اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) حڪومت ۽ اتحادي پارٽين فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ اسرائيلي ڏاڍ جي واضح طور تي مذمت ڪندي 2 آگسٽ (جمعي ڏينهن) سڄي پاڪستان ۾ سوڳ جو ڏهاڙو ملهائڻ، اسماعيل هانيه شهيد جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪرڻ، فلسطين کي امدادي سامان جي پهچ جاري رکڻ ۽ پارليامينٽ ۾ فلسطينين سان مڪمل يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ خصوصي قرارداد پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جڏهن ته عالمي برادري سميت گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته اها پنهنجي خاموشي ٽوڙيندي صيهوني قوتن جي هٿان مظلوم فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ فوري طور روڪي ۽ اسرائيل کي جنگي ڏوهن ۽ فلسطينين تي ظلم جون سموريون حدون اورانگهڻ تي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ معصوم فلسطينين تي اسرائيل جي وڌندڙ ظلمن تي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جو مشاورتي اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان پيپلزپارتي، بلوچستان عوامي پارٽي، متحده قومي موومينٽ، استحڪام پاڪستان پارٽي، پاڪستان مسلم ليگ (ق)، پاڪستان مسلم ليگ ضياءَ، نيشنل پارٽي جا سربراهه ۽ سينيئر نمائندا شريڪ ٿيا. وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت تي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا. فلسطين جي تازي صورتحال تي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جي گڏيل پڌرنامي موجب شرڪت ڪندڙن گڏيل طور تي فلسطين ۾ 9 مهينن کان معصوم ماڻهن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن اسرائيلي ظلمن جي پرزور مذمت ڪندي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ۽ تهران ۾ حماس جي ليڊر اسماعيل هانيه جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اهو واقعو فلسطينين تي جاري ظلم ۽ ڏاڍ بند ڪرڻ ۽ خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڄاڻي واڻي سازش آهي، اهڙا واقعا دنيا جي امن کي تباهه ڪرڻ سان گڏوگڏ خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ جي ماحول کي هوا ڏين ٿا. وزيراعظم فلسطين ۾ جاري اسرائيل جي رياستي ظلم ۽ ڏاڍ کي مسلمان امت جي لاءِ الميو قرار ڏنو. پڌرنامي ۾ پرزور مطالبو ڪيو ويو ته معصوم فلسطينين جي فوري طور تي انساني همدرديءَ تحت امداد تائين پهچ يقيني بڻائي وڃي. اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پاڪستان فلسطين کي امدادي سامان جي پهچ جاري رکندو ۽ مظلوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن جي طبي امداد جي لاءِ موثر قدم کڻندو جنهن تحت فلسطيني زخمين کي علاج جي لاءِ پاڪستان آندو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فلسطين جي ميڊيڪل جي شاگردن کي پنهنجي تعليم جاري رکڻ جي لاءِ پاڪستان جي ميڊيڪل ڪاليجز ۾ امدادي بنيادن تي داخلا ڏني ويندي. اجلاس پنهنجي فسلطيني ڀينرن ڀائرن سان يڪجهتي ۽ اسرائيلي ڏاڍ جي واضح طور تي مذمت جي طور تي 2 آگسٽ (جمعي ڏينهن) سڄي پاڪستان ۾ سوڳ جو ڏهاڙو ملهائن جو فيصلو ڪيو. اجلاس ۾ سڀاڻي جمعي نماز کانپوءِ پوري ملڪ ۾ اسماعيل هانيه شهيد جي غائبانه جنازي نماز ادا ڪرڻ ۽ پارليامينٽ ۾ فلسطين سان مڪمل يڪجهتي جي اظهار جي لاءِ هڪ خصوصي قرارداد پيش ڪرڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن قرار ڏنو ته فلسطين ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ رياستي ظلم ۽ ڏاڍ سان اسرائيل گڏيل قومن جي قراردادن، انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلن ۽ عالمي قانونن جون ڌڄيون اڏائي رهيو آهي، جڏهن ته عالمي برادري ان تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. شرڪت ڪندڙن مطالبو ڪيو ته پوري عالمي برادري کي مصلحت مان نڪري ان ظلم ۽ ڏاڍ روڪڻ جي لاءِ واضح موقف اختيار ڪرڻو پوندو، نه ته عالمي قانونن ۽ ادارن جي حيثيت ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ سواليه نشان بڻجي رهجي ويندي. اجلاس ۾ عالمي برادري بشمول گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ويو ته هو پنهنجي خاموشي ٽوڙين ۽ صيهوني قوتن جي هٿان مظلوم فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ فوري طور تي روڪي ۽ اسرائيل کي جنگي ڏوهن ۽ فلسطينين تي ظلم جون سموريون حدون اورانگهڻ تي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ بيهارين.