راولپنڊي- 22 آگسٽ (اي پي پي) محمد رضوان ۽ سعود شڪيل جي شاندار سينچرين عيوض پاڪستان بنگلاديش خلاف راولپنڊي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پنهنجي پهرين اننگز 448 رنسن تي 6 رانديگر آئوٽ ٿيڻ تي ڊڪليئر ڪئي، محمد رضوان 171 رنسون ٺاهي ناقابل شڪست رهيو، جڏهن ته سعود شڪيل 141 رنسن جي دلڪش اننگز کيڏي، بنگلاديش راند جي پڄاڻي تي بنا ڪنهن نقصان جي 27 رنسون ٺاهي ورتيون. شاد مان اسلام 12 ۽ ذاڪر حسين 11 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهن. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ جاري ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين اڻ مڪمل اننگز جي شروعات ڪئي ته سعود شڪيل 57 ۽ محمد رضوان 24 رنسن سان وڪيٽ تي موجود هئا، ٻنهي رانديگرن هوم ڪنڊيشنز جو ڀرپور فائدو کڻندي بنگلاديشي بالرن کي گرائونڊ جي چئني پاسي کيڏيو ۽ پنجين وڪيٽ ۾ 240 رنسن جي رڪارڊ پارٽنرشپ ٺاهي، سعود شڪيل ٽئين ٽيسٽ سينچري مڪمل ڪئي ۽ 141 رنسون ٺاهي مهدي حسن ميراز جي بال تي اسٽمپ آئوٽ ٿيو، ان کانپوءِ محمد رضوان سلمان علي آغا سان گڏجي ٽيم جو اسڪور 398 تائين پهچايو. سلمان علي آغا 19 رنسون ٺاهڻ کانپوءِ شڪيب الحسن جي بال تي مهدي حسن ميراز جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو، پاڪستان 448 رنسون 6 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ تي اننگز ڊڪليئر ڪئي، محمد رضوان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي ناقابل شڪست 171 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ 3 ڇڪا ۽ 11 چونڪا شامل هئا، هي سندس ڪيريئر بريسٽ اننگز ۽ ٽئين ٽيسٽ سينچر آهي. شاهين آفريدي ناٽ آئوٽ 29 رنسون ٺاهيون، بنگلاديش طرفان شريف الاسلام ۽ حسن محمود 2، 2 جڏهن ته مهدي حسن ميراز ۽ شڪيب الحسن هڪ ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، جواب ۾ بنگلاديش راند جي پڄاڻي تي بنا ڪنهن نقصان جي 27 رنسون ٺاهيون ۽ ان کي پاڪستان جي پهرين اننگز جو اسڪور برابر ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 421 رنسون گهربل آهن. شاد مان اسلام 12 ۽ ذاڪر حسن 11 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن، بنگلاديش ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي پنهنجي اننگز ۾ بنا ڪنهن نقصان جي 27 رنسون ٺاهيون.