ڪراچي-07 آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد مُلاقات ڪئي، مُلاقات ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ صوبائي حڪومت ۽ نيب وچ ۾ جامع سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو بقاءُ الله انور، سيڪريٽري جنگلات ۽ جهنگلي جيوت بدر جميل، چيف ڪنزرويٽر رياض وڳڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته نيب چيئرمين سان گڏ ڊي جي نيب ڪراچي جاويد اڪبر رياض، ڊي جي سکر فياض قريشي، ڊي جي آپريشنز طارق بٽ ۽ ٻيا شامل هئا. چيئرمين نيب وڏي وزير کي صوبي ۾ جاري انڪوائرين ۽ جاچ ۾ اهم اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو. وڏي وزير ۽ چيئرمين نيب گڏيل هم آهنگي ۽ ڪوششن سان بدعنواني جي خاتمي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. ڊي جي نيب ڪراچي جاويد اڪبر رياض وڏي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني جنهن ۾ نيب، ٻيلي کاتي ۽ سنڌ بورڊ آف روينيو جي گڏيل ڪوششن تي روشني وڌي جنهن جي نتيجي ۾ ٻيلي کاتي پاران سمورن زرعي ٻيلن جي ليز کي رد ڪرڻ، 98 سيڪڙو محفوظ ٻيلن جي زمين جي ميوٽيشن، حددخلين جو خاتمو، غير مجاز ۽ غير قانوني الاٽمينٽن جي منسوخي ۽ پاڪستان سروي ذريعي 75 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻيلن جي حد بندي ڪئي وئي. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته 1.8 ملين ايڪڙ ايراضيءَ تي پکڙيل ٻيلي جي ايراضي 3.6 ٽريلين روپين جي قيمت سان ڪاميابيءَ سان بحال/حاصل ڪئي وئي آهي ۽ ان جي جائز ملڪيت پڻ بحال ڪئي وئي آهي. وڏي وزير ۽ نيب چيئرمين وچ ۾ ٻيلن بابت باقي ننڍا ننڍا مسئلا ايندڙ ٽن مهينن ۾ حل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير ۽ چيئرمين نيب پاران ڊي جي نيب فياض احمد قريشي، ڊي جي نيب سکر جاويد اڪبر رياض، ڊي جي نيب ڪراچي، سيڪريٽري جنگلات بدر جميل مينڌرو، سيڪريٽري ايل يو قمر رضا بلوچ، چيف ڪنزرويٽر رياض وڳڻ ۽ سندن ٽيم جي سرڪاري زمين جي منتقلي بابت خدمتن کي ساراهيو ويو. اجلاس ۾ نيب ۽ سنڌ حڪومت رياست لاءِ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ مستحق آفيسرن کي سول ايوارڊز لاءِ نامزد ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. اجلاس جي پڄاڻي تي قومي احتساب بيورو جي چيئرمين سنڌ جي وڏي وزير کي ٻيلي جي زمين جي تازي ۽ درست روينيو رڪارڊ جي ڪاپي پيش ڪئي جيڪا تازو ئي نيب ۽ سنڌ حڪومت جي گڏيل ڪوششن سان زمين جي ڪامياب منتقلي کانپوءِ مرتب درست ڪيو ويو آهي. وڏي وزير ۽ چيئرمين نيب بدعنواني کي منهن ڏيڻ ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ لاءِ مضبوط باهمي ڀائيواري جي عزم کي ورجايو.