ڪراچي-07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هلندڙ 3 ارب 40 ڪروڙ جي منصوبن جو جائزو ورتو ويو. ورلڊ بئنڪ جي وفد ۾ ڪامران اڪبر، مرتضيٰ نوراني، عمر رياض، وليد انور، عظميٰ صدف ۽ ٻيا شامل هئا. جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ، ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو، ناصر حسين شاهه، سعيد غني، سردار شاهه، ڄام خان شورو، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، صوبائي سيڪريٽرين ۽ ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان هلندڙ منصوبن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽرن شرڪت ڪئي، ورلڊ بئنڪ جي وفد کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي موبيلٽي پروجيڪٽ جو مقصد شهرين کي مختلف ڪوريڊور ذريعي محفوظ سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي. منصوبي ۾ ييلو لائين، بي آر ٽي ڪوريڊور لاءِ ٻن پلن جي تعمير، ييلو لائين بي آر ٽي سسٽم جي مڪمل ٿيڻ، منصوبي لاءِ ٽيڪنيڪل سهولتون ۽ گنجائش وڌائڻ جا قدم شامل آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڄام صادق پل 6 آگسٽ تي مڪمل ڪئي وئي. ان پل جي ٽيسٽ 7 جولاءِ تي ڪئي وئي جڏهن ته وزن کڻڻ واري ٽيسٽ 12 آگسٽ تي ٿيڻي آهي. ييلو لائين بي آر ٽي سسٽم جي مڪمل ٿيڻ بابت اجلاس کي ٻڌايو ويو ته واڪ اپريل 2024ع ۾ مليا. ورلڊ بينڪ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ايندڙ هفتي سومر تي معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ رهائشي سهولتن کي بهتر بڻائڻ واري پروگرام CLICK جو مقصد شهري معاملن جي بهتر انتظامن، خدمتن جي فراهمي، ڪاروباري ماحول کي سازگار بڻائڻ ۽ ڪنهن به بحران ۾ وقت سِر امدادي ڪارروائين کي يقيني بڻائڻ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پراپرٽي ٽيڪس سروي لاءِ گرافڪ انفارميشن سسٽم (GIS) ۽ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم (MIS) تيار ڪيو پيو وڃي، اجلاس کي اهو به ٻڌايو ويو ته عالمي بينڪ کي ٽيڪنيڪل تفصيل فراهم ڪيا ويا آهن، 30 آگسٽ 2024ع تائين ڪمپني کي به شامل ڪيو ويندو. ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج پروگرام جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ان جو مقصد شهر ۾ صاف پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ، واٽر بورڊ جي مالي ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻائڻ آهي. ورلڊ بينڪ جي ٽيم کي ٻڌايو ويو ته منصوبي جي سمورن وڏن پروڪيورمينٽ لاءِ ٽينڊر جاري ڪيا ويا آهن. منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون جاري آهن. سڀني ٻولين جو جائزو ورتو پيو وڃي ۽ ڪامياب ٻولين جي صورت ۾ سيپٽمبر ۾ معاهدي تي صحيحون ڪيون وينديون. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ورلڊ بينڪ ڪي فور لاءِ 23 ڪروڙ 80 لک رپيا جاري ڪيا آهن، صوبائي حڪومت پنهنجو حصو جاري ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڪي فور منصوبي تي جلد ڪم شروع ڪيو ويندو. سنڌ سولر انرجي پروجيڪٽ بابت ٻڌايو ويو ته ان جو مقصد صوبي ۾ سولر انرجي مان بجلي پيدا ڪري عوام تائين منتقل ڪرڻ آهي. منصوبي تحت سرڪاري عمارتن کي سولر ڪرڻ ۽ گهرن ۾ سولر سسٽم جي ورڇ کان علاوه سولر پارڪ به قائم ڪيا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سولر پارڪ قائم ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو آهي پر ان کي گرڊ سان ڳنڍڻ لاءِ اين ٽي ڊي سي پاران نيپرا جي نظرثاني رپورٽ جي منظوري جو انتظار آهي. ڄامشورو ضلعي جي مانجهند واري علائقي ۾ سولر پارڪ لاءِ زمين جي نشاندهي جو ڪم هلندڙ آهي. وڏي وزير بورڊ آف روينيو کي هدايت ڪئي ته ڪم جلد مڪمل ڪري رپورٽ فراهم ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 34 سرڪاري عمارتن کي شمسي توانائي تي تبديل ڪيو ويو آهي. ورلڊ بينڪ جي ٽيم سنڌ حڪومت کي 2 لک خاندانن ۾ سولر سسٽم ورهائڻ لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو. سنڌ ۾ پرائمري ايجوڪيشن امپروومينٽ پروگرام SELECT بابت ٻڌايو ويو ته پروگرام جو مقصد شروعاتي پرائمري ڪلاسن ۾ تعليمي مهارتن کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪجهه ضلعن ۾ پرائمري ڪلاسن ۾ ٻارن جي داخلا کي وڌائڻ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پرائمري ڪلاس جي ٻارن کي پڙهائڻ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مقامي سطح تي ڪجهه شيون تيار ڪيون ويون آهن. پهرين ۽ ٻئي ڪلاس لاءِ تيار ڪيل هي مواد سيپٽمبر 2024 تائين دستياب هوندو. سنڌ واٽر ڊسٽري بيوشن امپروومينٽ پروگرام کي ٻڌايو ويو ته ان پروگرام جو مقصد پاڻي جي وسيلن جي انتظام کي بهتر بڻائڻ، پاڻي جي فراهمي، مخصوص زرعي مراعتن ۽ ٻوڏ جي صورت ۾ هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان حوالي سان قانوني مشاورت ڪئي وئي آهي. واٽر پاليسي تي عملدرآمد لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو پهريون اجلاس سيپٽمبر جي پهرين هفتي ۾ ٿيندو. ڪميٽي جو مقصد پاڻي بابت نوان قانون ٺاهڻ هوندو. اجلاس ۾ اڪرم واهه جي بحالي تي غور ويچار ڪيو ويو ۽ اڪرم واهه کي آر ڊي 193-0 سان ڳنڍڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پراجيڪٽ اسٽيئرنگ ڪميٽي اڪرم واهه ڪينال جي لائيننگ جي تجويز اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتي. اتفاق ڪيو ويو ته پروجيڪٽ جا صلاحڪار حتمي فيصلو ڪرڻ کان اڳ جاگرافيائي سروي ڪندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 1246 مان 97 سيڪڙو يعني 1210 ٻوڏ متاثرن کي ادائگي ڪئي وئي آهي، باقي رقم دستاويزن جي تصديق کانپوءِ ادا ڪئي ويندي. ان حوالي سان ميڊيا مهم شروع ڪئي وئي جيڪا آگسٽ 2024ع تائين مڪمل ڪئي ويندي. ورلڊ بئنڪ جي ٽيم کي ٻڌايو ويو ته 15 جولاءِ تائين 25 ايڪڙ زمين رکندڙ 296470 هارين مان اڪثر کي ادائيگيون ڪيون ويون آهن جڏهن ته ساڍا 12 ايڪڙ وارا 235470 هارين مان 68 سيڪڙو کي معاوضو ڏنو ويو. صحت پروگرام (SIHPP) جو مقصد صوبي ۾ ماءُ ۽ ٻار جي حفاظت، نون ڄاول ٻارن جي صحت ۽ غذائي صورتحال کي بهتر بڻائڻ آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته منصوبي لاءِ 60 ايمبولينس، 30 موبائل ميڊيڪل وينز ۽ 5 موبائل ليبارٽريون پهچي چڪيون آهن. ٽيم جي مقرري کانپوءِ وڌيڪ ايمبولينسن جي خريداري ڪئي ويندي. سنڌ سالڊ ويسٽ ايمرجنسي پروگرام تحت ڄام چاڪر ۾ ڪچري جي نيڪال لاءِ انتظام ڪيا پيا وڃن. ان حوالي سان سروي شروع ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ۽ ورلڊ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر هڪ مهيني کانپوءِ ٻيهر اجلاس منعقد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ ٽارگيٽن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.