نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اميد آهي ته افغان عبوري حڪومت عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ سياسي شموليت جي فروغ سميت انساني حقن جو احترام ڪندي ۽ افغانستان جي اندر سمورن دهشتگرد گروهن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي ذميوارن کي بي اثر ڪرڻ جي لاءِ موثر ڪارروائي ڪندي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ حالتون جلد کان جلد معمول تي اچڻ جو خواهشمند آهي، اسان لکين مصيبت ماريل افغانين جي لاءِ گڏيل قومن جي 3 ارب ڊالر جي انساني امداد جي لاءِ اپيل ۾ شامل آهيون، ان سان گڏ ئي اسان انهن عالمي اميدن ۾ حصيدار ۽ انهن جي توثيق ڪريون ٿا ته افغان عبوري حڪومت عورتن ۽ ڇوڪرين جي حقن ۽ سياسي شموليت جي فروغ سميت انساني حقن جو احترام ڪندي. هن چيو ته خاص طور تي افغان عبوري حڪومت کي افغانستان جي اندر سمورن دهشتگرد گروهن خاص طور تي پاڙيسري ملڪن جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي ذميوارن کي بي اثر ڪرڻ جي لاءِ موثر ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، ان ۾ داعش، القاعده سان واڳيل ٽي ٽي پي/ فتنه الخوارج برگيڊ ۽ بي ايل اي ۽ ٻيا شامل آهن.