي هئي تنهن کي اڄ به ميڊيا ۽ ان پريس ڪلب جي نظرن سان ڏسندي آهي. هن چيو ته اڳ ۾ صحافت جو معيار تمام بلند هو هاڻي هر ڪنهن وٽ موبائيل فون آهي صحافت جي غلط استعمال سان تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي ۽ ان ڪري صحافت کي ئي سڀ کان وڌيڪ نقصان پهتو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته مون ڪراچي پريس ڪلب جي عهديدارن سان وعدو ڪيو آهي ته آئون نومبر جي پهرئين هفتي ۾ ٻيهر اچي انهن سمورن ڪمن جي رپورٽ پيش ڪندس جنهن لاءِ چيو ويو آهي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي پريس ڪلب جي ليز، 700 نون ميمبرن لاءِ پلاٽ، هاڪس بي ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي جرنلسٽ هائوسنگ سوسائٽي سميت بائونڊري وال ڊولپمينٽ ڪم ۽ ليز جاري ڪرڻ سميت ايم ڊي اي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. صحافين لاءِ 80/20 فارمولي سميت سمورا مسئلا هڪ مهيني ۾ حل ڪيا وايندا. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ڪراچي پريس ڪلب پهچڻ تي صدر ۽ سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب ان جو استقبال ڪيو ۽ گلدستا پيش ڪيا.