لاهور-25 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپني (اين ٽي ڊي سي) اداري کي ڊجيٽل منتقلي طرف اهم قدم وڌائيندي پنهنجي مالياتي حصي کي جديد فنانس ماڊل تي منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ان جي انٽرپرائز ريسورس پلاننگ (اِي آر پي) سسٽم جو هڪ اهم حصو آهي، ڊجيٽل تبديلي بابت هڪ تقريب اين ٽي ڊي سي آفيس شاهين ڪمپليڪس لاهور ۾ منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ ٽيم فنانس ماڊل جو لائيو سسٽم شروع ڪيو، جيڪو ڪمپني جي آپريشن کي جديد بڻائڻ جي طرف هڪ اهم قدم آهي. ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (پي اينڊ اي) انجنيئر قيصر خان ۽ ڊپٽي مئنيجنگ ڊائريڪٽر (اي ڊي اينڊ ايم) انجنيئر رشيد اي ڀٽو ڪاميابيءَ تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ فنانس ڊائريڪٽوريٽ جي ٽيمن کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي هنن هدايت ڪئي ته هن ماڊل جي استعمال لاءِ سڄي ملڪ ۾ اين ٽي ڊي سي جي ملازمن لاءِ وڊيوز ۽ مينوئل سميت هڪ جامع تربيتي پروگرام تيار ڪيو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته نئون ماڊل اين ٽي ڊي سي کي ڪاغذ جي بغير ماحول ۾ منتقل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، جنهن سان ان جي آپريشنل ڪارڪردگي ۾ نمايان طور تي بهتري ايندي. ان موقعي تي چيف فنانشل آفيسر وسيم سادات ۽ چيف انفارميشن آفيسر خالد محمود پنهنجي ٽيمن ۽ ملازمن سان گڏ ماڊل استعمال ڪندي اين ٽي ڊي سي انتظاميا کي فنانس ماڊل جي موجوده صورتحال ۽ اي آر پي تي عملدرآمد بابت بريفنگ ڏني. هن زور ڏنو ته جديد نظام ڪمپني ۾ شفافيت، درستگي، صلاحيت ۽ ڪارڪردگي کي وڌائيندو. هن چيو ته اين ٽي ڊي سي جي آئي ٽي ٽيم SAP S/4HANA تي ڌيان ڏيڻ سان مڪمل SAP لاڳو ڪرڻ طرف وڌي رهي آهي. هي جامع نظام اين ٽي ڊي سي جي ڊجيٽل تبديليءَ جي عزم کي واضح ڪري ٿو. تقريب ۾ جنرل مئنيجر (ايڇ آر) انجنيئر سهيل ممتاز باجوا، جنرل مئنيجر (ميڊيا اينڊ پي آر) محمد ابراهيم، ڊي جي آءِ ٽي نيٽ ورڪ عامر رشيد، ڊي جي آءِ ٽي سافٽ ويئر محمد فاروق شوڪت، پراجيڪٽ مئنيجر ذڪاءُ الله، فنانس مئنيجر عاطف، رياض ۽ مئنيجر فنانس تشبيه الحسن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.