اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اربين رپين جي ٽيڪس چوري روڪڻ جي لاءِ ٽيڪس نظام جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن سان گڏوگڏ ان ڏوهه ۾ انهن جو ساٿ ڏيندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پڻ سزا ملندي، عوام جي پئسن تي ڌاڙو هڻندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو، ٽيڪس چوري جو ڪاٿو ۽ ان جي روڪٿام جي جامع رپورٽ پيش ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر جي سڌارن تي اعليٰ سطح جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن محمد اورنگزيب، احد خان چيما، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين، پاڪستان بزنس ڪائونسل جي سي اي او احسان ملڪ، ڪارانداز جي سي اي او وقاص الحسن ۽ لاڳاپيل عملدارن کانسواءِ ڊاڪٽر شمشاد اختر، نويد اندرابي، آصف پير ۽ علي ملڪ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ايف بي آر جي جاري ڊيجيٽائيزيشن جي عمل ۽ سڌارن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم چيو ته اهڙا ماڻهو (نان فائيلرز) جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا ۽ گوشوارا جمع نه ٿا ڪرائين انهن کي فوري طور تي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ڪسٽمز اپريزرز جو صوابديدي اختيار فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ايف بي آر چيئرمين ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ انهن هدايتن کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائي رپورٽ پيش ڪري. هن چيو ته ٽيڪس چوري ۾ ملوث ماڻهن سان گڏوگڏ ان ڏوهه ۾ انهن جو ساٿ ڏيندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي پڻ سزا ملندي، پاڪستاني عوام جي پئسن تي ڌاڙو هڻندڙن ۽ انهن جو ساٿ ڏيندڙن کي معاف نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اهڙا ٽيڪس ڏيندڙ جيڪي وقت سر پنهنجي ذميواري پوري ڪن ٿا انهن جي ان عمل تي پذيرائي ڪئي ويندي، بندرگاهن تي جديد ۽ عالمي معيار جا اسڪينرز هنيا وڃن جنهن سان نظام ۾ شفافيت ۽ ڪرپشن جو خاتمو ٿيندو. هن چيو ته ٽيڪس چوري جو ڪاٿو ۽ ان جي روڪٿام جي حوالي سان هڪ جامع رپورٽ پيس ڪئي وڃي، اربين رپين جي ٽيڪس چوري کي روڪڻ جي لاءِ ٽيڪس نظام جي ڊيجيٽائيزيشن حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٽيڪس نظام جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ سڌارن جي لاڳو ڪرڻ تي اڳڀرائي جي نگراني جي لاءِ فوري طور تي هڪ ڊيش بورڊ ٺاهيو وڃي، ٽيڪس جي حوالي سان عالمي سطح تي لاڳو بهترين نظام کي پاڪستان ۾ لاڳو ڪيو ويندو، ٽيڪس پاليسي جي جوڙجڪ جي لاءِ پيشيواراڻي طور تي سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن ۽ ماهرن جي مقرري ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاڳو ڪرڻ دوران 45 لک اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي صلاحيت رکن ٿا پر ٽيڪس نيٽ ۾ نه آهن، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ گذريل ڪجهه هفتن ۾ 3 لک کان وڌيڪ نوان ٽيڪس ڏيندڙن پنهنجا گوشوارا جمع ڪرايا آهن، گذريل ٻن هفتن ۾ انڊر انوائسنگ ۽ جعلي سيلز ٽيڪس ريفنڊز ڪندڙ 4 هزار ڪمپينن جي نشاندهي ڪري ريفنڊز روڪيا ويا آهن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايف بي آر ۾ سڌارن ۽ ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايتن تي عمل تيزي سان جاري آهي، ايف بي آر جي موجوده نظام ۽ افرادي قوت جي حوالي سان جائزو پنهنجي حتمي مرحلن ۾ آهي. وزيراعظم ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن ۽ سڌارن جي حوالي سان مقرر هدفن سان گڏ جامع حڪمت عملي ايندڙ اجلاس ۾ طلب ڪري ورتي.