ڪراچي -19 سيپٽمبر(اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف سنڌ اسيمبليءَ ۾ رٿ منظور ڪري اسان پنھنجو واضح موقف ڏنو آھي، وفاقي حڪومت سنڌ جي عوامي موقف تي عمل ڪرائي، سنڌ حڪومت ھارين لاءِ ھاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي. ھن اھي ڳالھيون وزيراعليٰ ھائوس ۾ چونڊيل نمائندن سان ڌار ڌار ڪيل گڏجاڻين دوران ڪيون، جنھن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي ضلعي جو صدر ۽ قومي اسمبلي ميمبر خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي محمد عارف مھر، ايم اين اي عرفان علي لغاري، ٽٺو جي شيرازي ڀائرن ۾ شفقت حسين شاھ شيرازي، رياض حسين شاھ شيرازي ۽ شاھ حسين شاھ ۽ سينيٽر ڄام سيف الله ڌاريجو شامل ھئا. وڏي وزير جي ترجمان مطابق چونڊيل نمائندن امن امان جي گڏيل صورتحال، صحت جي سھولتن، ترقياتي رٿائن، ٻين عوامي مسئلن سميت سياسي ۽ سماجي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير سمورن چونڊيل نمائندن کان سندن تڪن جا مسئلا ٻڌا ۽ انھن کي حل ڪرڻ جون ھدايتون ڏنيون. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته لاڙڪاڻي سميت سڄي صوبي ۾ سنڌ حڪومت عوام جي خدمت ڪري رھي آھي. چونڊيل نمائندن وڏي وزير کي ھاڻوڪين برساتن سبب زراعت کي پھتل نقصانن بابت پڻ آگاھ ڪيو. وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ھارين لاءِ ھاري ڪارڊ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي، اسان ھارين جي مالي مدد ڪرڻ لاءِ پرعزم آھيون. ملاقات ڪندڙ نمائندن وڏي وزير کي درياءَ جي پوڇڙ ۾ زرعي پاڻيءَ جي مسئلن کان پڻ آگاھ ڪيو. سيد مراد علي شاھ آبپاشي کاتي کي سنڌو درياءَ جي پوڇڙ ۾ پاڻي جي مسئلن کي حل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين انڊس ڊيلٽا جي تحفظ جي ڳالھ ڪئي آھي. ھن چيو ته سنڌ اسيمبلي مان ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف رٿ منظوري ڪري اسان پنھنجو واضح موقف ڏنو آھي. اسان وفاقي حڪومت کان گھر ڪيون ٿا ته سنڌ جي عوامي موقف تي عمل ڪرايو وڃي، وڏي وزير چونڊيل نمائندن کي پڪ ڏياري ته عوامي مسئلن جي حل جي تسلسل ۾ ڪا به رنڊڪ برداشت نه ڪئي ويندي.