ڪراچي- پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا وچ ۾ لاڳاپن جون پاڙون گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ پائيدار دوستي تي ٻڌل آهن. انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا سان ٻنهي ملڪن جي ثقافت ۽ سياحت کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملندي. انهن خيالن جو اظهار هن ملائيشيا جي 67 هين يوم آزادي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت جي موقعي تي ڪيو. گورنر، ملائيشيا جي 67 هين يوم آزادي تي انڊونيشيا جي حڪومت ۽ عوام کي واڌيون ڏيندي چيو ته ملائيشيا جي ترقي ۽ عوامي خوشحالي مان پاڪستان فائدو کڻي رهيو آهي. ملائيشيا ۾ ڪيترن ئي پاڪستاني شاگردن جو اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ تعليمي مٽاسٽا ۾ اضافو سٺو سنوڻ آهي. گورنر وڌيڪ چيو ته ايس آءِ ايف سي رٿابندي وسيلي ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪارن کي هرممڪن مدد ۽ سهڪار فراهم ڪيو پيو وڃي. تقريب ۾ گورنر سنڌ ملائيشيا جي قونصل جنرل ۽ ٻين مهمانن سان گڏجي ملائيشا جي 67 هين آزادي جي ڏينهن جو ڪيڪ به ڪاٽيو. تقريب ۾ صوبائي وزيرن، سفارتڪارن ۽ واپاري شخصيتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. گورنر جي هدايت تي گورنر هائوس لڳ پريس ڪلب چوڪ تي پاڪ ملائيشيا جو جهنڊو ڦڙڪايو ويو ۽ ان جي ڀرپاسي رنگ برندگي لائيٽنگ ڪري شاندار آتشبازي جو مظاهري تي ماڻهن خوشگوار حيرت جو اظهار ڪيو.