جميڪا _ 13 جون (اي پي پي ) آئي سي سي ٽي – 20 ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ڀلوڙ بيٽسمين شيرفين ردرفورڊ جي شاندار بيٽنگ عيوض نيوزيلينڊ کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. فاتح ٽيم طرفان مليل 150 رنسن جو هدف نيوزيلينڊ جي ٽيم حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ويسٽ انڊيز جي شيرفين ردرفورڊ شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. خميس ڏينهن برائن لارا اسٽيڊيم، تاروبا، ٽرينيڊا اڊا ۾ کيڏيل ميگا ايونٽ جي 26 هين ميچ ۾ گروپ سي جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون جنهن ۾ نيوزي لينڊ جي ٽيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، ميزبان ويسٽ انڊيز پهرين کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 149 رنسون ٺاهيون، شيرفين ردرفوڊ شاندار بيٽنگ ڪندي 68 رنسن جي اننگز کيڏي، هن جي شاندار اننگز ۾ 6 ڇڪا ۽ 2 چوڪا شامل هئا. ٻين بيٽسمينن ۾ نڪولاس پوران 17، عقيل حسين 15، آندري رسل 14 ۽ رومايوشيفرڊ 13 رنسون ٺاهي آئوٽ جڏهن ته 5 رانديگر ڊبل فگر تائين پهچي نه سگهيا. نيوزي لينڊ طرفان ٽرينٽ بولٽ 3، ٽم سائوٿي ۽ لوڪي فرگوسن 2، جڏهن ته جيمز نيشم ۽ مچل سينٽنر هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو، جواب ۾ ڪيوي ٽيم ويسٽ انڊيز طرفان ملندڙ 150 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنسون ٺاهي سگهي. نيوزي لينڊ جي بيٽر گلين فلپس 33 بالن تي 40 رنسون ٺاهيون، فن ايلن 26 رنسون جڏهن ته مچل 21 رنسون ٺاهيون. ويسٽ انڊيز نيوزي لينڊ کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي ميگا ايونٽ جي سپر 8 مرحلي لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو. ويسٽ انڊيز طرفان الزاري جوزف 4، گڊا ڪيش موتي 3 رانديگرن کي پويلين جي راهه ڏيکاري، عقيل حسين ۽ آندري رسل هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.