ڪراچي- 14 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ آزادي ڏھاڙي تي ٻارن کي معذوري کان بچائڻ جو پڪو پھھ ڪندي ڪراچيءَ ۾ پوليو کان نجات مھم جي شروعات ڪري ڇڏي. شھر جي 85 يونين ڪونسلز ۾ پوليو کان آزادي واري مھم جي شروعات ڪئي وئي. مھم دوران 11 لک ٻارن کي ويڪسينيشن لڳائيون وينديون. انتھائي حساس علائقن ۾ چئن مھينن کان پنجن ورھين جي 10 لک 87 ھزار ٻارن کي جديد انجيڪشن لڳايون وينديون. پوليو مھم 15 کان 25 آگسٽ 2024ع تائين جاري رھندي. اھي ڳالھيون وڏي وزير ڪراچي شھر جي علائقي گارڊن ايسٽ ۾ قائم خالد جميل ڊسپينسريءَ ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري پوليو کان آزاديءَ واري مھم جو افتتاح ڪيو. انھيءَ دوران صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوھو، صوبائي وزير رٿابندي ۽ توانائي سيد ناصر حسين شاھھ، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ثقافت کاتي وارو وزير ذوالفقار شاھھ پڻ موجود ھئا. ان موقعي تي وڏي وزير چيو تھ پوليو کان متاثر ڪراچي جي حساس علائقن ۾ جديد انجيڪٽر ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جنهن سان شهر کي پوليو کان پاڪ بڻائڻ ۾ مدد ملندي ته جيئن وائرس صوبي جي ٻين علائقن ۾ پکڙجي نه سگهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته هلندڙ سال سڄي ملڪ ۾ پوليو جا 14 ڪيس سامهون آيا آهن، جن مان ٻه سنڌ ۾ رپورٽ ٿيا آهن. پوليو هڪ موذي مرض آهي جيڪو ٻار جي زندگي تباهه ڪري ٿو. وڏي وزير چيو ته هيلٿ ورڪرز، رضاڪارن ۽ سماجي اڳواڻن جي ڏھاڪن کان سهڪار سان پوليو جي ڪيسن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي پر وائرس اڃا به موجود آهي، جنهن لاءِ اسان کي محتاط رهڻ جي ضرورت آهي. ڪاميابي والدين، سرپرستن ۽ سماجي اڳواڻن جي مدد سان ئي ممڪن آهي. هن زور ڀريو ته هڪ به ٻار ويڪسينيشن کان رهجي نه وڃي. سيد مراد علي شاهه چيو ته سندس حڪومت قوم جي مستقبل کي پوليو کان محفوظ بڻائڻ جي عزم سان جشن آزادي ملهائي رهي آهي. اچو ته پنهنجي ٻارن کي پوليو کان بچائڻ جو عزم ڪيون ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايون ته ڪو به ٻار پوليو ويڪسين کان محروم نه رهي. وڏي وزير ھيلٿ ورڪرز، رضاڪارن ۽ پوليو مهم ۾ شامل سمورن ماڻهن جا ٿورا مڃيا ۽ انهن جي عزم کي پوليو خلاف جنگ ۾ اھم جٿو قرار ڏنو. مراد علي شاهه چيو ته اسان گڏجي پوليو کان آزادي حاصل ڪري سگهون ٿا. الله تعاليٰ اسان جي ٻارن ۽ قوم جو حامي ۽ ناصر آھي.