شينزن – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته چين جي ترقي اسان سڀني جي لاءِ قابل تقليد مثال آهي، چين ترقي جي لاءِ فرسوده طريقيڪار کي ختم ڪري جديد طريقا اختيار ڪيا، پاڪستاني ڪمپنيون چيني ماڊل اختيار ڪن، پنهنجي مصنوعات کي بهتر انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪن، حڪومت مڪمل تعاون ڪندي، اسان وچن ڪريون ٿا ته قائداعظم جي ويزن تي عمل ڪري پاڪستان کي ترقي ڏيارينداسين، پاڪستان مان بدعنواني ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ موثر قدمن ۽ ڍانچاجاتي تبديليون آنديون پيون وڃن. هُو چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. بزنس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته چين کي شاندار بزنس ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، گهٽ مدي ۾ ان ڪامياب بزنس ڪانفرنس جي انعقاد تي پاڪستان جي چين ۾ سفير ۽ چين جي پاڪستان ۾ سفير سميت منتظمين کي مبارڪباد ڏيان ٿو. ٻنهي ملڪن جون ڪاروباري شخصيتن جي هتي موجودگي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ دوستاڻي لاڳاپن جي فروغ جي عڪاسي آهي ان فورم جي سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته چين جي شهر شينزن مختصر مدي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، اسان کي ماضي کي پٺتي ڇڏي اڳتي وڌڻو آهي. ويجهي ماضي ۾ هي مُهاڻن جو ننڍو شهر هو جڏهن ته هاڻي ان جي جي ڊي پي 500 بلين يوان آهي. هن چيو ته چين جي ترقي اسان سڀني جي لاءِ مثال آهي. پاڪستان جي آبادي 25 ڪروڙ ۽ اسان جي جي ڊي پي 380 ارب ڊالر آهي، اسان ان مان سبق حاصل ڪرڻ جي ضرورت آهي. چيني قيادت جي ويزن جي ڪري ۽ شي جن پنگ جي ولولي انگيز قيادت ۾ چين دنيا جي ٻي وڏي معيشت ۽ فوجي قوت آهي جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي. موجوده چين پاڪستان کان ٻه سال اڳ وجود ۾ آيو، شروعاتي ڏهاڪن تائين پاڪستان جا معاشي انگ اکر چين کان بهتر هئا. چيني صدر شي جن پنگ جي 3 وڏين ڪاميابين جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته انهن ڪاميابين ۾ ڪرپشن جو خاتمو، 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت جي سطح مان ڪڍڻ ۽ چيني نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ شامل آهي جنهن سان چين مڪمل تبديل ٿيو. اڄ چين دنيا جي وڏي انگ ۾ ڊيري ۽ زرعي مصنوعات برآمد ڪري رهيو آهي، هو پيداوار وڌائڻ جي لاءِ فرسوده طريقيڪار کي ختم ڪري جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪري رهيو آهي. هن چيو ته بزنس ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي لاءِ سنهري موقعا آهن، اسان جا ڪاروباري ماڻهو چيني هم عصرن سان گڏجي ويهن ۽ گڏيل سيڙپڪاري جا موقعا ڳولين، آئون سيڙپڪارن ۽ واپارين کي حڪومت پاران مڪمل تعاون جي خاطري ڪرايان ٿو ته جيئن ٻنهي ملڪن جا واپاري هڪ جهڙو منافعو حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته پاڪستان جا معدني وسيلا 10 ٽريلين ڊالر تائين آهن جڏهن ته اسان جي روانگي واپار جو ڪاٿو رڳو 30 ارب ڊالر آهي. وزيراعظم چيو ته شينزن شهر جي ترقي اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي. اسان کي چين جي جدوجهد کي ڏسڻو آهي ان جي تجربن مان سکڻو آهي. هن چيو ته هو ان عزم سان پاڪستان ويندو ته گهٽ مدي ۾ ان جذبي سان ان ماڊل تي عمل پيرا ٿي پاڪستان کي قائداعظم جي ويزن تي عمل ڪندي ترقي ڏياريندو. هن پاڪستاني ڪمپينن جي سربراهن کي چيو ته اهي چيني ماڊل اختيار ڪن، پاڪستاني ڪمپنيون پنهنجي مصنوعات کي بهتر انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪن، پاڪستان حڪومت توهان سان گڏ آهي، اسان اڳ ۾ ئي ڍانچاجاتي تبديليون شروع ڪري ڇڏيون آهن، بدعنواني ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ موثر قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان اعتراف ڪريون ٿا ته پاڪستان کي مسئلا درپيش آهن جڏهن ته اسان سڀ گڏجي ان کي قائداعظم جو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪنداسين، هڪ فلاحي رياست بڻائينداسين، وزيراعظم بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو ذڪر ڪندي چيو ته هي منصوبو ترقي جي ضمانت آهي، ان منصوبي تحت پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪارن پاران 25 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي. وزيراعظم ڪجهه مهينا اڳ 5 چيني شهرين جي دهشتگردن جي هٿان قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اهو هڪ افسوسناڪ واقعو هو. ان ڏينهن پورو پاڪستان سوڳوار هو، اسان سوڳوار خاندانن سان پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا. پاڪستان ۾ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جو پڪوپهه ڪيو آهي، انهن جي حفاظت يقيني بڻائينداسين ۽ اهڙا واقعا ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته چين نه رڳو عظيم دوست عظيم پاڙيسري ملڪ آهي پر هو ڀروسي جوڳو دوست جنهن هر آزمائش ۽ مشڪل ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، عالمي فورمز تي پاڪستان سان گڏ بيٺل رهيو آهي، پاڪستان جي عوام جي بهتري جي لاءِ چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.