نيويارڪ -26 سيپٽمبر (اي پي پي ) چين چيو آهي ته انساني حقن جي معاملي تي آمريڪا جو ٻٽو معيار سڄي دنيا ۾ تيزي سان مشهور ٿي رهيو آهي . پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي اها ڳالهه گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي انساني حقن بابت گڏيل قومن جي هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته اڱاري واري ڏينهن جنيوا ۾ منعقد ٿيل گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل (يو اين ايڇ آر سي ) جي 57هين اجلاس ۾ 100 کان به وڌيڪ ملڪن چين جي موقف جي حمايت ڪئي آهي ۽ انساني حقن تي سياست ڪرڻ جي مخالفت ڪئي آهي. سيشن دوران اٽڪل 80 ملڪن جن ۾ ڪيترائي مسلمان ملڪ به شامل آهن چين جي حمايت ۾ هڪ گڏيل بيان ڏنو ۽ 20 کان به وڌيڪ ٻين ملڪن مختلف طريقن سان پنهنجي حمايت جو اظهار ڪندي انساني حقن جي معاملي تي چين جي منصفاڻي موقف جي حمايت ڪئي . هن وڌيڪ چيو ته مسلمان ملڪن جي اڪثريت ڊگهي عرصي کان انساني حقن جي معاملي تي ٻٽي معيار کي ڏسي رهي آهي هو سٺي طرح سمجهن ٿا ته آمريڪا انساني حقن جو بهانو بڻائي چين ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي. هن چيو ته يو اين ايڇ آر سي ۾ 100 کان به وڌيڪ اسرندڙ ملڪن جي واضح حمايت نه صرف چين جي حقن جو دفاع آهي پر عالمي انصاف کي برقرار رکڻ ، ترقي پذير ملڪن جي گڏيل مفادن جي تحفظ ۽ اندوروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي بنيادي اصول جو تحفظ به آهي . هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا کي مسلمانن جي بنيادي انساني حقن جو ايترو ئي فڪر آهي ته هو وچ اوڀر جهڙن خطن ۾ لڳاتار جنگين کي ڇوٿو ڀڙڪائي يا ان جي حمايت ڪري ٿو جن ۾ بيشمار بي گناهه مسلمان ماريا ٿاوڃن ؟ عرب ملڪن ۾ عوام جي درپيش تاريخي ناانصافين تي اکيون ڇو بند آهن .گڏيل قومن جو مڪمل ميمبر بڻجڻ ۾ فلسطين جي حمايت ڇو نٿو ڪري ؟ هو غزه مان مستقل جنگ بندي ۽ اتان اسرائيلي فوج جي نيڪالي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڇو ناڪام آهي؟ هن چيو ته چين انساني حقن جي مسئلن تي سمورن ملڪن سان برابري جي بنياد تي ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون هن وڌيڪ چيو ته چين جا دروازا دنيا لاءِ کليل آهن.