اسلام آباد -24 جون (اي پي پي) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ تي پڻ نظرثاني ڪندي رانديگرن کي قومي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کيڏڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڪارڪردگي ۽ فٽنيس تي ئي رانديگرن جي چونڊ ڪئي ويندي. نئين ٽيلنٽ کي سامهون آڻڻ ۽ ڪوالٽي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٽنهي فارميٽ جا ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي جي صدارت هيٺ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي بورڊ روم ۾ 3 ڪلاڪن جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پلان جي اصولي منظوري ڏني وئي آهي، جنهن تحت ڪوالٽي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي هر سطح تي پرموٽ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪوالٽي ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ سفارشن ۽ تجويزن تي غور ڪيو ويو. پي سي بي جي چيف آپريٽنگ آفيسر سلمان نصير، چيف فنانشل آفيسر، سليڪشن ڪميٽي جي اينالسٽ بلال افضل، ڊائريڪٽرز انٽرنيشنل ڪرڪيٽ، هاءِ پرفارمنس سينٽرز، ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ، پي ايس ايل، ڪمرشل ۽ لاڳاپيل اختيارين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.