اسلام آباد- 05 جولاءِ(اي پي پي) عالمي بينڪ پاڪستان لاءِ نئين ڪنٽري پارٽنر شپ فريم ورڪ جي حوالي بلوچستان ۾ صلاح مشوري جو عمل مڪمل ڪري ورتو آهي، پاڪستان ۾ عالمي بينڪ جي ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن گذريل ڏينهن ٻڌايو ته پاڪستان لاءِ نئين ڪنٽري پارٽنر شپ فريم ورڪ جي جوڙ جڪ جي حوالي سان بلوچستان جي حڪومت، استادن شاگردن، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي سان صلاح مشوري جو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته بلوچستان جي وزيراعلي ۽ سندس ڪابينه جي ميمبرن سان ملاقاتن ۾ فريم ورڪ جي حوالي سان ڳالهيون ٿيون آهن،واضع رهي ته پاڪستان لاءِ نئين ڪنٽري پارٽنر شپ فريم ورڪ جي حوالي سان عالمي بينڪ ملڪ ۾ صلاح مشوري جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو مقصد پاڪستان جي معيشت ۽ ترقي سان لاڳاپيل چيلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ شرڪتدارن کان راءِ وٺڻ ۽ ان حوالي سان لائحه عمل تيار ڪرڻ آهي.