جميڪا -24 جون ( اي پي پي ) انٽر نيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ آءِ سي سي مينز ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر -8 مرحلي جو آخري ميچ 25 جُون تي کيڏيو ويندو جنهن ۾ افعانستان ۽ بنگلاديش جون ٽيمون آرنوس ويل گرائونڊ، ڪنگس ٽائون، سينٽ ونسنٽ ۾ آمهون سامهون ٿينديون. افغانستان جي ٽيم کي بهترين آل رائونڊر راشد خان ليڊ ڪري رهيو آهي جڏهن ته بنگلاديش جي ٽيم جي اڳواڻي نجم الحسن شانٽو ڪري رهيو آهي. اهو ميچ سپر -8 مرحلي جو آخري هوندو جيڪا آرنوس ويل گرائونڊ، ڪنگس ٽائون، سينٽ ونسنٽ ۾ کيڏيو ويندو ۽ ميچ پاڪستاني وقت موجب صبح پنج لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو. ان ميچ کانپوءِ ميگا ايونٽ جي سيمي فائنل لائن اپ مڪمل ٿي ويندي. محدود اوورز جي فارميٽ جي نائين ميگا ايونٽ جا دلچسپ مقابلا ويسٽ انڊيز ۽ آمريڪا ۾ جاري آهن. ميگا ايونٽ ۾ 20 ٽيمون ٽائٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن. ٽورنامنٽ جي پهرين سيمي فائنل ميچ 27 جون جي صبح پاڪستان جي وقت موجب پنج لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو جيڪو ٽرينڊاڊ ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل ميچ 27 جون تي شام 7 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو جيڪو گيانا ۾ کيڏيو ويندو جڏهن ته ميگا ايونٽ جو فائنل ميچ باربا ڊوس ۾ کيڏيو ويندو.