اسلام آباد– 12 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت مالي سال 25 – 2024ع جي 18 هزار 887 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو ماپو 1500 ارب رپيا آهي، سبسڊيز جو ماپو 1363 ارب رپيا رکيو ويو آهي، مجموعي گرانٽس جو ماپو 1777 ارب رپيا تجويز ڪيو ويو آهي، هڪ کان 16 گريڊ تائين جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو، گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جي تجويز ڏيندي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار ماهوار مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته سيمنٽ سميت ريئل اسٽيٽ ۾ ٽيڪس شرح ۾ اضافي جي تجويز ڏيندي ٽيڪس اوڳاڙين جو هدف 12970 ارب رپيا رکيو ويو آهي جيڪو گذريل مالي سال جي ڀيٽ ۾ 38 سيڪڙو وڌيڪ آهي، دفاعي ضرورتن جي لاءِ 2122 ارب رپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي، اقتصادي ترقي جي شرح 3.6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. قومي اسيمبلي ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب مالي سال 25 – 2024ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪندي چيو ته منهنجي لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته فيبروري 2024ع جي چونڊن کانپوءِ هي اتحادي حڪومت جي پهرين بجيٽ آهي ۽ هن ۾ اتحادي حڪومت ۾ شامل سياسي پارٽين جي قيادت خاص طور تي ميان محمد نواز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، خالد محمود صديقي، چوڌري شجاعت حسين، عبدالعليم خان ۽ خالد مگسي جي رهنمائي جي لاءِ سندن ٿورائتو آهيان. وفاقي وزير چيو ته آئون سمجهان ٿو ته سياسي ۽ معاشي چئلينجن جي باوجود گذريل هڪ سال دوران اقتصادي محاذ تي اسان جي اڳڀرائي متاثر ڪندڙ رهي آهي، اسان سڀ معاشي استحڪام ۽ عوام جي بهتري لاءِ سڀني سياسي قوتن سان گڏجي ويهڻ جي مطالبن جون ڳالهيون ڪيترائي ڀيرا ٻڌيون آهن، اڄ قدرت پاڪستان کي معاشي ترقي جي راهه تي هلڻ جو هڪ ٻيو موقعو فراهم ڪيو آهي. اسان ان موقعي کي ضايع ڪرڻ جي سَٽ سهي نه ٿا سگهون، آئون سڀني ميمبرن کي درخواست ڪريان ٿو ته هو پاڪستان کي معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي لاءِ حڪومت جي ڪوششن ۾ تعاون ڪن. وفاقي وزير چيو ته آئون بجيٽ جا تفصيل پيش ڪرڻ کان پهرين هن بجيٽ جي پس منظر جي وضاحت ڪرڻ چاهيندس. ميان محمد نواز شريف پاڪستان ۾ 1990ع ۾ جن معاشي سڌارن جو بنياد رکيو انهن کي اڳيان وڌائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ Home Ground Reform Agenda جي وسيلي موجوده معاشي مسئلن تي ضابطو آڻي ترقي جي رفتار کي اڳيان وڌايو ويندو. ڪجهه وقت اڳ پاڪستان جي معيشت کي مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو هو ڇو ته اسٽيٽ بئنڪ وٽ موجود ذخيرا ٻن هفتن جي مدي کان گهٽ جي درآمد جي لاءِ ئي رهجي ويا هئا، فقط هڪ سال ۾ پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿي چڪي هئي. اقتصادي ترقي اٽڪل ٻڙي جي ويجهو پهچي وئي هئي ۽ ناڻي واڌ ان سطح تي پهچي وئي هئي ته ماڻهو تيزي سان غربت جي لڪير کان هيٺ وڃي رهيا هئا، انهن حالتن مان نڪرڻ تمام گهڻو مشڪل نظر اچي رهيو هو. گذريل سال جون ۾ آءِ ايم ايف پروگرام پنهنجي پڄاڻي تي پهچي رهيو هو ۽ نئين پروگرام بابت ڪيتري ئي غيريقيني واري ڪيفيت هئي. نئين آءِ ايم ايف پروگرام ۾ دير تمام گهڻيون مشڪلاتون پيدا ڪري پئي سگهي. مون کي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي گذريل حڪومت جي تعريف ڪرڻي پوندي جنهن آءِ ايم ايف سان اسٽينڊ باءِ اگريمينٽ معاهدو ڪيو. ان پروگرام تحت کڄندڙ قدمن جي نتيجي ۾ معاشي استحڪام جي راهه هموار ٿي ۽ غيريقيني واري صورتحال پڄاڻي تي پهتي. گذريل ڪجهه مهينن ۾ اسان جي مسلسل ڪوششن جا نتيجا اسان کي تسلي ڏين ٿا ته اسان صحيح رخ ۾ وڃي رهيا آهيون. مهانگائي جيڪا وزيراعظم ۽ ان جي ٽيم جي ڌيان جو مرڪز آهي، مئي ۾ گهٽ ٿي اٽڪل 12 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. کاڌي پيتي جون شيون هاڻي عوام جي پهچ ۾ آهن. درپيش چئلينجن کي نظر ۾ رکيو وڃي ته هي ڪا معمولي ڪاميابي نه آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ مهانگائي وڌيڪ گهٽ ٿيڻ جو امڪان آهي. مٽاسٽا جي ناڻي جي شرح مستحڪم ٿي رهي آهي. اسان جي مالياتي استحڪام جي ڪوششن جا ثمر سامهون اچي رهيا آهن ۽ سيڙپڪار معيشت جي ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳولي رهيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ طرفان وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جو اعلان مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن جي تائيد ۽ ثبوت آهي. معيشت جي بحالي جي خاطر اڻٿڪ محنت جي لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي اتحادي حڪومت ۽ ان جي ٽيم مبارڪباد جي مستحق آهي. گذريل سال ۾ حاصل ٿيندڙ ڪاميابيون معمولي نه آهن، انهن جي نتيجي ۾ ملڪ هڪ بحراني صورتحال مان نڪري چڪو آهي ۽ ڊگهي مدي واري ترقي جي هڪ اهڙي سفر جي شروعات ٿي چڪي آهي، جنهن جا ثمر عوام تائين پهچندا. اهي ڪاميابيون هڪ بهتر مستقبل جو اشارو آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان ترقي جي موجوده رفتار کي تيز ڪندي معاشي پاڻڀرائپ جي منزل حاصل ڪريون. هي اهڙو ڪم نه آهي جو رات وچ ۾ ان کي ڪري ڏيکارجي. ان جي لاءِ اسان کي سخت محنت ۽ هڪ سڌاراجاتي پلان ۽ سڀني ادارن ۽ عوام سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير چيو ته اسان ان اميد سان پنهنجي هوم گرائونڊ ريفارمز ايجنڊا کي پختي ارادي ۽ عزم سان جاري رکيو اچون ته جلد پاڪستان هڪ مستحڪم واڌويجهه طرف موٽي ايندو. هر ڪو ان ڳالهه کان چڱي ريت واقف آهي ته اسان وٽ آپشن محدود آهن پر جيئن ته آئون پهرين چئي چڪو آهيان ته هي سڌارن جو وقت آهي، آئون سمجهان ٿو ته اهو ئي وقت آهي ته اسان پنهنجي معيشت ۾ پرائيويٽ سيڪٽر کي مرڪزي اهميت ڏيون ۽ ڪجهه ماڻهن بدران پاڪستان جي عوام کي پنهنجي ترجيح بڻايون. ويجهڙ وارن ڏهاڪن کان اسان معاشي اڻ استحڪام جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل آهيون، جنهن جو سبب اسٽرڪچرل فيڪٽرز آهن جنهن جي ڪري سيڙپڪاري معاشي پيداوار ۽ برآمدات دٻاءُ جو شڪار آهن. ماضي ۾ رياست تي غيرضروري ذميوارين جو بار وڌو ويو، جنهن جي ڪري حڪومتي خرچ ناقابل برداشت ٿي ويا، جنهن جو ڪِيتو مهانگائي، گهٽ پيداواري صلاحيت ۽ گهٽ آمدني وارن ملازمن جي صورت ۾ عوام کي ڀوڳڻو پيو. ان گهٽ واڌويجهه واري ڦيري کان ٻاهر اچڻ جي لاءِ اسان کي دستاويزي سڌارن کي اڳيان وڌائڻ ۽ معيشت ۾ انسينٽوز کي صحيح ڪرڻو پوندو. جهڙوڪ اسان کي هڪ گورنمينٽ ڊيٽرمائنڊ اڪانومي کان هڪ مارڪيٽ ڊرائيو اڪانومي ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. اسان جي معاشي نظام ۾ عالمي معيشت سان گڏ هلندي روانگي واپار کي فروغ ڏيڻو پوندو. اسان جي معاشي ترقي کي ڪنزپشن بيسڊ بدران سيونگ اينڊ انويسٽمينٽ بيسڊ هجڻ گهرجي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته معاشي نظام ۾ اهي تبديليون آڻيندي اسان کي ايڪيويٽي ۽ انڪليوزن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. اسان کي مختلف رخن جو احاطو ڪندي جرئتمنداڻن قدمن جي ضرورت آهي. اسان کي جديد معيشت وانگر وڏي پئماني تي نجڪاري ۽ ريگيوليٽري سڌارا ڪندي رياست جي فوٽ پرنٽ کي نه رڳو ضروري عوامي خدمت تائين محدود ڪرڻو پوندو. پيداواري صلاحيت ۾ بهتري آڻڻ جي لاءِ اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ۽ ريگيوليٽري اينڊ انويسٽمينٽ ڪلائميٽ امپرومينٽس ڪرڻي پوندي. اسان کي هدف واري ڀلائي واري نظام وسيلي عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏيڻو پوندو ۽ اهڙين سبسڊيز کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻو پوندو جيڪي اگهه ۽ سگهه ۾ بگاڙ جو سبب بڻجن ٿيون. براڊ بيسڊ فيئر ٽيڪسيشن رجيم جو قيام به انتهائي ضروري آهي جيڪو سڀني جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪري ۽ اينٽي ايڪسپورٽ ڊسٽريشنز کي ختم ڪري. توانائي جي قيمت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پاور سيڪٽر ۾ مارڪيٽ تي ٻڌل سڌارا آڻڻ جي ضرورت آهي. جديد معيشت جي لاءِ صحت، تعليم ۽ سکيا جي ترقي جي موثر نظام جي جوڙجڪ انتهائي اهم آهي. حڪومت پنهنجي هوم گرائونڊ ريفارمز کي وڌيڪ اڳيان وڌائيندي آءِ ايم ايف سان هڪ ايڪسٽينڊيڊ فنڊ فيسليٽي تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي. نئين پروگرامن ۾ ميڪرو اڪنامڪ ۽ فسڪل اسٽيبلائيزيشن، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي وڌائڻ، قرضن کي مستحڪم بڻائڻ، توانائي جي شعبي ۽ ايس او ايز ۾ سڌارا ڪرڻ سان گڏوگڏ گورننس ۽ شفافيت کي بهتر بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ان ڏس ۾ اسان جي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ايگريمينٽ سلسلسي ۾ ڳالهه ٻولهه موثر انداز ۾ اڳيان وڌي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته بجيٽ خساري کي گهٽ ڪرڻ هڪ اهم مقصد هوندو، ان مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان هڪ منصفاڻي ٽيڪس پاليسي وسيلي پنهنجي آمدني کي اڳيان وڌائينداسين ۽ غيرضروري خرچن کي گهٽ ڪنداسين پر اها گهٽتائي ڪرڻ وقت انساني ترقي، سماجي تحفظ ۽ موسمياتي تبديلي تي ٿيندڙ خرچن کي ترجيح ڏيندي انهن ۾ ڪا به گهٽتائي نه آندي ويندي. اسان کي توانائي جي شعبي کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻا آهن. انهن قدمن ۾ پيداواري لاڳت کي گهٽ ڪرڻ انتهائي اهم آهي. اسان کي ايس او ايز جي نئين سر جوڙجڪ ۽ نجڪاري ڪرڻي آهي ۽ بهتر حڪمراني ۽ سڀني کي هڪ جهڙو موقعو ڏيڻ وسيلي نجي شعبي کي فروغ ڏيڻو آهي. انهن سڀني قدمن جو مقصد آمدني کان وڌيڪ خرچن جي مدامي مسئلي کي حل ڪرڻ آهي. وفاقي وزير چيو ته آئون حڪومت جي اهم ترين ترجيح يعني مهانگائي ۾ گهٽتائي تي ڳالهه ڪرڻ چاهيندس. هڪ سال پهرين ناڻي واڌ 38 سيڪڙو تائين پهچي وئي هئي جڏهن ته کاڌي پيتي جا اگهه 48 سيڪڙو تائين هئا، گهٽ آمدني وارو طبقو وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو هو. مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته بهتر معاشي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ مهانگائي ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي. مئي 2024ع ۾ ڪنزيومر پرائيس انڊيڪس 11.8 سيڪڙو هو جڏهن ته کاڌي پيتي ۾ واڌ جي شرح صرف 2.2 سيڪڙو هئي. حڪومت مهانگائي کي هڪ انگ تائين آڻڻ جي لاءِ انتهائي وڏي محنت ڪئي آهي ۽ اسان انهن ڪوششن کي جاري رکنداسين. اها بدقسمتي آهي ته پاڪستان جي ڊي پي جي حوالي سان ٽيڪس جي شرح ٻين ملڪن کان گهڻو پٺتي آهي. اهو ئي سبب آهي ته ٽيڪس نظام ۾ سڌارا اسان جي معاشي ڪاميابين جي لاءِ انتهائي اهم آهن. مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته ايف بي آر ۾ گهڻ رخا قدم پهرين کان جاري آهن. وزيراعظم ڊيجيٽلائيزيشن، ٽيڪس پاليسي ۽ ايف بي آر ۾ انتظامي سڌارن تي گهري نظر رکي پيو ۽ سندس واضح هدايت آهي ته ٽيڪس نيٽ ۾ پهرين کان موجود ماڻهن تي بار نه وڌو وڃي پر ٽيڪس جي دائري ۾ واڌ آندي وڃي. وفاقي وزير چيو ته اسان واپاري دوست اسڪيم متعارف ڪرائي آهي جنهن جو مقصد هول سيلرز، ريٽيلرز ۽ ڊيلرز کي رجسٽرڊ ڪرڻ آهي. مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسڪيم 30400 رجسٽريشن سان ڪاميابي سان اڳيان وڌي رهي آهي. ايندڙ وقت ۾ ايف بي آر کي ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. ان حوالي سان جيڪا موجود معلومات آهي ان کي موثر استعمال ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت اڪيلي مالياتي استحڪام جي هدف کي حاصل نه ٿي ڪري سگهي، ان جي لاءِ وفاقي حڪومت ملڪ جي مجموعي وسيلن ۾ وڌ کان وڌ اضافي جي لاءِ صوبائي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪري رهي آهي. انهن ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ اسان سڀني صوبائي حڪومتن سان هڪ جامع قومي مالياتي معاهدو تجويز ڪريون ٿا. هم آهنگي ۽ جذبو خودڪفالت جي هدف کي حاصل ڪرڻ جو واحد رستو آهي. ان سلسلي ۾ اسان جي صوبن سان مشاورت جاري آهي. وفاقي وزير چيو ته جيئن ته آئون پهرين ذڪر ڪري چڪو آهيان حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي حڪمت عملي جو ٻيو اهم نقطو آهي. اسان غيرضروري خرچن کي گهٽ ڪري رهيا آهيون. حڪومت پينشن نظام ۾ سڌارا آڻي رهي آهي. بي پي ايس هڪ کان 16 جون سڀئي خالي جايون ختم ڪرڻ جي تجويز غور هيٺ آهي. جنهن سان 45 ارب رپيا ساليانو بچت پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. وفاقي حڪومت جي ماپي کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن حڪومتي ڍانچي جو چڱي ريت جائزو ورتو آهي ۽ تمام جلد پنهنجون سفارشون ڪابينا کي پيش ڪندي. جڏهن ته وفاقي حڪومت جي رائيٽ سائيزنگ جي لاءِ تياري ڪئي پئي وڃي. حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهي آهي ته ان کي بهترين فني عملو ۽ مشاورت دستياب رهي، ان مقصد جي لاءِ هر ڊويزن کي ڪيپيسٽي ڊيولپمينٽ اينڊ ٽيڪنيڪل اسسٽنٽس جي مد ۾ الڳ رقم مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. ملڪ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي تيز ڪرڻ ۽ روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ريگيوليٽري فريم ورڪ کي آسان بڻائڻ انتهائي اهم آهي. ان سلسلي ۾ بي او آءِ تحت پاڪستان ريگيوليٽري ماڊرنائيزيشن انيشي ايٽو جو آغاز ڪيو ويو آهي. ان جو مقصد حڪومت جي ريگيوليٽري فريم ورڪ کي آسان بڻائڻ ۽ آٽو ميشن وسيلي واپاري ماحول کي بهتر بڻائڻ آهي ته جيئن سيڙپڪاري، برآمدات ۽ معاشي ترقي جي رفتار کي وڌائي سگهجي. ڪنهن به حڪومت جي بجيٽ جو هڪ وڏو حصو گڊس اينڊ سروسز جي خريداري ۾ خرچ ٿئي ٿو. خريداري جي نظام ۾ آساني ۽ شفافيت جي وسيلي حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ سان گڏوگڏ وسيلن جي بچت به ڪري سگهجي ٿي. تحقيقات موجب ئي آن لائين خريداري سان سرڪاري خرچن ۾ 10 کان 20 سيڪڙو تائين جي لاٿ آڻي سگهجي ٿي. هي نظام حڪومتي خريداري ۾ ڪرپشن، فراڊ ۽ بدنيتي جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو. هي نظام 37 وزارتن جڏهن ته 279 خريداري وارين ايجنسين تي لاڳو ٿي چڪو آهي. ان تحت وفاقي حڪومت جي 14 ارب رپين جي خريداري ٿي چڪي آهي. ان کانسواءِ خريداري وارن ادارن جي 8 هزار 500 ملازمن جي تربيت مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ 10 هزار 545 سپلائرز ان نظام ۾ رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن. وڌيڪ اهو ته صوبائي حڪومتن ۽ مختلف وفاقي ادارن سان ئي خريداري جي انٽيگريشن جي لاءِ معاهدا ڪيا ويا آهن. مون کي يقين آهي ته خرچن ۽ وصولين جي ڏس ۾ ڪوششون وفاقي حڪومت جي لاءِ وسيلن جي فراهمي ۾ مددگار ثابت ٿينديون، جنهن سان انساني وسيلن جي ترقي، سماجي تحفظ ۽ ماحولياتي تبديلي جي لاءِ وسيلا دستياب هوندا. آئون سمجهان ٿو ته حڪومتن کي ڪاروبار نه ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم ڪمرشل اسپيس ۾ حڪومتي مداخلت کي گهٽ ڪرڻ ۽ نجي شعبي کي فروغ ڏيڻ تي پڪو يقين رکي ٿو. ان جي لاءِ اسان نجڪاري کي هڪ اهم ترجيح بڻايو آهي. اسان نه رڳو پي آءِ اي، روز ويلٽ هوٽل، هائوسنگ بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن ۽ فرسٽ وومين بئنڪ جهڙن ادارن جي جاري نجڪاري ۾ تيزي آڻينداسين پر نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي لاءِ ٻين ايس او ايز کي پيش ڪرڻ جو هڪ ٺوس پروگرام به شروع ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. ايندڙ سالن ۾ توانائي، مالياتي ۽ صنعتي شعبن ۾ ايس او ايز جي ملڪيت ۽ انتظام جي نجي شعبي کي منتقلي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو. ان ڏس ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي حوالي سان تفصيل ٻڌائڻ چاهيندس. ان نجڪاري جي شروعات نومبر 2023ع ۾ مالياتي صلاحڪار جي مقرري سان ٿيو. فيبروري 2024ع ۾ حڪومت سنڀاليندي ئي موجوده حڪومت ان سلسلي کي تيزي سان اڳيان وڌايو. مارچ 2024ع ۾ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني جي جوڙجڪ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ 622 ارب رپين جي رهتن کي پي آءِ اي کان منتقل ڪيو ويو. ان سلسلي کي اڳيان وڌائيندي نجڪاري ڪميشن اپريل 2024ع ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ قومي ۽ غيرملڪي اخبارن ۾ اشتهارن وسيلي اظهار جي دلچسپي جي دعوت ڏني. 12 ڪمپنين پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. 3 جون تي نجڪاري ڪميشن جي بورڊ 6 ڪمپنين کي پري ڪواليفائي ڪيو. آگسٽ 2024ع جي پهرين هفتي ۾ سيڙپڪارن طرفان ٽينڊر گهرايا ويندا جنهن کانپوءِ اهو سلسلو پنهنجي پڄاڻي تي پهچندو. عالمي بهتر مشق موجب حڪومت ملڪ جي وڏن هوائي اڏن کي آئوٽ سورس ڪري رهي آهي، ان سان هڪ طرف مسافرن کي بهتر سهولتون ميسر اينديون ۽ ٻئي طرف هوائي اڏن مان حاصل ٿيندڙ آمدني ۾ اضافو ٿيندو. اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ کي سڀ کان پهرين آئوٽ سورس ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ انٽرنيشنل ڪامپيٽيٽو بڊنگ وسيلي 15 جولاءِ 2024ع تائين واڪ موصول ٿي ويندا. لاهور ۽ ڪراچي ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ پراسيسنگ جو آغاز ڪجهه مهينن کانپوءِ ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته وفاقي حڪومت تي کربين رپين جي پينشن جي مد ۾ بار آهي. پينشن جي خرچن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري انهن خرچن ۾ اضافي جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي. حڪومت ان شعبي جي اصلاح جي لاءِ ٽه رخي حڪمت عملي جوڙي آهي،جنهن ۾ ڪافي حد تائين مشاورت مڪمل ٿي چڪي آهي. عالمي بهتر مشق موجب موجوده پينشن اسڪيم ۾ سڌارا آندا ويندا. ان جي نتيجي ۾ ايندڙ ٽن ڏهاڪن جي پينشن خرچن ۾ چڱي خاصي گهٽتائي ايندي. نئين ملازمن جي لاءِ ڪنٽريبيوٽري پينشن اسڪيم متعارف ڪرائڻ جنهن ۾ حڪومت جو حصو هر مهيني ادا ڪيو ويندو. ان سان مستقبل جي ملازمن جي پينشن انهن جي ملازمت جي شروعات سان ئي فلي فنڊيڊ هوندي. پينشن جي خرچن کي مئنيج ڪرڻ جي لاءِ پينشن فنڊ قائم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته بي آءِ ايس پي اسان جي سماجي تحفظ جي قدمن ۾ پيڙهه جي پٿر جي حيثيت رکي ٿو. جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ لکين خاندانن کي ضروري روڪ امداد فراهم ڪئي وڃي ٿي. موجوده اتحادي حڪومت جو عزم آهي ته ڪمزور طبقي جي وڌ کان وڌ مدد ڪئي ويندي. مالي سال 25 – 2024ع جي بجيٽ وسيلي ڪمزور طبقن کي بي آءِ ايس پي پروگرام وسيلي مدد جو سلسلو جاري رکيو ويندو. ايندڙ مالي سال جي لاءِ حڪومت مختلف رخن ۾ اڳڀرائي سان بي آءِ ايس پي جي لاءِ مختص رقم کي 27 سيڪڙو اضافي سان 593 ارب رپين تائين وٺي ويندي. ڪفالت پروگرام تحت لاڀ پرائيندڙ ماڻهن جي موجوده انگ کي 9.3 ملين مان وڌائي 10 ملين ڪيو ويندو. انهن خاندانن کي مهانگائي جي اثرن کان محفوظ رکڻ جي لاءِ روڪ رقم جي منتقلي ۾ به اضافو ڪيو ويندو. تعليمي وظيفن جي پروگرام ۾ 10 لک ٻارن جي داخلا ڪئي ويندي، جنهن سان انهن وظيفن جو ڪل انگ 10.4 ملين ٿي ويندو. اوسر پروگرام جو مقصد ٻارن جي زندگي جي پهرين هڪ هزار ڏينهن دوران انهن جي ڪمزوري کي روڪڻ آهي. ايندڙ مالي سال دوران 5 لک وڌيڪ خاندانن کي ان پروگرام ۾ شامل ڪيو ويندو. ماڻهن جي معاشي حالت کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ حڪومت بي آءِ ايس پي تحت پهريون ڀيرو پاورٽي گريجوئيشن اينڊ اسڪلز ڊيولپمينٽ پروگرام شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي. ان کانسواءِ بي آءِ ايس پي وسيلي مالي خودمختياري جو هڪ هائبرڊ سوشل پروٽيڪشن پروگرام متعارف ڪرائڻ جي منصوبي جي شروعات ڪئي پئي وڃي. زراعت اسان جي معيشت جو اهم ٿنڀ آهي، جنهن جو جي ڊي پي ۾ حصو 24 سيڪڙو ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ حصو 37.4 سيڪڙو آهي. ملڪ جي خوراڪ جي تحفظ ۽ صنعتي شعبي جي پيداواري صلاحيت جو دارومدار ان شعبي تي آهي. زراعت، لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري به قيمتي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائڻ جي لاءِ وڏا ذريعا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف آڪٽوبر 2022ع ۾ آبادگار پئڪيج تحت مارڪ اپ اينڊ رسڪ شيئرنگ اسڪيم فار فارم مڪينزيشن جو اعلان ڪيو هو. ايندڙ سال ان اسڪيم جي لاءِ 5 ارب رپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. ان قدم سان نجي شعبي جي سيڙپڪاري مان فائدو کنيو ويندو. جنهن سان پلانٽرز، ٽريڪٽرز، ٿريشرز، هارويسٽرز ۽ موبائيل گرنڊيئرز جي لاءِ مالياتي مدد دستياب هوندي ۽ زرعي پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۽ شين کي ضايع ٿيڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته توانائي جو شعبو گردشي قرضن جي لاءِ چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي. هي قرض هاڻي ناقابل برداشت ٿي چڪو آهي. توانائي جي شعبي جي مشڪلاتن جو حل بنا ڪنهن شڪ جي مشڪل آهي ڇو ته بجلي پيدا ڪرڻ کان ويندي ٽرانسميشن اينڊ ڊسٽري بيوپشن تائين هر سطح جي پنهنجي پنهنجي حيثيت آهي ۽ هر سطح تي مشڪلاتون موجود آهن. آئون اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته حڪومت ان شعبي ۾ سڌارا آڻڻ ۽ انهن مشڪلاتن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ان کان اڳ ۾ ايتري پرعزم نه هئي. موجوده مالي سال جي دوران بجلي جي ورڇ بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کنيا ويندا ۽ انهن قدمن جي نتيجي ۾ اسان کي اميد آهي ته سال جي پڄاڻي تائين گردشي قرضن ۾ ڪو اضافو نه ٿيندو. بجلي چوري جي خلاف مهم سان اسان کي 50 ارب رپين جي بچت ٿي آهي. ايندڙ سال جي لاءِ ڪجهه سڌارا ڪيا ويندا، جن ۾ نقصانن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ٽرانسميشن ۽ ڊسٽري بيوشن ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ آهي. نيشنل ٽرانسميشن، اينڊ ڊسپيچ ڪمپني جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري وزيراعظم اڳ ۾ ئي ڏئي چڪو آهي. نجي شعبي جي توانائي وارين ڪمپنين جي انتظاميا ۽ گورننس کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ بورڊ آف مئنيجمينٽ ۾ نجي شعبي جي ڄاڻو ماڻهن کي شامل ڪيو پيو وڃي. 9 ڊسڪوز ۽ جنڪوز جي نجڪاري کي تيز ڪرڻ جو منصوبو آهي. بجلي چوري جي خلاف مهم کي وڌيڪ منظم ۽ اداراتي ڪيو پيو وڃي. توانائي جي شعبي جي لاءِ ترقياتي بجيٽ ۾ 253 ارب رپين جي وڏي رقم مخصوص ڪئي وئي آهي. ان شعبي جي اهم منصوبن ۾ انسٽاليشن آف اسيٽس پرفارمنس مئنيجمينٽ سسٽم اينڊ ڊسٽري بيوشن ٽرانسفارمرز جي لاءِ 65 ارب رپين جي رقم تجويز ڪئي وئي آهي. اهڙي طرح بجلي ورڇ جي سگهه جي منصوبي لاءِ 5 ارب رپين جي رقم مخصوص ڪئي وئي آهي. ڄامشورو ۾ 1200 ميگاواٽ جي ڪوئلي واري پاور پلانٽ جي لاءِ 21 ارب رپيا ۽ اين ٽي ڊي سي جي سسٽم ۾ بهتري جي لاءِ 11 ارب رپين جي رقم تجويز ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڻي جو شعبو خوراڪ جي تحفظ، سستي بجلي جي پيداوار ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان انتهائي اهميت جوڳو آهي. اهو ئي سبب آهي ته ايندڙ مالي سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ پاڻي وسيلن جي لاءِ 206 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. هي سرمائيڪاري، پيئڻ جي صاف پاڻي تائين پهچ، زرعي پيداواري صلاحيت ۽ هائيڊل پاور بابت منصوبن تي لڳائي ويندي. انهن منصوبن ۾ مهمند ڊيم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي لاءِ 45 ارب رپيا، ديامير ڀاشا ڊيم جي لاءِ 40 ارب رپيا، چشما رائيٽ بنڪ ڪينال جي لاءِ 18 ارب رپيا ۽ بلوچستان ۾ پٽ فيڊر ڪينال جي ري ماڊلنگ جي لاءِ 10 ارب رپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ايندڙ مالي سال ۾ وفاقي حڪومت آءِ ٽي شعبي تي خصوصي ڌيان ڏيندي. آءِ ٽي سيڪٽر ۾ ٽارگيٽيڊ انويسٽمينٽ جي وسيلي گهٽ مدي ۾ وڌيڪ منافعو ڏيڻ جي صلاحيت آهي. اسان جي ملڪ جي نوجوانن جي مهارت ۽ هنر ڪنهن کان گهٽ نه آهي، اهو ئي سبب آهي ته حڪومتي سازگار پاليسين لاڳو ڪرڻ کانپوءِ هن سال آءِ ٽي جي برآمدات 3.5 ارب ڊالر تائين پهچي ويندي. مالي سال 25 – 2024ع ۾ آءِ ٽي سيڪٽر جي لاءِ 79 ارب رپين کان وڌيڪ رقم مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. جيڪا ان شعبي جي لاءِ هيستائين سڀ کان وڌيڪ مخصوص ٿيل رقم آهي. ان رقم تحت فيڊرل بورڊ آف روينيو ۾ ڊيجيٽلائيزيشن ۽ سڌارن جي لاءِ 7 ارب رپيا مخصوص ڪيا پيا وڃن. اها رقم جديد ترين آءِ ٽي سسٽم جو استعمال ڪندي ٽيڪس بيس کي وڌائڻ ۽ نظام ۾ موجود ڪوتاهين ۽ ڪمزورين کي ختم ڪرڻ جي حڪومت جي ڪوششن ۾ مددگار ثابت ٿيندي. ڪراچي ۾ آءِ ٽي پارڪ جي جوڙجڪ جي لاءِ 8 ارب رپيا فراهم ڪيا ويندا. ٽيڪنالاجي پارڪ ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ اسلام آباد جي لاءِ 11 ارب رپين جي رقم رکي وئي آهي. پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ جي لاءِ گذريل سال هڪ ارب رپين جي ڀيٽ ۾ هن سال 2 ارب رپين جي رقم مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. اها رقم آءِ ٽي سيڪٽر جي ايڪسپورٽرز جي حوصلا افزائي ۽ آءِ ٽي فرمن ۾ شاگردن جي انٽرن شپ جي سلسلي ۾ رکي پئي وڃي. ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر انفارميشن جي قدمن جي لاءِ 20 ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز جي صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ حڪومت هڪ نيشنل ڊيجيٽل ڪميشن ۽ هڪ ڊيجيٽل پاڪستان اٿارٽي قائم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. وقت سان گڏ اهو ادارو مختلف شعبن ۾ڊيجيٽل ٽرانسفارميشن کي اڳيان وڌائڻ، جدت کي فروغ ڏيڻ ۽ ڊيجيٽل ساليوشن کي وڏي پئماني تي اختيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. انهن ادارن جي قيام جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته انساني ترقي ۾سيڙپڪاري حڪومت جي بهترين سيڙپڪاري آهي. حڪومت ٻارن جي تعليم لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي ۾ چڱي سيڙپڪاري جو ارادو رکي ٿي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد جي 167 سرڪاري اسڪولن ۾ انفراسٽرڪچر ۽ تعليمي سهولتن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ رقم مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. نوجوان شاگردن ۽ شاگردياڻين جي جسماني ۽ ذهني واڌويجهه ۾ مدد جي لاءِ اسان اسڪول ۾ ماني کارائڻ جو پروگرام متعارف ڪرائي رهيا آهيون، جنهن تحت اسلام آباد جي 200 پرائمري اسڪولن ۾ شاگردن کي متوازن ۽ غذائيت سان ڀرپور کاڌو فراهم ڪيو ويندو. ڊيجيٽل لٽريسي جي اهميت کي تسليم ڪندي اسان اسڪولن کي سمارٽ اسڪرين ڪروم بڪ ٽيبليٽس ۽ انٽرنيٽ جي سهولت سان ليس ڪري ڊيجيٽل انٽروينشن اينڊ بلينڊيڊ لرننگ متعارف ڪرائڻ جو ارادو رکون ٿا. جڏهن ته پڙهائي ۽ کوجنا جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اي لائبريريون قائم ڪيون وينديون. اسلام آباد جي 16 ڊگري ڪاليجن کي نسٽ، اين ايس يو، نمل ۽ ڪامسيٽس جهڙين مشهور يونيورسٽين جي تعاون سان اعليٰ نتيجن جي حامل تربيتي ادارن ۾ تبديل ڪيو ويندو. اهي ادارا اسان جي نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻ جي لاءِ 6 مهينن جي آءِ ٽي ڪورسز آفر ڪندا. پٺتي پيل ۽ غريب شاگردن کي معياري تعليم تائين پهچ فراهم ڪرڻ جي لاءِ نجي اسڪولن ۾ تربيت هيٺ شاگردن جي لاءِ هڪ ايجوڪيشن وائوچر اسڪيم متعارف ڪرائي پئي وڃي. 100 اسڪولن کي ارلي چائلڊ هوڊ ايجوڪيشن جا مرڪز قائم ڪيا ويندا ته جيئن ننڍن ٻارن کي تعليم جو هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪري سگهجي. ٻهراڙي کان شهري علائقن تائين شاگردن جي سفر جي لاءِ گلابي بسون متعارف ڪرايون وينديون. وزيراعظم جي هدايت تي دانش اسڪول جي پروگرام کي اسلام آباد، بلوچستان، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين پکيڙيو پيو وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جي معاشي ڍانچي ۾ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا ۽ انهن پاران موڪلجندڙ پرڏيهي ناڻو معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. حڪومت ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مدد جي لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون متعارف ڪرائي رهي آهي جنهن ۾ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين پاران موڪلجندڙ پرڏيهي ناڻي جي فروغ جي لاءِ بجيٽ ۾ 86.9 ارب رپين جي رقم مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. اها رقم ٽي ٽي چارجز جي دعويٰ جي لاءِ سهڻي ڌرتي اسڪيم ۽ ٻين اسڪيمن جي لاءِ استعمال ڪئي ويندي. افرادي قوت کي مارڪيٽ جي جديد ترين گهرجن موجب تيار ڪرڻ جي لاءِ سينٽر آف ايڪسلينس قائم ڪيا ويندا. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي سهولت لاءِ اميگريشن لينڊ اسڪيپ کي ڊيجيٽائيز ڪيو ويندو ته جيئن اميگريشن جي عمل کي آسان بڻائي سگهجي ۽ لاڳت گهٽ اچي. شڪايتن جي وقت سر ازالي جي لاءِ شڪايتي حل جو موثر نظام ٺاهيو پيو وڃي، ان جي لاءِ عالمي ڪال سينٽرز جو قيام به عمل ۾ آندو ويندو. نئين اميرگرينٽس جي لاءِ جلد کان جلد ٻاهرئين ملڪ آبادڪاري جي لاءِ قرض فراهم ڪرڻ تي ڪم جاري آهي. ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي غيرمعمولي خدمتن کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ محسن پاڪستان ايوارڊ متعارف ڪرايو پيو وڃي. اهڙي طرح جا ٻيا قدم پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مدد ۽ قومي ترقي ۾ انهن جي تعاون مان فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت جي عزم جي نشاندهي ڪن ٿا. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ماضي ۾ برآمدات کي فروغ ڏيڻ جي ڪوشش جي باوجود برآمدات ۾ ڪو وڏو اضافو نه ٿي سگهيو. ان شعبي جي اهميت کي نظر ۾ رکندي ايگزم بئنڪ وسيلي ايڪسپورٽ ري فنانس اسڪيم جي لاءِ مخصوص رقم کي 3.8 ارب رپين مان وڌائي 13.8 ارب رپيا ڪرڻ جي تجويز آهي. انهن قدمن سان پورٽ فوليو ۾ 100 ارب رپين کان 280 ارب رپين تائين جي اضافي جو امڪان آهي. اسٽيٽ بئنڪ جي وسيلي 539 ارب رپين جي ايڪسپورٽ ڪريڊٽ جي فراهمي ڪئي ويندي. وزيراعظم ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي ته ان سهولت جو گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو ايس ايم اي سيڪٽر تي مرڪوز رهڻ گهرجي. حڪومت جي ايس ايم اي حڪمت عملي تحت ايس ايم ايز جي ڪريڊٽ کي 540 ارب رپين مان وڌائي 1100 ارب رپيا ڪيو ويندو. جنهن ۾ 100 ارب رپين جو اضافو ايندڙ مالي سال دوران ڪيو ويندو. مستقبل ۾ اهو قدم پاڪستان جي برآمدي شعبي کي هڪ اهم لائيف لائين فراهم ڪندو. جڏهن ته حڪومت ڊگهي مدي کان التوا ۾ پيل ڊي ايل ٽي ايل ڪليمز جي مرحليوار ادائيگي ڪندي. ايڪسپورٽرز جي مدد جي لاءِ رسڪ شيئرنگ اسڪيم به جوڙي پئي وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ٻاهرئين سيڙپڪاري اسان جي ادائيگي جي توازن ۽ پاڪستان جي ساک ۾ اضافي جي لاءِ اهم آهي. ان سلسلي ۾ ڀائر ۽ دوست ملڪن سان ڳالهه ٻولهه ۽ ڪوششون هڪ اڳئين مرحلي تي آهن. هتي آئون ايس آءِ ايف سي جي ڪردار کي ضرور تسليم ڪرڻ چاهيندس، جيڪو جي سي سي ملڪن کان زراعت، لائيو اسٽاڪ، کاڻين جي کوٽائي ۽ سياحت جهڙن شعبن ۾ سيڙپڪاري کي آڻڻ جي عمل جي قيادت ڪري رهي آهي. آئون ان سلسلي ۾ وزيراعظم جي چين جي دوري جو ذڪر ڪرڻ چاهيندس. ان دوري جو مقصد سي پيڪ فيز 2 کي وڌيڪ تيز ڪرڻ هو. سي پيڪ جي ان فيز ۾ چيني ڪمپنين کي خصوصي معاشي زونز وسيلي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪيا ويندا. ان سان گڏوگڏ پاڪستاني ڪمپنيون چيني ڪمپنين سان جوائنٽ وينچر ڪري سگهنديون. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي سان ملڪ ۾ صنعتي شعبي ۾ برآمدات ۾ اضافي جو هڪ نئون باب کلندو. چين جي دوري جي لاءِ وزيراعظم جي وفد ۾ پاڪستان جي 97 اهم ڪمپنين جا نمائندا شامل هئا. ان سلسلي ۾ چين جي شهر شينزن ۾ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. توانائي، ڪلچر، آءِ ٽي، فارماسيوٽيڪلز، زراعت ۽ خوراڪ جي شعبي بابت 31 بي ٽو بي مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون ۽ ان سان گڏ پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ وڌيڪ مفاهمت جي يادداشتن تي ڳالهه ٻولهه جاري آهي. انهن جو تعلق لوهه، اسٽيل، موبائيل، سولر سيلز، اي ويز ۽ آٽو موبائيلز مينوفيڪچرنگ ۽ ٽيڪسٽائيل جهڙن شعبن سان آهي. گڏوگڏ بي او آءِ 6 مختلف ادارن سان بي ٽو بي سهڪار جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا وڏا خطرا لاڳو آهن ۽ ڪلائميٽ ميٽيگيشن جي ڪوششن کي هٿي وٺرائڻ جي لاءِ حڪومت ڪيترن ئي قدمن تي ڪم ڪري رهي آهي،جنهن ۾ ڪلائميٽ ميٽيگيشن ۽ ايڊاپشن جي قدمن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان ڪلائميٽ چينج اٿارٽي کي فعال بڻايو پيو وڃي. نيشنل ڪلائميٽ فنانس اسٽريٽجي آڪٽوبر 2024ع تائين تيار ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد گلوبل ڪلائميٽ فنانس کي پاڪستان ۾ آڻڻ آهي، جنهن سان ڪاربان اميشن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي منصوبن تي عمل ڪري سگهجي. جڏهن ته نيشنل ڊيجيٽل ڪلائميٽ فنانس مانيٽرنگ ڊيش بورڊ قائم ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪلائميٽ فنانس جي حوالي سان ملندڙ ٻاهرئين امداد جي باري ۾ معلومات گڏ ڪندو. حڪومت جي بجيٽنگ اينڊ اڪائونٽنگ سسٽم ۾ جينڊر اينڊ ڪلائميٽ بجيٽ ٽيگنگ ڪئي وئي آهي، جنهن سان انهن سيڪٽرز جي حوالي سان پاليسي سازي ۽ عملدرآمد ۾ مدد ملندي. حڪومت اي بائيڪس جي لاءِ 4 ارب رپيا ۽ توانائي جي بچت وارن پنکن جي لاءِ 2 ارب رپيا مخصوص ڪري رهي آهي.ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي آئون 25 – 2024ع جي بجيٽ جي اهم نقطن کي پيش ڪندس. مالي سال 25 – 2024ع جي لاءِ اقتصادي ترقي جي شرح 3.6 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. ناڻي واڌ جي سراسري شرح 12 سيڪڙو رهڻ جي اميد آهي. بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 6.9 سيڪڙو، جڏهن ته پرائمري سرپلس جو جي ڊي پي جو هڪ سيڪڙو هوندو. ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڪاٿو 12970 ارب رپيا آهي جيڪو هلندڙ مالي سال کان 38 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ان لاءِ وفاقي اوڳاڙين ۾ صوبن جو حصو 7 هزار 438 ارب رپيا هوندو. وفاقي نان ٽيڪس روينيو جو هدف 3 هزار 587 ارب رپيا هوندو. وفاقي حڪومت جي نج آمدني 9 هزار 119 ارب رپيا هوندي. وفاقي حڪومت جي ڪل خرچن جو ڪاٿو 18 هزار 877 ارب رپيا آهي جنهنمان 9 هزار 775 ارب رپيا وياج جي ادائيگي ۾ ويندا. پي ايس ڊي پي جي لاءِ هڪ هزار 400 ارب رپين جي بجيٽ مخصوص ڪئي ويندي. پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ وسيلي 100 ارب رپيا اضافي مخصوص ڪيا ويندا. مجموعي ترقياتي بجيٽ تاريخ جي بلند ترين سطح تي يعني 1500 ارب رپين جي هوندي. 2 هزار 122 ارب رپيا دفاعي ضرورتن جي لاءِ فراهم ڪيا ويندا ۽ سول انتظاميا جي خرچن جي لاءِ 839 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويندا. پينشن جي خرچن جي لاءِ هڪ هزار 14 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويندا. بجلي،گئس ۽ ٻين شعبن جي لاءِ سبسڊي طور تي هڪ هزار 363 ارب رپين جي رقم مخصوص ڪئي پئي وڃي. هڪ هزار 777 ارب رپين تي ٻڌل ڪل گرانٽس بنيادي طور تي بي آءِ ايس پي، اي جي ڪي،گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۾ ضم ٿيندڙ ضلعن، هيڪ، ريلوي، مٽاسٽا جي ناڻي ۽ آءِ ٽي جي شعبي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مخصوص ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ جو پروگرام ملڪ کي ترقي، خوشحالي ۽ سماجي ڀلائي طرف گامزن ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هي جدت، بنيادي ڍانچي جي واڌ ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ ڪيٽلسٽ جو ڪم ڪري ٿو. حڪومت 25 – 2024ع جي لاءِ تاريخ ۾ سڀ کان وڏو فيڊرل پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پروگرام (پي ايس ڊي پي) جوڙيو آهي، جنهن جو ماپو هڪ هزار 500 ارب رپيا آهي جيڪو گذريل سال جي نظرثاني ٿيل ماپي کان 101 سيڪڙو وڌيڪ آهي. 1500 ارب ۾ پي پي پي پراجيڪٽس جي لاءِ 100 ارب رپيا شامل آهن. ان مشڪل صورتحال ۾ ترقياتي بجيٽ جو اهو ماپو انفراسٽرڪچر کي ترقي ڏيڻ ۽ ٽرانسپورٽيشن، توانائي، آءِ ٽي ۽ پاڻي وسيلن جي انتظام ۾ اهم چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي عزم ۽ سچي نيت جو مظهر آهي ته جيئن معاشي ترقي ۾ سهارو ملي ۽ ملڪ واسين جي زندگي جي معيار ۾ بهتري اچي. پي ايس ڊي پي 25 – 2024ع ۾ جاري منصوبن جي تڪميل کي ترجيح ڏني وئي آهي. اٽڪل 83 سيڪڙو وسيلا جاري منصوبن جي لاءِ جڏهن ته17 سيڪڙو وسيلا نئين منصوبن جي لاءِ مخصوص ڪيا ويا آهن. بنيادي انفراسٽرڪچر جو شعبو وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي. مالي سال 25 – 2024ع جي پي ايس ڊي پي ۾ ان شعبي جي لاءِ 59 سيڪڙو رقم مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي.سماجي شعبي جي لاءِ ترقياتي بجيٽ جو 20 سيڪڙو رکڻ جي تجويز آهي. ملڪ ۾ متوازن علائقائي ترقي کي يقيني بڻائڻ هڪ آئيني ذميواري آهي.ان جي لاءِ آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 10 سيڪڙو وسيلا مخصوص ڪيا ويا آهن. اٽڪل 11.2 سيڪڙو وسيلا ٻين شعبن جهڙوڪ آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، گورننس ۽ پيداواري شعبي وغيره جي لاءِ مخصوص آهن. پي ايس ڊي پي 25 – 2024ع جي لاءِ نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل پاران منظور ڪيل گائيڊ لائينز موجب معيار تي پورو لهندڙ منصوبن کي ترجيح ڏني ويندي. اسٽريٽجڪ اينڊ ڪور پراجيڪٽس جن ۾ آبي وسيلا، ٽرانسپورٽيشن، مواصلات ۽ توانائي جي شعبن طرف خصوصي ڌيان ڏنو ويندو. غيرملڪي امداد تي هلندڙ منصوبا ته جيئن انهن جي تڪميل مقرر وقت ۾ ڪري سگهجي ۽ سڀني شعبن ۾ اهڙا منصوبا جن تي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪو آهي، جن کي مالي سال 25 – 2024ع دوران مڪمل ڪري سگهجي ٿو ۽ معيشت کي مالي ۽ اقتصادي فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته برآمدات کي سپورٽ ڪرڻ، پيداواري صلاحيت ۾ اضافي، چٽاڀيٽي کي فروغ ڏيڻ، ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر کي هٿي وٺرائڻ، انوويشن ڊرائيون انٽر پرائيزز، صنعتي ترقي، ايگرو انڊسٽري ۽ ٻجن جي ترقي، بليو اڪانومي، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي، کوجنا ۽ ترقي ۽ جدت وارن سڌارن تي ڌيان ڏيندڙ نئين منصوبن جي به حوصلا افزائي ڪئي ويندي. ان کانسواءِ متوازن ترقي ۽ ريجنل ايڪيويٽي ۽ پائيدار ترقي جي قدمن کي به پي ايس ڊي پي 25 – 2024ع ۾ شامل ڪيو ويو آهي. اقتصادي ترقي جي سلسلي ۾ اسان نجي شعبي جي اهم ڪردار کي ترقي جي بنيادي محرڪ طور تي تسليم ڪريون ٿا. اسان نجي شعبي جي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪريون ٿا ۽ وائبلٽي گيپ ارينجمينٽ وسيلي نجي شعبي جي ڪوششن ۾ حصو وجهڻ جي لاءِ تيار آهيون. اسان سمجهون ٿا ته سرڪاري ۽ نجي شعبن جي وچ ۾ تعاون نه رڳو ٻنهي شعبن جي طاقت ۾ اضافوڪري ٿو پر پائيدار ۽ جامع ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اهو تعاون انتهائي ضروري آهي. ٽرانسپورٽيشن جي شعبي ۾ هاءِ ويز جي نيٽ ورڪ کي بهتر بڻائڻ، وڏن شهرن ۽ علائقن جي وچ ۾ رابطا وڌائڻ ۽ ٽريفڪ جي وڌندڙ ماپي کي سنڀالڻ جي لاءِ موجوده انفراسٽرڪچر کي اپ گريڊ ڪرڻ جي منصوبي تي ڌيان ڏنو ويو آهي،جڏهن ته اهڙا قدم کنيا پيا وڃن جنهن جو مقصد ملڪ جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر کي سگهه ڏيڻ ۽ جديد بڻائڻ آهي. جن ۾ هائيڊرو پاور ڊيم جي تعمير، سولر پاور پلانٽس هڻڻ ۽ ٽرانسميشن لائينز وڇائڻ شامل آهي ته جيئن بجلي جي جامع ورڇ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ توانائي جي وڌندڙ طلب کي پورو ڪري سگهجي. جڏهن ته فلڊ ريڊڪشن ۽ زرعي ۽ گهريلو استعمال جي لاءِ پاڻي جي مسلسل فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڊيمن، آبپاشي جي نظام ۽ نيڪالي جي نيٽ ورڪ جي تعمير جي وسيلي واٽر ريسورس مئنيجمينٽ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويندو. اهي منصوبا انفراسٽرڪچر کي ترقي ڏيڻ ۽ ٽرانسپورٽيشن، توانائي ۽ آبي وسيلن جي انتظام ۾ درپيش وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿا ته جيئن اقتصادي ترقي ۾ مدد ملي ۽ شهرين جي زندگي جي معيار کي بهتر بڻائي سگهجي. ايندڙ مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ انفراسٽرڪچر جي فراهمي جي لاءِ 824 ارب رپين جي وڏي رقم مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. جنهن مان توانائي جي شعبي جي لاءِ 253 ارب رپيا، ٽرانسپورٽ اينڊ ڪميونيڪشن جي شعبي جي لاءِ 279 ارب رپيا، پاڻي جي شعبي جي لاءِ 206 ارب رپيا جڏهن ته پلاننگ ۽ هائوسنگ جي لاءِ 86 ارب رپيا شامل آهن. سماجي شعبي جي لاءِ هلندڙ سال ۾ 244 ارب رپين جي ڀيٽ ۾ 280 ارب رپيا مخصوص ڪرڻ جي تجويز آهي. خصوصي علائقا (آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان) جي لاءِ 75 ارب رپيا، خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيندڙ علائقن جي لاءِ 64 ارب رپيا، سائنس ۽ آءِ ٽي جي لاءِ 79 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح پروڊڪشن سيڪٽر بشمول زراعت جي لاءِ 50 ارب رپيا مخصوص ڪيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي 25 – 2024ع ۾ اسڪل ڊيولپمينٽ تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن اسان جي ملڪ جا نوجوان جديد ناليج ۽ ٽريننگ حاصل ڪري روزگار حاصل ڪري سگهن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي نه رڳو ملڪ جو سڀ کان وڏو شهر پر ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ ڪراچي اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان جي لاءِ تمام ضروري آهي ته سڀني لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان ڪراچي جي انفراسٽرڪچر کي جدت طرف وٺي وڃجي. ان جي لاءِ هڪ جامع ڪراچي پئڪيج جي تجويز آهي. ان سان گڏوگڏ حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ بينظير آباد جي لاءِ به منصوبا جوڙڻ جي تجويز آهي. اهڙي طرح ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪي فور منصوبي جي لاءِ وڏي رقم رکڻ جي تجويز آهي ته جيئن ان منصوبي کي پڄاڻي تي پهچائي سگهجي. وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي اسلام آباد جي اسپتالن کي جديد ڪرڻ جي لاءِ هڪ جامع پلان جوڙيو پيو وڃي ته جيئن اسلام آباد، راولپنڊي، آزاد ڪشمير، خيبرپختونخواهه ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي عوام کي علاج جي جديد سهولت فراهم ڪري سگهجي. خاص طور تي پمز ۾ قائداعظم هيلٿ ٽاور جي نالي سان هڪ نئون منصوبو شروع ڪرڻ جي تجويز آهي، جنهن جي لاءِ هڪ وڏي رقم رکڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن سال جي ٽيڪس پاليسي جي اهم اصولن ۾ ٽيڪس جو دائرو وسيع ڪري ٽيڪس ٽو جي ڊي پي شرح ۾ اضافو ڪرڻ آهي. غيردستاويز معيشت کي ختم ڪري ڊيجيٽائيزيشن ڪيو ويندو. پروگريس ٽيڪس سسٽم تحت وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو. نان فائيلرز جي لاءِ ڪاروباري منتقلي جي ٽيڪس ۾ نمايان اضافوڪيو ويندو. ناڻي واڌ جي ڪري گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ تحفظ فراهم ڪيو ويندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت عوام کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن ڪوششن جو مقصد آهي ته روزگار جا موقعا وڌن، ٽيڪس ڏيندڙن ۽ دستاويزي شعبن جي لاءِ ڪاروبار آسان بڻايو وڃي ۽ صنعتن ۽ برآمدات جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته جيئن ان سان پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن کي وڌائي سگهجي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي آئون انڪم ٽيڪس جي انهن ڪجهه اهم قدمن جو تفصيل پيش ڪندس، جيڪي اوڳاڙين جي حوالي سان کڻڻ جي تجويز آهي. نجي انڪم ٽيڪس سڌارا: ايف بي آر 2019ع کان 2023ع تائين ڪارپوريٽ انڪم ٽيڪس سڌارا لاڳو ڪيا، هاڻي ذاتي انڪم ٽيڪس سڌارا لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي ته جيئن ذاتي انڪم ٽيڪس جي شرح کي عالمي معيار موجب ڪري سگهجي. ان ڏس ۾ انڪم ٽيڪس ڇوٽ 6 لک رپين جي آمدني تي برقرار رکڻ جي تجويز آهي ۽ اها به تجويز آهي ته پگهاردار طبقي ۾ وڌ کان وڌ ٽيڪس سليب ۾ اضافو نه ڪيو وڃي. جڏهن ته سليبز ۾ ڪجهه ڦيرڦار تجويز ڪئي پئي وڃي، تنهن هوندي به غيرپگهاردار ماڻهن کي وڌ کان وڌ ٽيڪس جي شرح 45 سيڪڙو رکڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت ايڪسپورٽرز جي آمدني تي مجموعي وصولين جي هڪ سيڪڙو جي شرح سان فائيل ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي ٿو. ايڪسپورٽس اسان جي معيشت جي لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿا.اسان ايڪسپورٽرز کي هر سهولت فراهم ڪنداسين ۽ انهن جي مسئلن، سيلز ٽيڪس ريفنڊ ۾ دير، توانائي جي شعبي ۾ مسئلن وغيره جو خاتمو ڪنداسين. ان سان گڏوگڏ اهو به ضروري آهي ته هر طبقو پنهنجي آمدني موجب ملڪ جي پائيدار ترقي ۾ پنهنجو حصو وجهي. هوريزينٽل ايڪويٽي جي اصولن موجب ايڪسپورٽرز تي نارمل ٽيڪس رجيم تحت ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ريئل اسٽيٽ ۽ ڪيپيٽل گينز جي موجوده قانونن ۾ اموويبل پراپرٽيز جي ڪيپيٽل گينز تي فائيلرز ۽ نان فائيلرز ٻنهي جي لاءِ هولڊنگ جي مدي جي لاءِ ٽيڪس لاڳو ڪيو وڃي ٿو. هولڊنگ جي مدي کان هٽي ڪري 15 سيڪڙو جي شرح سان ٽيڪس وصول ڪرڻ جي تجويز آهي. جڏهن ته نان فائيلرز جي ٽيڪس ريٽ مختلف سليبس تحت 45 سيڪڙو تائين ڪرڻ جي تجويز آهي. ان قدم سان معيشت کي دستاويزي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. اهڙي طرح هائوسنگ سيڪٽر مان اسپيڪيوليشن جو خاتمو ٿيندو ۽ عوام کي مناسب گهرن جي فراهمي ۾ مدد ملندي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته سيڪيورٽيز تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس جي موجوده قانون ۾ فائيلرز ۽ نان فائيلرز ٻنهي جي لاءِ هولڊنگ جي مدت جي بنياد تي سيڪيورٽيز تي ڪيپيٽل گين ٽيڪس لڳايو وڃي ٿو. ڪيپيٽل گينز تي ٽيڪس نظام کي تبديل ڪيو پيو وڃي. پهرين جولاءِ 2024ع کانپوءِ هولڊنگ جي مدت کان هٽي ڪري فائيلرز جي لاءِ 15 سيڪڙو جڏهن ته نان فائيلرز جي لاءِ مختلف سليبس تحت ٽيڪس جي شرح 45 سيڪڙو تائين ڪرڻ جي تجويز آهي. پاڪستان ۾ اموويبل پراپرٽيز جي منتقلي تي تجويز ڪيل پروگريسو ود هولڊنگ ٽيڪس انهن فائيلرز جي لاءِ اموويبل پراپرٽيز خريد ڪرڻ تي فليٽ 3 سيڪڙو ۽ نان فائيلرز تي 6 سيڪڙو ٽيڪس آهي. اهڙا ماڻهو ٽيڪس ريٽرن فائيل ڪرڻ جي آخري تاريخ تي ڪڏهن به گوشوارا فائيل ناهن ڪندا جڏهن ته جائيداد جي خريداري جي وقت ٽرانزيڪشن کان پهرين گوشوارا فائيل ڪن ٿا. مقرر تاريخ تائين ٽيڪس گوشوارا فائيل ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ ۽ نان فائيلرز ۽ دير سان گوشوارا فائيل ڪندڙن جي لاءِ ڪاروبار جي لاڳت وڌائڻ جي غرض سان اها تجويز آهي ته فائيلرز نان فائيلرز ۽ دير سان گوشوارا جمع ڪرائيندڙن جي لاءِ 3 جدا جدا ريٽس متعارف ڪرايا وڃن. ان حوالي سان انهن ٽنهي ڪيٽيگريز جي لاءِ ٽيڪس جي شرح ۾ ڦيرڦار تجويز ڪئي پئي وڃي. ان تجويز ڪيل قدمن جو مقصد نان فائيلرز تي ٽيڪس جو بار وڌائڻ ۽ وڌيڪ روينيو گڏ ڪرڻ آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت صرف مخصوص ڪاروباري شعبن جي ڊيلرز، هول سيلرز، ڊسٽري بيوٽرز ۽ ريٽيلرز کان ايڊوانس انڪم ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي. واپارين کي دستاويزي شڪل ڏيڻ ۽ نان فائيلرز جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي لاءِ تجويز ڪيو پيو وڃي ته سڀني ڪاروبارن جي پوري سپلائي چين جي لاءِ ايڊوانس ٽيڪس وصولي جي اسڪوپ کي وڌايو وڃي.نان فائيلرز کان ايڊوسن ود هولڊنگ جي شرح هڪ سيڪڙو مان وڌائي 2.25 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. موجوده قانون تحت 2000 سي سي تائين جي گاڏين جي خريداري ۽ رجسٽريشن تي ايڊوانس ٽيڪس جي وصولي انجڻ جي سگهه جي بنياد تي ڪئي وڃي ٿي. گاڏين جي قيمتن ۾ گهڻو اضافو ٿي چڪو آهي ان جي لاءِ ٽيڪس جي اصل سگهه مان فائدو کڻڻ جي لاءِ اها تجويز ڏني پئي وڃي ته سڀني موٽر گاڏين جي لاءِ ٽيڪس وصولين جو بنياد انجڻ جي سگهه مان تبديل ڪري قيمت جي بنياد تي ڪيو وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هاڻي آئون سيلز ٽيڪس بابت ڪجهه اهم تجويزون پيش ڪندس. هن چيو ته زيرو ريٽنگ ايگزمپشن ۽ ريڊيوسڊ ريٽس جي ڇوٽ جو خاتمو جي معاملي تي حڪومت ٽيڪس قانونن ۾ برابر ۽ انصاف جي اصولن تي ڪاربند آهي. انهن شين تي بار بار زور ڏنو ويو آهي ته ٽيڪس قانونن ۾ ڪيتري ئي ڇوٽ ڏني وئي آهي جيڪا نه رڳو حڪومت جي آمدني کي گهٽ ڪري ٿي پر سماجي ۽ اقتصادي ترقي کي به متاثر ڪري ٿي. ان لاءِ اسان سيلز ٽيڪس ۾ ڏنل مختلف ڇوٽن ۽ مراعتن جو جائزو ورتو آهي ۽ اهڙين ڪيترين ئي شين جي نشاندهي ڪئي آهي جنهن سان ڇوٽ ۽ سهولت کي ختم ڪرڻ جي تجويز آهي. ان مان ڪجهه کي گهٽ اگهه جڏهن ته ٻين کي اسٽينڊرڊ ريٽ تي ٽيڪس ڪيو ويندو. انهن جا تفصيل ناڻي واري بل ۾ ڏنا ويا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ان کانسواءِ تجويز آهي ته ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي مصنوعات جي TIER-1 RETAILERS تي لاڳو سيلز ٽيڪس جي ريٽ کي 15 سيڪڙو مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويندو. اهو ٽيڪس بنيادي طور تي ٽيڪسٽائيل ۽ چمڙي جي مهانگي ۽ برانڊيڊ مصنوعات تي لاڳو ٿيندو. هي ٽيڪس ان طبقي تي لاڳو ڪيو پيو وڃي جيڪي مهانگي شيون خريد ڪرڻ جي سگهه رکي ٿو. ان سان عام ماڻهن تي ڪو به اثر نه پوندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪنسيشنري ريٽس مارڪيٽ ۾ ڪجهه مخصوص شين کي فائدو پهچائيندي ڊسٽارشن پيدا ڪن ٿا جڏهن ته اسٽينڊرڊ ريٽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته سڀني کي هڪ جهڙا موقعا ميسر هجن ۽ مارڪيٽ فورسز موثر طريقي سان ڪم ڪري سگهن. ان جي لاءِ هيٺئين سببن جي بنياد تي تجويز آهي ته موبائيل فونز جي مختلف ڪيٽيگريز تي سيلز ٽيڪس اسٽينڊرڊ ريٽ لاڳو ڪيو وڃي.ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ٽامي، ڪوئلي، ڪاغذ ۽ پلاسٽڪ جي اسڪريپ بابت سيڪٽرز غيرمنظم آهن ۽ قومي ناڻي ۾ انهن جو حصوپتي نه هجڻ جي برابر آهي. ان شعبي ۾ ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ تجويز آهي ته سيلز ٽيڪس ود هولڊنگ رجيم لاڳو ڪيو وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ان کانسواءِ تجويز آهي ته لوهه ۽ اسٽيل جي اسڪريپ کي سيلز ٽيڪس کان ڇوٽ ڏني وڃي.ڏسڻ ۾ آيو آهي ته رجسٽرڊ شخص مارڪيٽ کانسواءِ سيلز ٽيڪس چارج ڪندي اسڪريپ خريد ڪن ٿا ان جي لاءِ انهن وٽ ان پٽ ٽيڪس ناهي هوندو جنهن موجب اهي آئوٽ پٽ ٽيڪس ايڊجسٽ ڪري سگهن. ان گهٽتائي کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪوڙيون انوائيسز ٺاهيون وڃن ٿيون. ان رجحان جي خاتمي لاءِ تجويز آهي ته لوهه ۽ اسٽيل اسڪريپ کي سيلز ٽيڪس جي ڇوٽ ڏئي ڪوڙين انوائيسز جي رجحان کي ختم ڪيو وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته 2018ع ۾ فاٽا ۽ پاٽا جي خيبرپختونخواهه ۾ انضمام کانپوءِ انهن علائقن کي 5 سالن جي لاءِ ٽيڪس ڇوٽ ڏني وئي هئي. اها ڇوٽ 30 جون 2023ع تي ختم ٿي وئي هئي. ان ۾ هڪ سال جو اضافو ڪيو ويو هو. انهن علائقن ۾ ڏنل ڇوٽ آهستي آهستي ختم ڪئي پئي وڃي ته جيئن انهن کي قومي ڌارا ۾ آڻي سگهجي. جڏهن ته فاٽا پاٽا جي رهواسين کي انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ هڪ سال تائين وڌائي پئي وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت ان پيڊ سيلز ٽيڪس ۽ ايف اي ڊي تي 12 سيڪڙو ساليانو جو فڪس ٽيڪس لاڳو آهي. تجويز آهي ته ان کي وڌائي KIBOR+3% ڪيو وڃي ته جيئن اهو اسٽيٽ بئنڪ پاڪستان جي پاليسي ريٽ سان هڪ جهڙائي رکي سگهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي بابت ڪجهه تجويزون ڏجن ٿيون. مارڪيٽ ۾ جعلي سگريٽن جي دستيابي حڪومت ۽ عوامي صحت جي ادارن جي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم کي متعارف ڪرائڻ جي باوجود تماڪ جي اسمگلنگ ۽ جعلي نان ٽيڪس پيڊ مصنوعات جي مارڪيٽ ۾ دستيابي هڪ اهم مسئلو آهي. ان مسئلي جي حل لاءِ ٽيڪس اسٽيمپ کانسواءِ سگريٽ وڪرو ڪندڙ ريٽيلرز تي سخت سزائون لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. جنهن ۾ انهن جا دڪان سيل ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ايسيٽيٽ ٽو سگريٽ فلٽر جي پيداوار ۾ استعمال ٿيندڙ بنيادي عنصر آهي. تجويز آهي ته ان تي 44 هزار رپيا في ڪلو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪئي وڃي. ان تجويز سان فارمل سيڪٽر تي ڪو به اضافي بار نه پوندو جڏهن ته ان فارمل سيڪٽر تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ اضافو ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته هن وقت سيمنٽ تي 2 رپيا في ڪلو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو آهي تجويز آهي ته ان کي وڌائي 3 رپيا في ڪلو ڪيو وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ريئل اسٽيٽ ۾ استحڪام آڻڻ ۽ اسپيڪيوليشن کي روڪڻ جي لاءِ نئين پلانٽ، رهائشي ۽ ڪمرشل پراپرٽي تي 5 سيڪڙو فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي لاڳو ڪرڻ جي تجويز آهي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته ڪسٽمز ڊيوٽي جي مد ۾ هيٺيون اهم تجويزون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته ايڪوا ڪلچر جي ترقي جي لاءِ جهينگن ۽ مڇين جي فارمنگ کي فروغ ڏيڻ جي غرض سان ۽ فوڊ سيڪيورٽي ۽ برآمدات ۾ اضافي جي مقصد کي نظر ۾ رکندي مڇين ۽ جهينگن جي پالنا جي لاءِ گهرائجندڙ سيڊ ۽ فيڊ جي درآمد سان گڏوگڏ فارمنگ بريڊنگ ۽ فيڊ مل ۽ پراسيسنگ يونٽس جي درآمد تي رعايت ڏني پئي وڃي. سولر پينل انڊسٽري جي فروغ جي لاءِ درآمد تي رعايت جي لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته برآمد ڪندڙ ۽ مقامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سولر پينل تيار ڪرڻ جي غرض سان پلانٽ، مشينري ۽ ان سان لاڳاپيل اوزارن، سولر پينلز ۽ انوينٽرز ۽ بيٽرين جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ ڪچي مال ۽ پرزن جي درآمد تي رعايت ڏني پئي وڃي ته جيئن درآمد ٿيل سولر پينلز تي دارومدار گهٽ ڪيو وڃي ۽ قيمتي پرڏيهي ناڻو بچائي سگهجي. هائبرڊ گاڏين جي درآمد تي ٽيڪس ڊيوٽي ۾ ڇوٽ جي خاتمي جي حوالي سان ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته نئين ٽيڪنالاجي جي ڪري هائبرڊ ۽ عام گاڏين جي قيمتن ۾ تمام وڏو فرق آهي ان جي ڪري هائبرڊ گاڏين جي درآمد تي ٽيڪس ڊيوٽي ۾ 2013ع ۾ ڇوٽ ڏني هئي. هن وقت ٻنهي قسمن جي گاڏين جي قيمتن ۾ فرق گهٽ ٿي چڪو آهي ۽ مقامي طور تي هائبرڊ گاڏين جي تياري شروع ٿي چڪي آهي، ان لاءِ مقامي صنعت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اها رعايت هاڻي واپس ورتي پئي وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته لگزري اليڪٽرڪ گاڏين جي درآمد تي ملندڙ رعايت واپس ورتي پئي وڃي ڇو ته 50 هزار ڊالر ۽ ان کان وڌيڪ قيمت جون گاڏيون درآمد ڪرڻ جي سگهه رکندڙ ماڻهو ٽيڪس ڏيڻ جا مستحق آهن ۽ ڊيوٽيز به ادا ڪري سگهن ٿا. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته گذريل ڪجهه سالن ۾ مقامي طور تي تيار ٿيندڙ شيشي جي برآمد ۾ اضافي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي. مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ۽ مدد جي لاءِ شيشي جي مصنوعات جي درآمد تي ڪسٽم ڊيوٽيز ۾ ملندڙ رعايتن تي ڇوٽ ختم ڪئي پئي وڃي. اسٽيل ۽ ڪاغذ جي مصنوعات بال بيئرنگ وغيره جي مقامي تياري جي حوصلا افزائي جي لاءِ انهن سڀني شين جي درآمد تي ڊيوٽيز وڌائي پئي وڃي. ناڻي واري وفاقي وزير ريليف قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته مهانگائي جي ڪري ماڻهن جي خريداري جي سگهه متاثر ٿي آهي، پگهاردار طبقو ان سان گهڻو متاثر ٿيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو حڪومت پنهنجي مالي مشڪلاتن جي باوجود سرڪاري ملازمن جي مشڪلاتن جو احساس ڪندي انهن جي لاءِ ريليف جا قدم کڻي رهي آهي. جنهن تحت هڪ کان 16 گريڊ تائين جي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 25 سيڪڙو، گريڊ 17 کان 22 تائين جي آفيسرن جي پگهارن ۾ 20 سيڪڙو اضافو ڪيو پيو وڃي جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جي تجويز ڏيندي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 37 هزار ماهوار مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير آئون وزيراعظم، نائب وزيراعظم، ڪابينا جي ساٿين، ناڻي واري مملڪتي وزير ۽ ٻنهي ايوانن جي ميمبرن جي حمايت ۽ مشورن جي لاءِ انهن جو ٿورائتو آهيان. آئون ناڻي واري ڊويزن، ايف بي آر ۽ منصوبابندي ڊويزن جي اڻٿڪ محنت جو ٿورائتو آهيان. اسان پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ترقي جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين ۽ الله تعاليٰ جي مدد سان پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ ان جي جائز ۽ مستحق مقام تائين پهچائينداسين. ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته آخر ۾ آئون اهو چوڻ چاهيندس ته اسان جي اقتصادي بحالي ان وقت تائين ممڪن نه آهي جيستائين قومي اتفاق راءِ نه هجي. معاشي ڪاميابيون حاصل ڪندڙ ملڪ پنهنجا معاشي سڌارا گڏيل ڪوششن ۽ مفادن کي نظر ۾ رکندي ڪيا آهن. اسان رڳو ان صورت ۾ ڪامياب ٿينداسين، جڏهن اسان جون سڀئي لاڳاپيل ڌريون پنهنجي ذاتي ۽ پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي انهن معاشي سڌارن تي عملدرآمد ڪندا. هتي آئون مخالف ڌر جي بئنچن تي ويٺل ساٿين کي گذارش ڪندس ته اهي هن بجيٽ جي حوالي سان وڌ کان وڌ رهنمائي ڪن ته جيئن اسان گڏجي پاڪستان کي ترقي جي منزل طرف وٺي وڃي سگهون.