اسلام آباد – 26 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مخالف ڌر کي مفاهمت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اچو ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏجي ويهي ڳالهيُون ڪريون، باني چيئرمين پي ٽي آءِ کي جيل ۾ جيڪڏهن ڪا مشڪلات آهي ته ان کان آگاهه ڪريو، ڪينسر جو مريض هجڻ جي باوجود آئون ته جيل ۾ نه رُنس، اسان نه ٿا چاهيون ته جيڪي زيادتيون اسان سان ٿيون اهي انهن سان ٿين. قومي اسيمبلي ۾ سني اتحادي ڪائونسل جي ميمبر علي محمد خان پاران ڪابينا ڊويزن جي ناڻي جي مطالبن تي ڪٽوتي جي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي وزيراعظم چيو ته علي محمد خان جو سندس دل ۾ تمام گهڻو احترام آهي، ساڻس 2018ع جي اسيمبلي ۾ سٺو تعلق رهيو آهي، اسان 2018ع جي جهرلو چونڊن جي باوجود نه رڳو ان جا نتيجا قبول ڪيا پر ان ايوان ۾ به آياسين، مون مخالف اڳواڻ طور پنهنجي پهرين تقرير ۾ ميثاق جمهوريت وانگر ميثاق معيشت جي آڇ ڪئي جڏهن ته اسان جي ان آڇ کي حقارت سان ٺڪرايو ويو ان ايوان ۾ جيڪي نعرا هنيا ويا اهي اسان جي تاريخ جو ڪارو ترين باب آهن. هن چيو ته اسان سياسي يا ڪنهن شعبي سان تعلق رکندڙ ڪنهن شخص سان زيادتي جي حق ۾ نه آهيون، انصاف جو پلڙو ڀاري رهڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته ان وقت جي اسيمبلي ۾ ٻئي سال به مون بجيٽ تي بحث دوران پنهنجي تقرير ۾ ميثاق معيشت جي آڇ ڪئي جڏهن ته ان وقت ٻيهر توهين آميز نعرا ايوان مان اسان جي خلاف بلند ڪيا ويا. هن چيو ته هن ايوان کي ڏسڻ گهرجي ته انهن تلخين جو ذميوار ڪير آهي، اڄ 76 سالن کانپوءِ به اسان اهڙي جڳهه تي بيٺل آهيون جتي هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ کان به ڪيٻايون ٿا. هن چيو ته انهن ئي ايوانن ۾ ماضي ۾ هڪ ٻئي تي تمام گهڻي تنقيد به ٿيندي هئي، هڪ ٻئي جي مخالفت به ٿيندي هئي جڏهن ته ان جي باوجود هڪ ٻئي جي ڏک سک ۾ شريڪ ٿيندا هئاسين. هن چيو ته جيڪڏهن باني چيئرمين کي جيل ۾ مشڪلاتون آهن ته ان حوالي سان اسان کي آگاهه ڪريو. هن هڪ ڀيرو ٻيهر گڏجي ويهي معاملا طئي ڪرڻ جي آڇ ڪندي چيو ته علي محمد خان پنهنجي تقرير ۾ ان جو به ذڪر ڪري ڇڏي ها ته جڏهن منهنجي والده جو لاڏاڻو ٿيو ته ان وقت آئون جيل ۾ هئس ۽ انهي ئي ڏينهن منهنجي پيشي هئي، مون جيل سپرنٽنڊنٽ کان پيشي کان ڇوٽ گهري پر هن انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان کي حڪم آهي ته مُون کي پيش ڪيو وڃي، پوءِ مون کي قيدين جي گاڏي ۾ پيشي تي وٺي ويا. وزيراعظم چيو ته آئون ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا هئس جڏهن ته آئون ڪڏهن به ائين نه رُنو هئس، جڏهن والده جي لاڏاڻي جي ڏينهن ۾ عدالت آڏو پيش ٿيس ته اسان جي وڪيل پڻ ڇوٽ گهري جڏهن ته ان وقت جج صاحب چيو ته گواهه گهرايا ويا آهن هر صورت ۾ بيان رڪارڊ ٿيندا. وزيراعظم چيو ته خواجه آصف، راڻا ثناءُ الله سميت ٻين سياسي قيدين کي زمينن تي ليٽايو ويو، انڊر ٽرائل قيدين ۽ سزا يافته ڏوهارين جي حقن ۾ فرق هوندو آهي، اسان سڀ انڊر ٽرائل قيدي هئاسين جڏهن ته اسان کي دوائون ۽ کاڌو آڻڻ جي اجازت نه هئي. هن چيو ته اسان نه ٿا چاهيون جيڪي زيادتيون اسان سان ٿيون اهي انهن سان ٿين، ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ، ان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان انهن کي ٻيهر دعوت ڏيون ٿا ته اچو گڏجي ويهي ڳالهيُون ڪريون ان کانسواءِ ڪو چارو نه آهي.