ڪراچي-22 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مُلڪ ۾ ڪجھ نه پيو ٿئي، پريشاني جي ڪابه ڳالھ ناھي، عوام ۽ سيڙپڪارن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناھي، حڪومت ڪم ڪندي رھندي، عوام ڪنھن به قسم جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، سازشي ٽولا پاڪستان کي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا، پاڪستاني قوم انھن سازشن کي ناڪام بڻائيندي، اسان جي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ لک ڀيرا سُٺو آھي، ماضي جا تجربا وڏا سخت رھيا آھن، اڳي جھاز ڀري ڀري ماڻھن جون وفادارين تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون، بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ قيمتون تمام وڏا چيلنجز آھن، قوم کي گڏجي اُنھن تي ضابطو آڻڻو پوندو، سنڌ حڪومت عوام کي مختلف شعبن ۾ بهتر رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن. ڪراچي ۾ هاڪس بي کان ٽاور تائين شروع ٿيندڙ پيپلز بس سروس جي نئين روٽ نمبر 13 جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي هر شعبي ۾ رليف فراھم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عوام کي رليف پھچائڻ جي سلسلي ۾ ھاڪس بي کان ٽاور تائين نئين روٽ جو افتتاح ڪيو ويو آھي، اسان چاهيون ٿا ته ھيٽ اسٽروڪ ۾ عوام کي ايئرڪنڊيشنڊ بسون فراهم ڪيون ته جيئن اھي آساني سان سفر ڪري سگهن. هن چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي سان گڏ ٻيا به ڪيترائي چئلينجز آهن، مھانگائي جو طوفان به آهي. بجلي جا اگهه ۽ لوڊشيڊنگ هڪ للڪار آهي، وفاقي سطح تي پاليسي ساز مسلم ليگ ن آهي پر پاڪستانين جي حيثيت سان اسان سڀني جي ذميواري آهي. اسان عوام لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، هتي هڪ راءِ قائم ڪئي وئي آهي ته حڪومت ڪم نه پئي ڪري پر سنڌ سرڪار ڪم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت عوام کي مختلف شعبن ۾ بهتر رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا آهن، صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت پاران بهترين اسپتالون قائم ڪيون ويون آهن. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪجھ ماڻھو عوام ۾ مايوسي پکيڙي رھيا آھن، آئون يقين ڏياريان ٿو ته مايوسي جي ڪابه ڳالھ ناھي، ڪجھ ماڻھو ناڪاري ڳالھيون ڦھلائن پيا ته پندرنھن ويھن ڏينھن ۾ ملڪ ۾ ڪجھ ٿيڻ وارو آھي، پر پريشاني جي ڪابھ ڳالھ ناھي، ملڪ ۾ ڪجھ به نه پيو ٿيڻ وڃي، عوام ۽ سيڙپڪارن کي پريشان ٿيڻ جي ضرورت ناھي، حڪومت ڪم ڪندي رھندي، عوام ڪنھن به قسم جي سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي، سازشي ٽولا پاڪستان کي نقصان پھچائڻ چاھين ٿا، پاڪستاني قوم انھن سازشن کي ناڪام بڻائيندي، ھي ملڪ اسان سڀني جو آھي، اسان کي ئي سڀ ڪجھ ٺيڪ ڪرڻو آھي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون گڏ ڪم ڪري رھيون آھن، سمورا وزير محنت ڪري رھيا آھن، ڪو به ٻاھر کان اچي اسان جون حالتون صحيح نٿو ڪري سگھي، ملڪ جي لاءِ اسان کي پاڻ ئي ڪم ڪرڻو پوندو. ھن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو قانون پڙھي وٺو، اُن ۾ واضح لکيل آھي ته ڪھڙي پارٽي چونڊ وڙھڻ جي اھل آھي ۽ ڪھڙي نه آھي، پي ٽي آءِ پنھنجي فارن فنڊنگ جا اڪائونٽ لڪايا، شاھراھ فيصل تي بسن کي باهه ڪنھن ڏني، اھو نٿو ٿي سگھي ته اوھان مشھور آھيو ته اوھان کي 100 خون به معاف آھن، مشھور ھجڻ جو اھو مطلب ناھي ته اوھان قانون ھٿن ۾ کڻو ۽ ملڪ خلاف سازشون ڪيو، ڪوبه قانون کان مٿانھون ناھي، مختلف ملڪن ۾ پي ٽي آءِ جي باني جي حق ۾ ٺھراءَ منظور ٿي رھيا آھن، اسان جي ملڪي معاملن تي ملڪ کان ٻاھر خط لکيا پيا وڃن، پي ٽي آءِ جي باني آءِ ايم ايف کي چيو ته پاڪستان جي امداد روڪي وڃي، ڪنھن به جمھوريت ۾ ڪنھن کي به قانون ھٿن ۾ کڻڻ جي اجازت نه ھوندي آھي، قانون ھٿ ۾ کڻڻ وارو شخص جيڪڏھن اسريل ملڪن ۾ بُرو آھي ته اسان وٽ سُٺو ڪيئن ٿو ٿي سگھي. سينئر وزير فرينڪفرٽ واقعي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ھر دور ۾ افغانستان تي احسان ڪيا آھن، فرينڪفرٽ ۾ پاڪستاني جهنڊي جي بيحرمتي ڪندڙن خلاف افغان حڪومت ڪارروائي ڪري ۽ فرينڪفرٽ جي انتظاميه به اھڙن ماڻھن کي گرفتار ڪري ۽ مُلڪ بدر ڪري. ھن چيو ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ جو ڪردار ماضي جي ڀيٽ ۾ اڄ لک ڀيرا سُٺو آھي، ماضي جا تجربا وڏا سخت رھيا آھن، اڳي جھاز ڀري ڀري ماڻھن جون وفادارين تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ ۽ قيمتون تمام وڏا چيلنجز آھن، قوم کي گڏجي اُنھن تي ضابطو آڻڻو پوندو، اسان سڀني کي گڏجي مسئلن جي حل ۽ ملڪي بھتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ھڪ سوال جي جواب ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته آمريڪا جي چونڊن ۾ ڪافي شيون چٽيون آھن، آمريڪا واري شخص ۽ ھتي جيل ۾ موجود شخص جي سوچ ھڪجھڙي آھي، ٻنھي جي سياست نفرت تي ٻڌل آھي، ليڊر اھو ھوندو آھي جيڪو سڀني کي گڏائڻ جي ڳالھ ڪري، عوام اھڙن ماڻھن کي آڻي جيڪي جوڙڻ جي ڳالھ ڪندا ھجن. ھن چيو ته اسان جي وچ ۾ ورڇ جا ٻج ڇٽيا ويا، سياست ۾ ھڪ شخص انتھاپسنداڻي سوچ جو بنياد وڌو ۽ ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙھايو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ماحوليات ھن وقت عالمي مسئلو آھي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀني کان پھرين عالمي فورم تي ماحوليات جي حوالي سان ڳالھ ڪئي، ماحولياتي تحفظ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، وڻ لڳائڻ جو سوچڻو پوندو، جيڪڏھن ڪو شخص 100 وڻ پوکي نٿو سگھي ته اھو ھڪ ئي وڻ لڳائي، قوم طور اھا اسان سڀني جي ذميواري آھي، تقريب ۾ پ پ ايم پي اي لياقت آسڪاڻي ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.