حيدرآباد-19 سيپٽمبر(اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه ڪالهه حيدرآباد جو دورو ڪري ڊويزن جي مسئلن ۽ سرڪاري اسڪيمن جي تڪميل جي حوالي سان هڪ اجلاس منعقد ڪيو۽ ترقياتي اسڪيمن جو جائزو ورتو. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه چيو ته سنڌ لاءِ 950 ارب رپين جي ترقياتي بجيٽ هڪ وڏي رقم آهي جيڪا ڏسڻ ۾ اچڻ گهرجي پر ايتري وڏي بجيٽ بهتر طريقي سان اسڪيمن تي وقت سر نٿي لڳائي وڃي جڏهن ته عملدار فنڊن جي کوٽ جون شڪايتون ڪندا آهن جيئن ته فنڊز موجود هوندا آهن تڏهن به انهن کي خرچ نه ڪيو ويندو آهي. اها ڳالهه هن سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن جو جائزو وٺڻ جي حوالي سان شهباز هال شهباز بلڊنگ حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. هن چيو ته صوبي جي سمورن ادارن جي عملدارن وچ ۾ گڏيل سهڪار ۽ رابطي جي کوٽ آهي انڪري گهڻ رخي حڪمت عملي ترتيب ڏني وڃي ته جيئن بجيٽ جو موثر طريقي سان لاڳاپيل اسڪيمن تي استعمال ٿي سگهي. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيد خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري فنانس ، سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيسن ، سيڪريٽري پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز محمد علي کوسو ، سيڪريٽري انڊسٽريل ڊولپمينٽ ، سيڪريٽري يونيورسٽي اينڊ بورڊز ، چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سيد نجم شاهه، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاالله انڙ، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآبد بلال احمد ميمڻ ، سيڪريٽري يپبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ سيد اعجاز شاهه، ڊي آءِ جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو،ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ، ڊپٽي ڪمشنر مٽياري محمد يوسف شيخ، ڊپٽي ڪمشنر دادو منظور حسين وساڻ ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. چيف سيڪريٽري سيد آصف حيدر شاهه چيو ته سنڌ ۾ ڪيترين ئي اسڪيمن جي تڪميل دير جو شڪار آهي جنهن جي ڪري سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت آهي . هن مثال ڏيندي چيو ته 2015 ۾ حيدرآباد جي هڪ پمپنگ اسٽيشن جي اسڪيم فقط 2500 رپين جي رقم جي چينج اوور نه هجڻ جي ڪري بند پئي هئي. هن چيو ته عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحات ۾ شامل آهي. چيف سيڪريٽري عملدارن کي تنبيه ڪئي ته ايم اينڊ آر جي رقم کي ڪنهن به صورت ۾ ضايع نه ٿيڻ ڏنو وڃي ، ايم آينڊ آر جا فنڊز خرچ ڪرڻ لاءِ ايس او پيز بڻائي پيش ڪئي وڃي۽ پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ ، حيدرآباد ڊويزن جي سمورن ضلعن جي غير فعال آر او پلانٽس کي ترجيحي بنيادن تي فعال بڻائي عوام کي پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. چيئرمين پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ سيد نجم شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته فنڊن جي کوٽ کي ختم ڪيو ويندو پر جيترا فنڊز جاري ٿيا آهن انهن کي لاڳاپيل اسڪيمن تي وقت سر خرچ ڪيو وڃي ، سڀئي عملدار اسڪيمن لاءِ جاري فنڊز کي سچائي سان خرچ ڪرڻ کي يقيني بڻائين جڏهن ته جن اسڪيمن جا ٽينڊرز نه ٿيا آهن انهن جا فوري طور تي ٽينڊر جاري ڪيا وڃن. هن چيو ته روائيز اسڪيمن جي حوالي سان پڻ اسين ڪم ڪري رهيا آهيون پر جاري اسڪيمون مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته پراڻي اسڪيمن تي نوان ريٽ لاڳو نه ٿيندا ان لاءِ بهتر آهي ته انهن کي بند ڪيون ۽ نئين سال ۾ نئين اسڪيم جي طور تي شامل ڪيو وڃي.ان موقعي تي بريفنگ ڏيندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ چيو ته اسين ڊولپمينٽ جي ڪارڪردگي لاءِ گڏيل سهڪار ۽ رابطن لاءِ هڪ گروپ بڻايو آهي جنهن ۾ ڊويزن جي ادارن جا عملدار گڏيل رابطي جي ذريعي ڪم ڪري رهيا آهن. ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ چيو ته حيدرآباد لاءِ هن مهل تائين ڪو به ماسٽر پلان نه بنايو ويو هو ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي ان تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. هن چيو ته جيدرآباد ۾ ڪچين آبادين ۾ مسلسل اضافو ۽ شهر جي وڌندڙ آبادي هڪ وڏو چيلنج آهي ، اربن فلڊنگ سان ماضي ۾ حيدرآباد جي انفرااسٽرڪچر کي ڪافي نقصان پهتو آهي جيڪڏهن ڊويزن جي ڳالهه ڪجي ته جوهي ۽ خيرپورناٿن شاهه شهر برسات ۾ تباهه ٿي ويا هئا.هن چيو ته حيدرآباد ڊويزن ۾ ڪيترين اسڪولن جون عمارتون زبون حال هئڻ جي ڪري برساتن دوران تدريسي عمل بند ڪرڻو پوي ٿو. حيدرآباد ۾ هائي ويز لاءِ 232 ، بلڊنگس جي 97 ، ايجوڪيشن ورڪس سروس جون پڻ ڪيترين ئي اسڪيمن تي ڪم هلندڙ آهي. حيدرآباد ڊويزن ۾ ڊسٽرڪٽ اي ڊي پي ۾ ڪل 25610 اسڪيمون آهن ۾ روڊن جون 15722 اسڪيمن جاري آهن جڏهن ته ڪجهه اسڪيمن جا فنڊز رليز ٿيا آهن ۽ ڪجهه اسڪيمن جا فنڊز رليز نه ٿيا آهن. هن چيو ته سيڪريٽري فنانس جلد کان جلد فنڊز جاري ڪري ته جيئن اهي اسڪيمون تڪميل تائين پهچائي سگهجن . ان کان علاوه لوڪل گورنمنيٽ پاران حيدرآباد لاءِ 88 اسڪيمون ، بدين 43، سجاول 4، مٽياري 3، ٽنڊو الهيار4، ٽنڊو محمد خان جي هڪ اسڪيم پڻ آهي . ورڪس اينڊ سروسز روائيز جون 72 ۽ التوا جو شڪار 10 ، فنڊز رليز جي مسئلن جي ڪري 12 ۽ ٻين پيچيدگين سبب مسئلن جو شڪار آهن -پبلڪ هيلٿ جي هن وقت 90 اسڪيمون موجود آهن جن ۾ فنڊن جي فراهمي جي حوالي سان مسئلا درپيش آهن.سيڪريٽري اسڪول ايجوڪيشن بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران گهوٽڪي، سانگھڙ، مٽياري، ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو الهيار ۾ پبلڪ اسڪولن جي اسڪيمون بجيٽ ۾ رکيون ويون آهن ، ڪجهه ضلعن ۾ اسڪولن جو 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ٽنڊو محمد خان پبلڪ اسڪول ۾ فقط فنشنگ جو ڪم باقي رهيل آهي _ڊپٽي ڪمشنر دادو بريفنگ ۾ چيو ته دادو ۾ اين آئي سي وي ڊي جي يونٽ جي سخت ضرورت هئي ان لاءِ ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ ئي اسان ان کي شروع ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون ، اين آئي سي وي ڊي جي يونٽ کي فعال ڪرڻ لاءِ طبي آلات ۽ مشينري گهربل آهي _ اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر دادو ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال ۽ ڪيڊٽ ڪاليج ڪڪڙ جي تڪميل جي حوالي سان مسئلن کان آگاهه ڪيو.