اسلام آباد – 25 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اها حقيقت آهي ته اسان آءِ ايم ايف سان گڏجي هي بجيٽ ٺاهي آهي، جيڪي حالتون آهن اها ان جي گهرج هئي، آءِ ايم ايف وٽان جڏهن جواب آيو ايوان کي آگاهه ڪنداسين، اميد ڪرڻ گهرجي ته ان ۾ ڪا خوشخبري ملندي، خرچن ۾ گهٽتائي جي شروعات ڪندي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ جي خاتمي جو اعلان ڪيو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڊائون سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ جي لاءِ ڪميٽي ٺهي چڪي آهي ۽ هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ان جا ٺوس نتيجا هن ايوان ۾ پيش ڪنداسين، اسان جي حڪومت ۾ ڏکڻ پنجاب جي آبادي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ بجيٽ رکي وئي، ڏکڻ پنجاب نوڪرين ۾ ڪوٽا آبادي کان وڌيڪ رکي وئي. قومي اسيمبلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبر زين قريشي پاران لازمي خرچن تي بحث دوران اٿاريل نقطن جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ميمبر ڏکڻ پنجاب جي حوالي سان ڪجهه نقطا اٿاريا، ڏکڻ پنجاب جي هوشيار ٻارن کي ليپ ٽاپ جي ورڇ ۾ 10 سيڪڙو اضافي ڪوٽا ڏني وئي. وزيراعليٰ روزگار اسڪيم ۾ 10 سيڪڙو اضافي ڪوٽا رکي وئي، زيور تعليم پروگرام ۾ ڇهين درجي تائين جي ٻارڙين جو وظيفو 200 رپين مان وڌائي 600 رپيا ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته لوڌران کان خانيوال، ڊيره غازي خان کان مظفر ڳڙهه تائين موٽروي وفاق جو منصوبو آهي، وفاق پنهنجي وسيلن سان اهو منصوبو ٺاهيو. هن چيو ته انهن حقيقتن کان معزز ميمبر واقف هوندو جڏهن ته رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ اهي تفصيل ٻڌايا. وزيراعظم چيو ته خرچ گهٽ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي وئي ته اهي ڪيئن ڪريون ته اڳ ۾ ئي پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ (پي ڊبليو ڊي) جي خاتمي جو اعلان ٿي چڪو آهي، رڳو انهن جي پگهارن جو معاملو نه آهي ان جي سالياني فنانشل لي آئوٽ ۾ اصل ڪرپشن ٿيندي آهي جيڪا 50 کان 60 سيڪڙو تائين ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته ميمبر کي پي ڊبليو ڊي ۾ پنهنجا نوازي جو ذاتي تجربو هوندو، ان اداري جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو ۽ ناڻي واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ ڊائون سائيزنگ ۽ رائيٽ سائيزنگ جي لاءِ ڪميٽي ٺهي چڪي آهي ۽ هڪ ڏيڍ مهيني ۾ ان جا ٺوس نتيجا هن ايوان ۾ پيش ڪنداسين ته جيئن قوم ڏسي ته خرچن ۾ ڪهڙي طرح گهٽتائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڀاڻ جي حوالي سان چيو ويو، اها هڪ حقيقت آهي ته اسان کي آءِ ايم ايف سان گڏجي هي بجيٽ ٺاهڻي پئي آهي ۽ جيڪي حالتون آهن اها ان جي گهرج هئي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو اڄ جواب اچي ويو ته سڀاڻي ايوان کي آگاهه ڪنداسين ۽ اميد ڪرڻ گهرجي ته ان ۾ ڪا خوشخبري ملندي.