ويانا _24 جولاءِ (اي پي پي ) سربيا جي ٽينس رانديگر لاسلو جيري جنرلي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ مردن جي سنگلز مقابلن جي فاتحاڻي شروعات ڪندي ٻئي رائونڊ ۾ پهچي ويو آهي. 29 سالن جي سربيا جي ٽينس رانديگر مينز سنگلز مقابلن جي شروعاتي رائونڊ ۾ جهموريه چيڪ جي مخالف رانديگر ويٽ ڪوپريوا کي شڪست ڏني . جنرلي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو 80 هون ايڊيشن آسٽريليا ۾ جاري آهي . جنهن ۾ ٽينس جي مداحن کي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.