ويانا _ 29 جولاءِ (اي پي پي) اٽلي جي ٽينس رانديگر ميٽوبيريٽيني پنهنجي شاندار ڪارڪردگي سبب جنرلي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جو مينز سنگلز ٽائٽل کٽي ورتو. 28 سالن جي اطالوي ٽينس رانديگر مردن جي سنگلز مقابلن جي فائنل ميچ ۾ فرانس جي هيوگوگيسٽن کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏئي هلندڙ سيزن ۾ ٽيون اي ٽي پي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. جنرلي اوپن ٽينس ٽورنامنٽ جو 80 هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.