حيدرآباد-26 سيپٽمبر (اي پي پي) حيدرآباد جي علائقي هالاناڪا لڳ خورشيد ٽائون ۾ واٽر فلٽريشن پلانٽ مان گئس ليڪ ٿي ڀرپاسي جي علائقن ۾ پکڙجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. اي پي پي جي رپورٽ مُوجب هالا ناڪي لڳ پنڃاري ٿاڻي جي حد ۾ خورشيد ٽائون واري علائقي ۾ واقع واٽر فلٽريشن پلانٽ مان گيس ليڪ ٿي آس پاس جي علائقن ۾ پکڙجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽين ۽ گهرن ۾ موجود ماڻهن جي حالت خراب ٿي وئي، ٻارن سميت 29 ڄڻن کي سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.
ان سلسلي ۾ سول اسپتال حيدرآباد جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ جو چوڻ هو ته گيس سبب متاثر ٿيل ٻارن کي اسپتال ۾ آندو ويو آهي، جن کي فوري طور تي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ٻارن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. جڏهن ته ٽن ٻارن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ انتهائي نگهداشت واري وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ سموريون سهولتون موجود آهن. جيڪڏهن وڌيڪ متاثر آيا ته انهن کي به علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. هوڏانهن خورشيد ٽائون ۽ آس پاس جي علائقن ۾ اوچتو ٻارن جي حالت خراب ٿيڻ سبب رهواسين ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو هو. جڏهن ته واقعي جو ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فوري طور تي نوٽيس وٺندي لاڳاپيل هنڌ تي پهتو ۽ ريسڪيو 1122 جي ٽيم ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين سان گڏجي صورتحال تي ضابطو آڻڻ کي يقيني بڻايو، بعد ۾ ڊي سي حيدرآباد سول اسپتال جو دورو ڪيو، جتي متاثر ٻارڙن سميت 29 ڄڻا علاج آهن. ان موقعي تي هن اسسٽنٽ ڪمشنر سٽي بابر صالح راهپوٽو ۽ سول اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ کي هدايت ڪئي ته متاثرن جي هر ممڪن مدد ڪئي وڃي. انتظاميا عوام جي حفاظت ۽ هنگامي حالتن ۾ فوري جواب ڏيڻ جي لاءِ پر عزم رهي. متاثر ٿيلن ۾ 8 سالن جي عليزه، عذير، آيان، احرم فاطمه، شهباز ۽ فضل جڏهن ته 12 سالن جي عائشه، 40 سالن جو ڪاشف، 5 سالن جو سالار، 6 سالن جي اسمه، 10 سالن جي ياسره، 9 سالن جي صوبيه، 14 سالن جي ناظره، 12 سالن جو علي حسن، 15 سالن جي دعا، 6 سالن جي شيزه، 7 سالن جو بلاول، 10 سالن جو فراز ۽ حسنين، 17 سالن جو ثناءُ الله، 35 سالن جو جاويد، 25 سالن جو مدد علي، 22 سالن جو مزمل، 6 سالن جو فرحان، 4 سالن جي فريال، 35 سالن جي زرينا، 30 سالن جو نويد ۽ فدا حسين شامل آهن.