لاڙڪاڻو -30 سيپٽمبر(اي پي پي) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سنڌ جي چيئرمين ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر ايم پي اي نثار احمد کهڙو چيو آهي ته سي پيڪ رٿا تحت لاڙڪاڻي کان ڪوئيٽه تائين ڊبل ريلوي لائين وڇائڻ انتهائي ضروري آهي، ماضي جي حڪومت ان پراجيڪٽ تي ڪم نه ڪيو جيڪڏهن ان پراجيڪٽ تي ڪم ٿيل هجي ها ته اڄ اسان شڪايتون نه ڪيون ها. هن چيو ته سنڌ حڪومت لاڙڪاڻي ۾ صنعتي ايريا ٺاهي ڇڏيو آهي، مان لاڙڪاڻي جي واپارين کي دعوت ڏيندس ته هو پسئو لڳائي فئڪٽريون قائم ڪن، اسين سندن حوصلا افزائي ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاڙڪاڻو چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي نون چونڊيل عهديدارن جي مان ۾ خانگي شادي هال ۾ ڪوٺايل آجياڻي واري تقريب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته چين، سي پيڪ پراجيڪٽ تحت ملڪ ۾ وڏا منصوبا لڳايا، چين چيو ته پئسا مان لڳائيندس زمين توهان ڏيو ۽ ان مان چين به ڪمائيندو ۽ پاڪستان به ترقي ڪندو، اسان کي به اهڙو دوست گهرجي جيڪو پنهنجو پئسو لڳائي پاڪستان جي ترقي ۾ اسان جو هٿ ونڊرائي پر ماضيءَ ۾ ڪجهه اهڙيون حڪومتون هيون جن سي پيڪ جي پراجيڪٽن جي اهميت کي وڌيڪ گهٽ ڪيو. هن چيو ته سي پيڪ تحت لاڙڪاڻي کان ڪوئيٽه تائين ڊبل ريلوي لائين هجي ها ته اڄ اسان شڪايتون نه ڪيون ها، روڊ سيڪٽر ۾ ملتان کان سکر تائين موٽر وي ٺهيو پر سکر کان ڪراچي تائين موٽر وي کي سي پيڪ سان نه ڳنڍيو ويو جيڪڏهن موٽروي کي سي پيڪ سان ڳنڍيو وڃي ها ته اها خاص ڳالهه هجي ها ته جيڪا ٽرانسپورٽ ٽرين جي ذريعي وڃي سگهي ٿي اها روڊ جي ذريعي جلد وڃي ها ڇاڪاڻ ته روڊ جلد ٺهي وڃي ها. هن چيو ته وڏن وڏن ملڪن ۾ ڪارگو ٽرين جي ذريعي ٽرانسپورٽ جي سهولت موجود آهي ۽ هتي ٽرين جي لائين وڇائڻ ڏکيو ڪم آهي. هن چيو ته ٽرين وفاقي کاتو آهي تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي سي پيڪ جي ذريعي ٽرين جي لائين وڇائڻ کي اهميت ڏيڻي پوندي. هن چيو ته سنڌ حڪومت خيرپور، لاڙڪاڻي ۽ مختلف علائقن ۾ انڊسٽريل ايرياز ٺاهيا آهن جن جي الاٽمينٽ ڪاروباري ماڻهن وٽ هوندي آهي، حڪومت ڪاروباري ماڻهن کي ان شرط تي پلاٽ ڏيندي آهي ته هو ٽن سالن جي اندر فئڪٽريون لڳائيندا. ٻي صورت ۾ سندن الاٽمينٽ رد ڪئي ويندي. هن چيو ته لاڙڪاڻي جي انڊسٽيريل ايريا ۾ بجلي ۽ پاڻي آهي شايد گئس جو به مسئلو حل ٿيو هوندو تنهن ڪري هاڻي صرف پلاٽن جي الاٽمينٽ جو مرحلو رهيل آهي. هن چيو ته خيرپور ۾ مختيار شيخ طرفان زيتون، انبن ۽ ٽماٽن جي فيڪٽري لڳائي آهي جيڪا فعال آهي، لاڙڪاڻي کان خيرپور تائين زيتون پهچائڻ ايتري مشڪل ڳالهه ناهي ڇاڪاڻ ته زيتون پوري ملڪ سميت پرڏيهه ۾ موڪليا ويندا آهن، فئڪٽرين ۾ انبن، زيتونن ۽ ٽماٽن جي جوس کي ڪڍيو ويندو آهي. مان ڪاروباري ماڻهن کي دعوت ڏيندس ته هو اچي پئسو لڳائين ڇاڪاڻ ته هي انهن جو پنهنجو ملڪ پنهنجي سنڌ ۽ پنهنجي زمين آهي، اسان کين ڪڏهن به نه روڪيو پر انهن کي هميشه همٿايو آهي ڇاڪاڻ ته اسان انڊسٽريريل ايريا قائم ڪري ڇڏي آهي هو اچي فئڪٽريون لڳائين اسان کين ڀليڪار ڪنداسين. هن چيو ته فروٽ ۽ سبزي منڊي جي لاءِ متبادل هنڌ جي نشاندهي ٿي آهي جنهن تي اڃان تائين ڪم شروع ناهي ٿيو پر اتي تمام جلد ڪم شروع ٿيندو.