ڪراچي- 14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جشن آزادي تي مايوسي پکيڙيندڙن کي خبردار ڪندي چيو آھي تھ قوم اڳ بھ مشڪل حالتن کان نڪري آئي ھئي ۽ ھاڻي بھ ڏکيائين جو مقابلو ڪري رھي آھي ۽ پھرين کان وڌيڪ طاقتور تي اڀرندي. قائداعظم جي مزار تي حاضري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هن وقت ملڪ ۾ بحرانن جو وڏو سبب اهي عنصر آهن جيڪي قوم خاص ڪري نوجوانن ۾ مايوسي پکيڙي رهيا آهن. ڏکيائيون ضرور آهن پر صورتحال ايتري خراب ناهي جيتري ڪجهه عنصر پنهنجي سياسي ۽ ذاتي مفاد خاطر ٻڌائي رهيا آهن. اهي وساري رهيا آهن ته هي قوم باھمت آهي. 2022ع جي ٻوڏ ۽ ان کان پوءِ قوم جو ٻيهر اڀرڻ ان جو ثبوت آهي. هن چيو ته ٻوڏ کانپوءِ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل هتي آيو هو ۽ هن جو چوڻ ھو تھ پاڪستان ايندڙ چئن سالن تائين پاڻي ۾ ٻڏيل رھندو پر هن قوم اتحاد ۽ جذبي سان ان ڏکئي وقت جو مقابلو ڪيو. نفرت ۽ نااميدي پکيڙڻ وارا هن ملڪ کي نقصان پهچائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جو عوام اصل طاقت جو سر چشمو آهي. اهي ماڻهو هن ملڪ کي ھاڻوڪين ڏکيائين مان پڻ آزادي ڏياريندي. وڏي وزير فلسطين ۾ جاري اسرائيلي بربريت جي پڻ مذمت ڪئي. ھن گڏيل قومن ۽ اسلامي دنيا کي اپيل ڪئي ته هو جنگ بندي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو تھ ڪشمير ۾ به ماڻهو آزادي لاءِ قربانيون ڏئي رهيا آهن، گڏيل قومن کي به ڪشمير بابت پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائڻ گهرجي. وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ظلم بند نه ڪيو ويو ته عوام جو گڏيل قومن ۽ عالمي برادري تان اعتماد ختم ٿي ويندو. ان موقعي تي هن پاڪ فوج ۽ پوليس جي شهيدن کي به خراج عقيدت پيش ڪيو، اچو ته عزم ڪيون صدر آصف علي زرداري، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه ڊاڪٽر محمد اقبال جي نظريي جي مطابق ترقي واري راهه تي گامزن ٿيون. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ جي مزار قائد تي پهچڻ تي آءِ جي پوليس، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين سندس آجيان ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه گورنر محمد ڪامران ٽيسوري سان گڏ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي، فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا. جهنڊو ڦڙڪائڻ واري تقريب ۾ مختلف ملڪن جي سفارتڪارن، سول سوسائٽي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن شرڪت ڪئي. وڏو وزير مزار قائد تي ٻارن سان مليو ۽ ساڻن گڏ قومي ترانو پڙهيو ۽ ٻارڙن سيلفيون پڻ ورتيون. وڏي وزير جشن آزادي جي موقعي تي ٻارن سان رلجي ويو ۽ سندن جذبي جي واکاڻ ڪئي.