لاڙڪاڻو-22 جولاءِ (اي پي پي) ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب طرفان 10 ڏينهن جي پرڏيهي دوري تي روانو ٿيڻ کان پوءِ ڊي آءِ جي ٽريفڪ حيدرآباد فدا حسين مستوئي لاڙڪاڻي پهچي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي اضافي چارج سنڀالي ورتي آهي. ڊي آءِ جي فدا حسين مستوئي جي ڊي آءِ آفيس لاڙڪاڻو آمد جي موقعي تي پوليس جي جٿي کيس سلامي ڏني بعد ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو فدا حسين مستوئي سمورن هيڊ آف برانچن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هيڊ آف برانچن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کي پنهنجو الڳ الڳ تعارف ڪرايو. ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو طرفان هيڊ آف برانچن سان گڏجاڻي ڪري کانئن برانچ بابت معلومات ورتي ۽ کين ضروري هدايتون جاري ڪيون.