اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪميٽين جي ذريعي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ وڌيڪ مشاورت جاري رهندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وفد ۾ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، اڳوڻو وزيراعظم راجا پرويز اشرف، سيد خورشيد احمد شاهه، سيد نويد قمر ۽ شيري رحمان شامل هئا. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ بلاول ڀٽو زرداري قومي سياسي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. بجيٽ 2025 – 2024ع جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي سان وڌيڪ مشاورت ڪئي وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته معيشت جي حوالي سان مثبت اشارا اچي رهيا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي ڪاروباري طبقي پاران بجيٽ جي توثيق آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۽ عوامي ڀلائي جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏجي ڪم ڪرڻو آهي، نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ عام ماڻهو کي ريليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا ويا آهن. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ڪميٽين جي ذريعي وڌيڪ مشاورت جاري رهندي. ملاقات مثبت ماحول ۾ ٿي. وزيراعظم پاران پاڪستان پيپلزپارٽي جي وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيراعظم جو سياسي معاملن وارو صلاحڪار راڻا ثناءُ الله، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق پڻ موجود هئا.