ڪراچي-27 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته اڄ سياحت جو عالمي ڏهاڙو ”سياحت ۽ امن“ جي موضوع هيٺ ملهايو پيو وڃي، صوبي کي اسان ملڪي سياحت جو مرڪز بڻائيداسين، سياحت سان قومن ۽ ثقافتن وچ ۾ امن کي هٿي ملندي. سياحت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ وڏي وزير چيو ته امن کي هٿي وٺرائڻ ۾ سياحت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سياحت هڪ ٻئي کي سمجهڻ جو اثرائتو ذريعو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سياحت جا بهترين موقعا موجود آهن. صوبي ۾ موجود سامونڊي ڪنارا، درياهه،گورک هل ۽ ٻيا سياحتي ماڳ سياحن جو ڌيان ڇڪائڻ جو سبب آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر، ڪينجهر، يا ٿر نيشنل پارڪ، ٿر جي ريگستانن جا دلڪش نظارا اسان جي ملڪ جي خوبصورتي آهن، اسان کي سياحتي ماڳن کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي.