ڪراچي-13 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير جي لائيواسٽاڪ ۽ فشريز بابت صلاحڪار سيد نجمي عالم چيو آهي ته سمنڊ جي پاڻي کي مٺو ڪري اسان ٽيونا فش جي افزائش ڪرڻ گهرون ٿا ته جيئن يورپي يونين جي گهربل معيار تي پورو لهي اسان ان مڇي جي قسم جو روانگي واپار ڪري سگهون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي آفس ۾ آر ايس ڊبليو سسٽم جي چيئرپرسن محترم نويلا جي اڳواڻي ۾ آيل هڪ وفد جنهن ۾ محمد عمير، محمد احد ۽ ڊائريڪٽر آپريشن ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي محمد عاصم هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صوبائي صلاحڪار کي بريفنگ دوران ڄاڻ ڏني وئي ته اسان وٽ آر ايس ڊبليو سسٽم تحت ٽيونا فش کي سامونڊي پاڻي مٺو ڪري ان جي افزائش ڪرڻي آهي ۽ ان لاءِ ان مٺي پاڻي جي برف ۽ برف ٺاهڻ جو پلانٽ ان بوٽ ۾ تيار هوندو آهي. ٽيونا فش کي ان مشينري سسٽم تحت تازو رکي اسان ان جو روانگي واپار ڪري سگهون ٿا جنهن سان پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو بهترين موقعو پڻ ملي سگهي ٿو. سيد نجمي عالم کي اهو به ٻڌايو ويو ته اسان اها نئين ٽيڪنالاجي مارڪيٽ ۾ آندي آهي ان مان ڪراچي فشريز هاربر اٿارٽي کي فائدو وٺڻ گهرجي. ان موقعي تي سيد نجمي عالم چيو ته اسان هر ان موقعي جو فائدو وٺڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيون جنهن سان يورپي يونين پاران لڳل پابندي ختم ڪرائي مڇيءَ جو روانگي واپار ٿئي ته جيئن پرڏيهي ناڻي کي ملڪ آڻي سگهجي.