برن _ 13 جون (اي پي پي ) ناروي جي سائيڪل سوار ٽورسٽين ٽراين ٽوورڊي سوئس سائيڪل ريس جو چوٿون مرحلو کٽي ورتو . ٽووڊي سوئس سائيڪل ريس ۾ اها سندس پهرين فتح آهي . برطانوي سائيڪلسٽ ايڊم يٽس ريس ۾ ٻئين ۽ ڊينمارڪ جي سائيڪل سوار ميٽياس شڪلمو کان ٽئين نمبر تي رهيو . ٽورڊي سوئس سائيڪلنگ ريس جا دلچسپ مقابلا سوئٽزرلينڊ ۾ جاري آهن . ريس جو چوٿون سچليڪون کان گوٿرڊپاس تائين 171 ڪلوميٽر جي فاصلي تي ٻڌل هو جنهن کي 28 سالن جي ناروي جي سائيڪل سوار ٽورسٽين ٽراين شاندار سائيڪلنگ جو مظاهرو ڪندي 4 ڪلاڪ، 10 منٽ ۽ 21 سيڪنڊن ۾ طئي ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. برطانوي سائيڪلسٽ ايڊم يٽس ريس ۾ ٻئي ۽ ڊينمارڪ جي سائيڪل سوار ميٽياس شڪلمو ٽئين نمبر تي رهيا، پرتگال جو سائيڪلسٽ جوا الميڊا ريس ۾ چوٿين نمبر تي رهيو جڏهن ته ڪولمبين سائيڪل سوار ايگن برنال پنجين نمبر تي رهيو. ٽوورڊي سوئس سائيڪل ريس 8 مرحلن تي ٻڌل آهي جنهن ۾ سائيڪل سوار 948.7 ڪلوميٽر جو سفر طئي ڪندا، ريس ۾ سوئٽزرلينڊ جي قومي سائيڪلنگ ٽيم کانسواءِ 23 ٽيمون ٽائيٽل حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن.