اسلام آباد– 20 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪ چين دوستي سياست کان مٿانهين آهي پر ڪيترين ئي طاقتن کي هضم نه ٿي رهي آهي، هڪ سياسي پارٽي جي عيد پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي خلاف مهم ۾ گذري، ڪجهه ماڻهو عيد تي تفريح گاهن جو رخ ڪن ٿا ۽ ڪجهه گرڊ اسٽيشنن جو، اسان اهي نه آهيون جن بل ساڙي چيو هو ته ادائيگي نه ڪنداسين، اسان پاڪستان تي ڪڏهن به ڌٻو اچڻ نه ڏنو، حڪومتي قدمن سان معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، واپاري خسارو گهٽ ٿيو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ۽ رپئي جي قدر ۾ استحڪام آيو آهي، مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿي ۽ ماڻهن جون زندگيون آسان ٿي رهيون آهن، آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان هاڻي ڊيجيٽل حب بڻجڻ وڃي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان عيدالاضحيٰ پرامن گذري، صفائي سٿرائي جا بهترين انتظام ڪيا ويا، امن امان به قائم رهيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس پنهنجا فرض بهتر طريقي سان سرانجام ڏنا جنهن تي انهن جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته عيدالاضحيٰ جو ڏڻ اسان کي ايثار ۽ قرباني جو درس ڏي ٿو، وزيراعظم، پنجاب جي وزيراعليٰ سميت سمورا قائدين عيد الاضحيٰ تي انتظامن جي حوالي سان متحرڪ رهيا جڏهن ته سمورن سرڪاري ادارن به فرض شناسي سان پنهنجا فرض بخوبي سرانجام ڏنا. چين جي اعليٰ سطحي وفد جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته چين جو اعليٰ سطحي وفد 20 جون کان 22 جون تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، چيني وفد جي قيادت چين جو وزير ليو جيان چائو ڪري رهيو آهي، سي پيڪ پراجيڪٽ جي حوالي سان ان جو اهم ڪردار آهي. هو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏجي سي پيڪ تي سياسي پارٽين جي پاڪ چين گڏيل مشاورتي مڪينزم جي ٽئين اجلاس جي گڏيل صدارت ڪندو. اجلاس ۾ سي پيڪس جي حوالي سان معاملن کي ڏٺو ويندو. ان کانسواءِ هو پاڪستان جي اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت پڻ ملاقات ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري کانپوءِ چين جي اعليٰ سطحي وفد جو پاڪستان اچڻ خوش آئنده آهي، جيڪي شيون چين جي دوري دوران بحث هيٺ آيون، چين جي اعليٰ سطحي وفد جي دوري دوران انهن کي وڌيڪ سگهه ملندي ۽ معاملا اڳتي وڌندا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو چين جو دورو ڪامياب رهيو آهي، آزاد مبصر به ان دوري کي اهم ۽ تاريخي قرار ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جي چين جي دوري دوران چين جي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ئي ڏينهن ۾ مانجهاندي ۽ آجياڻي جو اهتمام ڪيو، پاڪستان جي تراني جون ڌُنون وڄايون وينديون، چيني قيادت واضح طور تي چيو ته اسان سي پيڪ کي اپ گريڊ ڪرڻ طرف وڃي رهيا آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪ چين دوستي سياست کان مٿانهون آهي، پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان اونچي، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مـٺي آهي ۽ عملي طور تي ان دوستي ثابت ڪيو آهي ته هر سٺي ۽ خراب وقت ۾ اها دوستي قائم رهي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي پاڪستان کي عالمي سطح تي ملندڙ ڪاميابين کي ملهائڻ گهرجي، پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي وڏي اڪثريت سان ميمبر چونڊيو، اڄ دنيا اسان تي اعتماد ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي چين جي دوري دوران ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون ٿيون، اڄ چين جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان اچي رهيو آهي پر ڪجهه طاقتن کي پاڪ چين دوستي هضم نه ٿي رهي آهي. تنقيد ڪندڙن کي چوان ٿو ته اهي پاڪستان ۽ پاڪستان جي مفاد کي ڏسن، پاڪستان جي دوستي کي ڏسن ۽ پاڪ چين دوستي جي حوالي سان مثبت ڳالهه ڪن. هن چيو ته سياست ضرور ڪن پر ڪجهه شين تي تنقيد براءِ تنقيد مناسب ناهي هوندي. هن چيو ته پاڪستان اسان سڀني جو آهي، اهو قيامت تائين رهندو. هن چيو ته چيني قيادت پاڪ چين دوستي ۾ جنهن اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اها ان جي دليل آهي ته اڄ چين جو اعليٰ سطحي وفد پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته هو چين جي سفير ۽ چيني سفارتخاني جو به ٿورائتو آهي ته هن معاملن کي بهتر طريقي سان اڳتي وڌايو. معيشت جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عيد جي موڪلن دوران به معيشت بابت سٺيون خبرون آيون، عالمي ريٽنگ ايجنسي فيچ خسارو گهٽ ڪرڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ جي حوالي سان پاڪستان جي بجيٽ کي مثبت قرار ڏنو، فيچ جي ريٽنگز کي عالمي سطح تي تسليم ڪيو وڃي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معيشت مثبت ۽ صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي، اڄ اسٽاڪ ايڪسچينج 78 هزار پوائنٽس جي سطح عبور ڪري چڪو آهي. اسان ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ طرف وڌي رهيا آهيون، ڪاروباري طبقي حڪومت تي اعتماد جو اظهار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته حڪومت سنجيدگي سان معيشت کي بهتري طرف وٺي وڃي رهي آهي، واپاري خسارو گهٽ ٿيو آهي، مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي، ماڻهن جون زندگيون آسان ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جيڪا خوش آئنده آهي. هن چيو ته آءِ ٽي ايڪسپورٽس ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي، پاڪستان ڊيجيٽل حب بڻجڻ وڃي رهيو آهي، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ۽ رپئي جي قدر ۾ استحڪام آيو آهي. هن چيو ته فچ جي ريٽنگ هجي يا چين جو دورو، اهي سٺيون خبرون آهن انهن کي ساراهڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪيترين ئي لابيز کي پاڪ چين دوستي هضم نه ٿي رهي آهي پر اسان ان دوستي تي ڪاربند آهيون ۽ ان تي پورو پهرو ڏينداسين، پاڪ چين دوستي لازوال آهي، سي پيڪ اڳتي وڌندو ۽ تيزي سان اڳتي وڌندو. لوڊشيڊنگ جي حوالي سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان سمورن صوبن سان معاملن کي مثبت طريقي سان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته لوڊشيڊنگ انهن علائقن ۾ ڪئي وڃي ٿي جتي بجلي چوري هجي يا لائين لاسز هجن. بجلي چوري يا لائين لاسز جا معاملا وفاق ۽ صوبن کي گڏجي حل ڪرڻا آهن. هن چيو ته اسان سمورين ڌرين سان خيرخُوبي سان هلڻ چاهيون ٿا، وفاق سدائين تعاون ڪيو آهي. وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ڪجهه مجبوريون ضرور هونديون آهن جن کي اسان سمجهون ٿا، خيبرپختونخواهه به پاڪستان جو ايترو ئي حصو آهي جيترو پنجاب پاڪستان جو حصو آهي، هرزه سرائي مناسب نه آهي. اسان پاڪستان جي عوام جو ڀلو چاهيون ٿا، ڪنهن سياسي پارٽي جو جهيڙو ڪنهن ٻي سياسي پارٽي سان هوندو آهي پر عوام کي سهولت ڏيڻ جي حوالي سان اسان کي هڪ پيج تي هجڻ گهرجي ۽ افهام تفهيم سان اڳتي وڌڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ پاڪستان جي معيشت جي حوالي سان وڌيڪ سٺيون خبرون اينديون، اڄ پيپلزپارٽي جو وفد به وزيراعظم سان ملاقات ڪري رهيو آهي جنهن ۾ بجيٽ ۽ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ماڻهو عيد تي پارڪن ۽ تفريح گاهن جو رخ ڪن ٿا ۽ ڪجهه ماڻهو گرڊ اسٽيش ويندا آهن، پنهنجو پنهنجو تصور آهي ته توهان تفريح جي لاءِ ڪٿي وڃو ٿا. اسان کي معاملن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ گهرجي. اسان ان جي لاءِ تعاون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. بجلي چوري ۽ بلن جي عدم ادائيگي جا مسئلا سمورن صوبن سان گڏجي حل ڪرڻا پوندا. هن چيو ته بل ادا ڪندڙن جو ڪهڙو ڏوهه آهي جو انهن ماڻهن جو بار کڻي رهيا آهن جيڪي بل ادا نه ٿا ڪن. هن چيو ته اسان اهي نه آهيون جن بل ساڙي چيو هو ته اسان بل ادا نه ڪنداسين، اسان پاڪستان تي ڪڏهن به ڌٻو اچڻ نه ڏنو، پاڪستان اسان سڀني جو آهي، گڏجي ان کي اڳتي وٺي هلون ۽ خيرخُوبي سان معاملن کي حل ڪريون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ان شخص سان ڳالهه نه ٿي ٿي سگهي جنهن 9 مئي تي حملا ڪرايا، ملڪي مفاد ۽ سلامتي کي داءُ تي لڳايو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ماڻهن جي عيد ايثار ۽ قرباني جي جذبي سان گذرندي آهي، سنت ابراهيمي تي عمل ڪندي ماڻهو پنهنجي پيارن سان ملن ٿا ۽ جيڪي دنيا مان رخصت ٿي ويا آهن انهن جي قبرن تي دعائون ڪن ٿا پر هڪ سياسي پارٽي جي عيد پاڪستان ۽ چين جي دوستي جي خلاف گذري. هن چيو ته عيد جي موقعي تي افهام تفهيم ۽ اتحاد ۽ اتفاق کي فروغ ڏنو وڃي ٿو، عيد جي نماز وڏي ميڙن ۾ ان لاءِ پڙهي وڃي ٿي ته ڪيني ۽ منفاقت کان پاڪ ٿيون پر هڪ سياسي پارٽي قرباني ۽ ايثار جي جذبي بدران پاڪ چين دوستي جي خلاف مهم هلائي. هن چيو ته چين جي دوري کانپوءِ پاڪستان حڪومت ۽ چين گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو، مشاهد حسين سيد جيڪو اسان جو ناقد آهي ۽ کلي سياسي مخالفت ڪري ٿو، هن به چين جي دوري کي تاريخي قرار ڏنو. هن چيو ته ڪنهن جي بري چاهڻ ۽ بري سوچڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، عيد تي انهن جو چڱو وقت لڳو، پاڪ چين دوستي جي ڪري انهن پوسٽون به ڪيون پر عالمي سطح تي ۽ پرڏيهي پاليسي تي انهن پوسٽن سان ڪو فرق نه پيو. هن چيو ته پاڪ چين دوستي کي پروموٽ ڪريو ۽ قومي ڌارا ۾ اچو ۽ ان حوالي سان مثبت ڳالهه ڪريو. هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيو ته توانائي وارو وزير عيد جي موقعي تي تمام گهڻو الرٽ رهيو، بجلي جي پهچ نظام ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي، وفاقي حڪومت صوبن ۾ انهن علائقن جي اندر ڪريڪ ڊائون نه ٿي ڪري سگهي جتي بل ادا نه ٿا ڪيا وڃن، صوبائي حڪومتن کي بجلي چوري وارن علائقن ۾ ڪريڪ ڊائون ڪرڻو پوندو، ڊسڪوز کي پرائيويٽائيز ڪرڻ جي لاءِ اسان تيار آهيون، ٽيسڪو، ليسڪو، ڪيسڪو جا بورڊز تحليل ڪيا ويا آهن. هن چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ تعاون وڌندو ته بجلي چوري ۽ لائين لاسز تي ضابطو آڻي سگهبو. ان جي لاءِ اسان مڪمل طور تي تيار به آهيون ۽ ان تي ڪم به ٿي رهيو آهي.