نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان دهشتگردي جو وڏي بهادري سان مقابلو ڪيو آهي، اي پي ايس جي تلخ يادون اڃان به تازيون آهن، معيشت کي 150 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، بدقسمتي سان اڄ اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر خاص طور تي ٽي ٽي پي/ فتنه الخوارج ۽ ان جي ڪارندن پاران ٻاهرئين مالي مدد ۽ سرپرستي رکندڙ دهشتگردي جي نئين لهر درپيش آهي.گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان دهشتگردي جو وڏو بهادري ۽ ڪاميابي سان مقابلو ڪيو آهي، پاڪستان جي اندر دهشتگرد گروهن کي شڪست ڏني آهي، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، اسان جا 80 هزار بهادر فوجي ۽ عام شهري شهيد ٿي چڪا آهن جن ۾ اسڪول جا معصوم ٻار به شامل آهن ۽ اي پي ايس جي تلخ يادون اڃا به تازيون آهن، اسان جي معيشت کي 150 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اڄ اسان کي هڪ ڀيرو ٻيهر خاص طور تي ٽي ٽي پي/ فتنه الخوارج ۽ ان جي ڪارندن پاران ٻاهرئين مالي مدد ۽ سرپرستي رکندڙ دهشتگردي جي نئين لهر درپيش آهي، ڪا غلطي نه ڪريو، اسان پنهنجي جامع قومي ڪوشش ”عزم استحڪام“ جي ذريعي هڪ ڀيرو ٻيهر ان خطري کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ اسان عالمي برادري سان گڏجي هر قسم جي دهشتگردي جو مقابلو ڪنداسين ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي عالمي ڍانچي ۾ سڌارا آڻينداسين.