اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته بجلي جي بلن ۾ ريليف، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ عوام جي زندگين ۾ آساني آڻڻ حڪومت جي پهرين ڏينهن کان ترجيحون آهن، وفاق 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽيڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ ٻنهي صارفين کي پنهنجي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري ٽن مهينن جي لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني، اهڙي طرح پنجاب حڪومت 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي پنهنجي بجيٽ مان 45 ارب رپين جو ريليف ڏنو، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن جي انهن قدمن کي ساراهڻ گهرجي، ٻيون صوبائي حڪومتون به اهڙي طرح جو ريليف عوام کي ڏئي سگهن ٿيون. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ بجلي جي بلن جي حوالي سان هڪ بحث شروع ٿي ويو آهي، موجوده حڪومت جنهن کان اقتدار ۾ آئي ان جو هڪ ئي مقصد آهي ته بجلي جي بلن ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ سان گڏوگڏ مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ عوام جون زندگيون آسان بڻائن جي لاءِ قدم کنيا وڃن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قائد محمد نواز شريف جي قيادت ۾ حڪومت جي سڀ کان پهرين ترجيح بجلي جي بلن ۾ ريليف ڏيڻ هو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پوري پاڪستان ۾ 200 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ پروٽيڪٽيڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ ٻنهي صارفين کي پنهنجي ترقياتي بجيٽ ۾ ڪٽوتي ڪري 50 ارب رپين جي وڏي رقم مان سبسڊي ڏني ۽ 4 رپين کان 7 رپيا في يونٽ جو ريليف ڏنو جيڪو جون، جولاءِ ۽ آگسٽ جي مهينن جي لاءِ هو. هن چيو ته بعد ۾ پنجاب حڪومت 500 يونٽ تائين بجلي استعمال ڪندڙ صارفين کي پنهنجي فنڊ مان 45 ارب رپين جي سبسڊي ڏني. هن چيو ته سمورين صوبائي حڪومتن وٽ عوام کي وڌيڪ ريليف ڏيڻ جو آپشن موجود آهي، وفاق پاران فراهم ڪئي ويندڙ سبسڊي پوري ملڪ جي لاءِ آهي. هن چيو ته 200 يونٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙ صارفين جي لاءِ پنجاب حڪومت جيڪو قدم کنيو آهي، اهو باقي صوبائي حڪومتن تي آهي ته اهي جيڪڏهن چاهين ته اهي به عوام کي ريليف ڏئي سگهن ٿيون. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي معاهدي کي ڏسندي وفاق عوام کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ جيڪو ڪري سگهي ٿو ڪندو. هن چيو ته صوبي پاران ريليف ڏيڻ صوبي جو پنهنجو معاملو آهي، صوبي وفاق پاران عوام کي ريليف ڏيڻ جي قدمن کي سپورٽ ڪندي اهو قدم کنيو آهي، ان تي تنقيد بدران ان کي ساراهڻ گهرجي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي عوام کي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو تحفو ڏنو، حڪومت مهانگائي ۾ گهٽتائي جي لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي ته جيئن هر پاڪستاني جي زندگي آسان بڻائي سگهجي. هن چيو ته گذريل سال مهانگائي 23 سيڪڙو هئي جيڪا هن سال 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، اميد آهي ته ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي. هن چيو ته سموريون سياسي پارٽيون حڪومت جي انهن قدمن کي ساراهين پر اهي ان ماڊل کي اختيار ڪن ۽ ان کي اڳتي کڻي هلن ته جيئن گرمين جي مهينن ۾ عوام کي سبسڊي جي ذريعي ريليف ڏئي سگهجي. هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ پائيدار حل به آندا پيا وڃن، بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي نجڪاري سميت بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ پڻ قدم کنيا پيا وڃن. آءِ پي پيز سميت ٻين معاملن جي لاءِ هڪ ٽاسڪ فورس جوڙي وئي آهي جنهن جي سفارشن تي عملدرآمد ڪرايو ويندو. هن چيو ته وفاق ۽ پنجاب پاران گرمين جي ٽن مهينن جي لاءِ عوام کي بجلي جي قيمتن ۾ ڏنل ريليف بهترين قدم آهي جنهن کي سڀني کي ساراهڻ گهرجي.