ڪراچي-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) ۽ شهر جي 25 ٽائون ايڊمنسٽريٽرن سان ملاقات ڪندي هدايت ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن کي تيز ڪيو وڃي ۽ سڄي شهر ۾ صفائي سٿرائي کي يقيني بڻايو وڃي. هن اهي هدايتون وزيراعليٰ هائوس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي جاري ڪيون. وڏي وزير يونين ڪائونسلن، ٽائونز ۽ ڪي ايم سيز سميت چونڊيل مڪاني ادارن جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن شهر جي رهواسين جي ڀرپور خدمت ڪري سگهجي. وڏي وزير چيو ته هاڻي اسان مڪاني ادارا چونڊيا آهن ۽ انهن جي ذميواري آهي ته اهي پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ عوام ۽ شهر کي فائدو پهچائين. اجلاس ۾ ترقي ۽ رٿابندي واري صوبائي وزير ناصر شاهه، مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. جيوگرافڪ انفارميشن سسٽم تي ٻڌل ڊور ٽو ڊور پراپرٽي ٽيڪس سروي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير سعيد غني، وڏي وزير کي ٻڌايو ته ٻوليون ملي ويون آهن. انهن ٻولين جو ٽيڪنيڪل جائزو مڪمل ڪري ورلڊ بئنڪ سان شيئر ڪيو ويو آهي. هڪ ڀيرو منظور ٿيڻ کانپوءِ هلندڙ مهيني جي آخر تائين مالياتي ٻوليون کوليون وينديون، پراجيڪٽ کي سيپٽمبر جي ٻئي هفتي تائين ڏيڻ جو امڪان آهي. صوبائي وزير ناصر شاهه وڌيڪ ٻڌايو ته جيوگرافڪ انفارميشن سسٽم تي ٻڌل مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم سان گڏ اربن اموويبل پراپرٽي ٽيڪس سروي لاءِ هڪ موبائل ايپليڪيشن، عالمي بئنڪ جي خريداري جي ضابطن موجب انٽرنيشنل ڪمپيٽيٽو بڊنگ جو عمل جاري آهي. هن چيو ته هي منصوبو عالمي بئنڪ جي منظوري سان شروع ٿيندو. وڏي وزير مراد علي شاهه پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ ۽ لوڪل گورنمينٽ جي کاتن تي زور ڀريو ته پراپرٽي ٽيڪس سروي کي تيز ڪيو وڃي، هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته شهر جي منصوبابندي ۽ ترقي لاءِ مڪاني ادارن جي وسيلن ۾ اضافو ضروري آهي. وڏي وزير ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي هدايت ڪئي ته 6 اهم ترقياتي منصوبن جي ڪاغذي ڪارروائي تيز ڪئي وڃي جن جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ۾ شاداب فٽبال گرائونڊ جي بحالي بلاڪ 11، ايف بي ايريا، شادمان ٽائون ۾ پارڪ ۽ آئي ٽي سينٽر جي تعمير، بلديا اسٽيڊيم جي بحالي، ميمڻ ڳوٺ روڊ جي تعمير، مختلف علائقن جي يونين ڪائونسلن ۾ ملٽي پرپز ڪميونٽي سينٽرن جي تعمير ۽ ملير ۾ ڪميونٽي سينٽر جي ترقي شامل آهي. ميئر، وڏي وزير کي يقين ڏياريو ته ڪميونٽي سينٽر جا ٻه منصوبا منظور ڪيا ويا آهن، باقي زمين حاصل ڪرڻ جا مسئلا حل ڪيا پيا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي ته ڪراچي جي 25 ٽائونن ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪيا وڃن. هن چيو ته ڪلڪ پروجيڪٽ تحت هلندڙ منصوبن لاءِ 10430 ملين رپيا رکيا ويا آهن. وڏي وزير گهٽين، روڊن ۽ عوامي هنڌن جي سار سنڀال جي اهميت تي زور ڀريندي شهرين تي زور ڏنو ته هو سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ سروسز کي اثرائتي طريقي سان استعمال ڪن. هن شهر جي سمورن ٽائونن ۾ اسٽريٽ لائيٽن جي مرمت يا انسٽال ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو، انهي ڳالهه کي يقيني بڻائڻ ته سڀئي عوامي جڳهون ڀلي ريت محفوظ آهن. آئون چاهيان ٿو ته گهٽيون ۽ رستا سٺي حالت ۾ هجن، پارڪ ۽ عوامي هنڌ چڱي طرح تيار هجن ۽ اسٽريٽ لائيٽون ڪم ڪنديون هجن. وڏي وزير هدايت ڪئي ته ڪراچي جي رهواسين جي ڀلائي ۽ حفاظت لاءِ اهو ضروري آهي.