اسلام آباد -21 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو کان ايران ويندڙ زائرين جي ڪوچ جيڪا ايران جي شهر يزد ۾ حادثي جو شڪار ٿي وئي جنهن ۾ 31 کان وڌيڪ زائرين ۽ 20 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. لاڙڪاڻي مان اهو ڪاروان شاهه شمس سبزوار ڪاروان جي نالي سان الحاج زوار سيد اطهر حسين شمسي جي قيادت ۾ ايران رستي ڪربلا معليٰ زيارتن جي لاءِ نڪتو هو جنهن جي بس حادثي جو شڪار ٿي وئي.
بس ۾ سيد اطهر حسين ولد سيد ابرار حسين شمسي، غيور علي ولد منظور علي ميمڻ، ظهير عباس ولد غلام علي ميمڻ، جبار عباسي ولد غلام شبير عباسي، صدام حسين ولد منظور حسين خاصخيلي، ڪنيز زهره، شعيب علي لاڙڪ ولد غلام حسين لاڙڪ، مجاهد علي ولد گل حسن لاڙڪ، زرمينا، محمد بخش ولد امير بخش خاصخيلي، آصف علي ولد خير محمد سرڪي، اعجاز علي مڱڻهار ولد محمد امين مڱڻهار،
پروين لنجار، خالده مغيري، عبدالوهاب ولد دادن علي، رابيل فريد کهاوڙ، منٺار مهدي ولد محرم علي کهاوڙ، مقدس شير محمد، سيرت عباس شاهه ولد لطف علي شاهه، رخسانه پروين شاهه، غلام عباس ولد حمزو اوڍو، نثار احمد ولد سچل جوکيو، سڪندر علي ولد شفيع محمد، محبت علي لنڊ ولد حب علي لنڊ، سلميٰ بيگم لنڊ بلوچ، عبدالوهاب ولد مدد علي جاگيراڻي، سلمان مصطفيٰ ولد غلام مصطفيٰ شيخ، حيدر علي ولد غلام شبير، وفا عباس ولد جاويد احمد، ظهور حسين ولد طارق حسين، امبرين شاهه، راشد علي سومرو ولد غلام رسول سومرو، عمران خان ڪلهوڙو ولد محمد بچل ڪلهوڙو، ڪاشف علي ولد ڪريم بخش شيخ،
محمد جمن کوسو ولد غلام رسول کوسو، فياض علي ولد محمد مصري، خورشيد علي ولد محمد مراد ميراڻي، زاهد علي سومرو ولد غلام رسول سومرو، بابر علي انصاري ولد الهه بخش انصاري، آفاق احمد ولد اياز احمد جوڻيجو، سعديه آزاد، ڪريمه خاتون، رستم علي ولد محمد بخش، ڪائنات، نسيم اختر کهاوڙ، ريما، صنم، رحمت خاتون مغيري،
حبيب الله سومرو ولد عبدالخالق سومرو، نور محمد کوسو ولد جان محمد کوسو شامل هئا جنهن مان ڪيترن ئي زوارن جي شهادت ٿي وئي آهي ۽ ڪيترائي زخمي آهن.