اسلام آباد – 03 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ 6 ملڪن تي ٻڌل واپاري بلاڪ (مرڪوسر) جي وچ ۾ واپاري فريم ورڪ معاهدي تي صحيحن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڏکڻ آمريڪا جي مارڪيٽ ممڪن طور تي پاڪستاني مصنوعات جي لاءِ سٺي مارڪيٽ ثابت ٿي سگهي ٿي، مهانگائي جو بار آهستي آهستي گهٽ ٿي رهيو آهي، اسان کي معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام آڻڻو آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صنعت، پيداوار ۽ قومي غذائي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي ڀاءُ صوبائي اسيمبلي ميمبر مرحوم راڻا افضال حسين جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. ڪابينا اجلاس جي شروع ۾ وزيراعظم ڳالهائيندي آگسٽ ۾ ناڻي واڌ جي شرح سنگل ڊيجٽ تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي تي ناڻي واري وزارت، اسٽيٽ بئنڪ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي جو بار آهستي آهستي گهٽ ٿي رهيو آهي. هن چيو ته اسان کي معيشت ۾ وڌيڪ استحڪام آڻڻو آهي، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. وفاقي ڪابينا واپار واري وزارت جي سفارش تي مرڪوسر جيڪو ڏکڻ آمريڪا م موجود ملڪن جهڙوڪ برازيل، ارجنٽينا، يوروگوائي ۽ پيراگوئي تي ٻڌل هڪ واپاري بلاڪ آهي ۽ جنهن کي عام زبان ۾ سدرن ڪامن مارڪيٽ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي وچ ۾ واپاري فريم ورڪ معاهدي تي بعد از وقوع/ صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا موخرالذڪر واپاري فريم ورڪ معاهدي جي توثيق پڻ ڪري ڇڏي. ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته ڏکڻ آمريڪا جي مارڪيٽ ممڪن طور تي پاڪستاني مصنوعات جي لاءِ سٺي مارڪيٽ ثابت ٿي سگهي ٿي پر هيستائين پاڪستاني معيشت ان مارڪيٽ جا ثمر حاصل ناهي ڪري سگهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته معيشت بابت سمورا معاهدا ۽ مفاهمتي يادداشتون جن تي عرصي کان ڪو ڪم ناهي ٿيو ان تي تيز رفتاري سان ڪم ڪيو وڃي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي البانيه جي يورپ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت ۽ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي ”ڪانفرنس آن انٽريڪشن اينڊ ڪانفيڊينس بلڊنگ ميزرز ان ايشيا 2010ع“ جي سيڪريٽريٽ، ان جي عملي ۽ ميمبر ملڪن جي نمائندن جي استحقاق ۽ ڇُوٽ جي ڪنوينشن جي توثيق جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي سفارش تي وزارت جي سينيئر جوائنٽ سيڪريٽري سيد جنيد اخلاق جي بطور چيئرمين فيڊرل بورڊ آف انٽرميڊيئٽ اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ۾ مقرري جي مدي ۾ ريگيولر آفيسر جي مقرري تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جي مسودن جي حوالي سان هڪ ڪميٽي جوڙڻ جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. اها ڪميٽي سمورين ڌرين سان ان حوالي سان مشاورت ڪندي ۽ هڪ مهيني تائين پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. وفاقي ڪابينا ليجسليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 26 آگسٽ 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.