نيويارڪ-26 سيپٽمبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته چين ۽ يورپ جا وسيع مفاد گڏيل آهن ۽ کين گڏيل فائدي ۽ سهڪار کي هٿي ڏيڻ گهرجي ۽ هڪٻئي لاءِ پڻ قبوليت ۽ تعاون کي هٿي ڏيڻ گهرجي. اها ڳالهه چيني پرڏيهي وزير وانگ يي گذريل ڏينهن نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي سالياني اجلاس جي موقعي تي يوناني پرڏيهي وزير جارج گيرا پيٽيرائٽس سان ملاقات دوران چئي. پرڏيهي خابرو ايجنسي مطابق چيني پرڏيهي وزير اميد ظاهر ڪئي ته يورپي يونين اسٽريٽجڪ خودمختاري برقرار رکندو ۽ اقتصادي ۽ واپاري مسئلن کي سياسي رنگ ڏيڻ کان پاسو ڪندو. هن يونان ۽ چين تي زور ڀريو ته هو پنهنجي جامع اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بنائڻ لاءِ تهذيبي مٽاسٽا ۽ عملي تعاون کي مضبوط ڪن.