ڪراچي-22 جولاءِ (اي پي پي) صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي صدارت هيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ يوسف ديوان گروپ سان اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري صنعت ۽ واپار محمد ياسين شر بلوچ، ايم ڊي سائٽ غضنفر علي قادري، ديوان گروپ جا نمائندا حسن ظفر، سعد مراد خان، ڪيپٽن (ر) ڪاشف رياض ۽ صالحه حسن پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڳالهائيندي صنعت ۽ واپار واري صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته ماحولياتي آلودگي کي ختم ڪرڻ لاءِ اليڪٽرڪ گاڏيون وقت جي ضرورت آهن. پاڪستان دنيا جي آلودگي وارن ملڪن مان هڪ آهي ۽ انهن گاڏين جي استعمال سان ماحولياتي آلودگي کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته مقامي سطح تي اليڪٽرڪ گاڏين جي تياري سان نه رڳو پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پرمقامي سطح تي روزگار جا موقعا پڻ پيدا ٿيندا. ڄام اڪرام الله ڌاريجو وڌيڪ چيو ته ننڍي سائيز جون فائر ٽرڪون به وقت جي ضرورت آهن ڇو ته اهي ٽرڪون سوڙهين گهٽين ۽ تنگ علائقن مان آسانيءَ سان هلي سگهن ٿيون ته جيئن باهه لڳڻ جي صورت ۾ باهه وسائي سگهجي. صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ وڌيڪ چارجنگ اسٽيشنون لڳائڻ جي ضرورت آهي. عام ماڻهوءَ کي اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال لاءِ همٿائڻ لاءِ وڏي پئماني تي پبلسٽي ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ديوان گروپ جي نمائندن کي يقين ڏياريو ته حڪومت گاڏين جي صنعت کي فروغ ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي. لاڳاپيل ادارن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته سرڪاري کاتن ۾ اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال کي هٿي ڏني ويندي.