اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان جا دروازا دنيا جي لاءِ کوليا پيا وڃن، 126 ملڪن مان پاڪستان ايندڙ سياحن جي لاءِ ويزا فيس ختم ڪئي وئي آهي، اي ويزا پاليسي متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا اڄ رات کان لاڳو هوندي، نار ملڪن جا رهواسي رڳو پاسپورٽ کڻي پاڪستان اچن، انهن کي آن آرائيول ويزا جاري ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيرس اولمپڪس ۾ پاڪستان کي گولڊ ميڊل کٽڻ جو اعزاز حاصل ٿيو جنهن تي پوري ملڪ ۾ جشن ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته هر طرف کان سٺيون خبرون اچي رهيون آهن، پنجاب سميت سموريون صوبائي حڪومتون انهن خوشين ۾ شريڪ آهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي جيولين ٿرور ارشد نديم جو وطن واپسي تي غيرروايتي انداز ۾ استقبال ڪيو ويو، کيس هيرو ويلڪم ڏنو ويو، سندس جهاز کي واٽر ڪينن سان سلامي ڏني وئي. ارشد نديم پيرس اولمپڪس ۾ رواني ٿيڻ کان اڳ به وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي هئي، سندس ڪجهه مسئلا هئا جن کي حل ڪيو ويو هو. هن چيو ته پاڪستان 40 سالن کانپوءِ گولڊ ميڊل ۽ 32 سالن کانپوءِ ڪو ميڊل کٽيو آهي جيڪو خوشي جوڳو آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي اها خوش وڌيڪ ٻيڻي ٿي وئي آهي. هن چيو ته اڄ پنجاب جي وزيراعليٰ ميان چنون ۾ ارشد نديم سان سندس گهر وڃي ملاقات ڪئي ۽ سندس حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته اسان جي گذريل دور ۾ ڊپارٽمينٽل اسپورٽس جي بحالي هڪ سٺو قدم هو. اسپورٽس مين جي روزگار جو ذريعو ئي اسپورٽس هوندو آهي، ڊپارٽمينٽل اسپورٽس ان جي لاءِ شروع ڪئي وئي هئي ته جيئن اسان جي رانديگرن جي راندين جون سرگرميون متاثر نه ٿين. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم کي اسلام آباد ۾ هيرو ويلڪم ڏنو ويندو، هو ريڊ زون ۾ قيام ڪندو ۽ ان کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ سندس اعزاز ۾ سرڪاري مانجهاندي جو اهتمام ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ارشد نديم پاڪستان جو جهنڊو پيرس ۾ بلند ڪيو، اتي پاڪستان جو ترانو وڄايو ويو، سبز هلالي جهنڊو سڀني کان مٿي هو ڇو ته ارشد جو جيولين ٿرو سڀ کان اڳتي هو. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم اولمپڪس ۾ رڪارڊ ٽوڙيو جيڪا وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته ارشد نديم جي هڪ منفرد ڪهاڻي آهي جيڪا لکين نوجوانن جي لاءِ مشعل راهه آهي. ارشد نديم جي زندگي تي هڪ شارٽ فلم ٺهڻ گهرجي جنهن جي اندر سندس پوري جدوجهد کي ڏيکارڻ گهرجي. هن چيو ته 14 آگسٽ جي مرڪزي تقريب ۾ به ارشد نديم کي گهرايو ويو آهي، هو وزيراعظم شهباز شريف سان گڏجي جهنڊو ڦڙڪائيندو. وفاقي وزير چيو ته ارشد نديم قوم جو هيرو آهي، سندس ڪاميابي تي اسان کيس مبارڪباد ڏيون ٿا. اي ويزا پاليسي بابت ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته 126 ملڪن جي لاءِ ويزا فيس ختم ڪئي وئي آهي، ويزا پروسيس کي آسان بڻايو ويو آهي، اڄ رات کان ان تي عملدرآمد شروع ٿي رهيو آهي. 126 ملڪن جي رهواسين جي لاءِ هڪ سادو فارم متعارف ڪرايو ويو آهي جنهن کي ڀرڻ ۾ 10 منٽ جو وقت لڳندو، جيئن ئي ان فارم کي ڀري ڪلڪ ڪيو ويندو ته فوري طور تي اي ويزا جاري ڪيو ويندو جيڪا 90 ڏينهن جي لاءِ ڪارائتي هوندي جنهن جي 90 ڏينهن کانپوءِ تجديد ٿي سگهندي. هن چيو ته ان فارم ۾ 30 سوال ڏنا ويا آهن جن جو جواب ڏيڻ تي ويزا جاري ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته انهن 126 ملڪن جي لاءِ ويزا فيس لاڳو نه هوندي، ماڻهن کي ويزا حاصل ڪرڻ جي لاءِ سفارتخانن ۽ هاءِ ڪميشنز ۾ نه وڃڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان خوبصورت ملڪ آهي، هتي تمام گهڻي پوٽينشل آهي، اسان چاهيون ٿا ته ٻاهرئين دنيا مان ماڻهو هتي اچن ۽ اسان جي ملڪ جي خوبصورتي ڏسن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ خوبصورت جبل ۽ خوبصورت واديون آهن، هتي ريگستان ۽ سمنڊ آهن، الله تعاليٰ اسان کي هر نعمت سان نوازيو آهي. هن چيو ته دنيا جي لاءِ پاڪستان ۾ سياحت کي آسان بڻائڻ گهرجي. وفاقي وزير ٻڌايو ته نار ملڪن کي آن آرائيول ويزا فراهم ڪيو ويندو. هن چيو ته سک ياترين کي به ويزا ۾ سهولت ڏني وئي آهي، سياحت ۽ ڪاروبار جي لاءِ پاڪستان جا دروازا دنيا لاءِ کليل آهن. هن چيو ته اي ويزا پاليسي اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو هوندي. آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي حوالي سان اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سڄي ملڪ ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان شاندار تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، چئني صوبائي حڪومتن ۾ به ان حوالي سان تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي اسلام آباد ۾ ايف نائين پارڪ ۾ جشن آزادي جو هڪ وڏو ايونٽ منعقد ڪيو پيو وڃي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاڪستان جو پهريون ڊرون شو منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سڀاڻي ايف نائين پارڪ ۾ 500 ڊرون نظر ايندا. هن چيو ته اها غيرسياسي تقريب آهي، ان ۾ رڳو پاڪستان جو جهنڊو نظر ايندو، ڪنهن سياستدان جي تصوير ان تقريب ۾ نه هنئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ محفوظ ۽ پرامن ملڪ آهي، ايئرپورٽ تي غيرملڪين جي لاءِ هڪ ڊيسڪ قائم ڪئي ويندي جتي سيڪيورٽي ادارن کي سياحن جي سفر بابت آگاهه ڪيو ويندو، سياحن جي سيڪيورٽي اسان جي اولين ترجيح آهي، گهرو وزارت صوبائي حڪومتن سان گڏجي سياحن جي سيڪيورٽي جي لاءِ بهترين انتظام ڪري رهي آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ هر سال هزارين سياح اچن ٿا، اتي پاڪستاني گهٽ غيرملڪي وڌيڪ هوندا آهن. گلگت بتلستان ۾ سيڪيورٽي جا بهترين انتظام آهن. هن چيو ته سياحن جي لاءِ سيڪيورٽي انتظامن ۾ وڌيڪ بهتري ڏسڻ ۾ ايندي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سعودي عرب، گڏيل عرب امارات سميت ٻين ملڪن جي دورن دوران اسان خيبرپختونخواهه جي اندر سياحتي جاين بابت تجويزون ڏنيون ته انهن علائقن ۾ هوٽلز کولي سگهجن ٿيون، اسلام آباد ۾ به هوٽلز جي کوٽ آهي، ان جي لاءِ به قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن نيون هوٽلون هتي قائم ٿين. هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحتي شعبي تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي، سياحن جي لاءِ معياري ۽ سستي رهائشگاهن جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪجهه ماڻهن ارشد نديم جي معاملي کي الجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، سوشل ميڊيا تي لائيڪس ۽ ويور شپ جي ڊوڙ جاري آهي، ڪوڙ، الزام، سازش ۽ ملڪ جي خلاف بيانيي کي رد ڪرڻو پوندو. نفرتن کان پاڪ پاڪستان اسان جي منزل آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پاڪ فوج دنيا جي بهترين فوجن ۾ شامل ٿئي ٿي، پاڪ فوج ۾ ميرٽ جو نظام آهي، پاڪ فوج ۾ احتساب جي نظام تي سوال نه ٿو اٿاري سگهجي.