اسلام آباد – 03 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ چيو آهي ته بي آر آءِ منصوبي سان مجموعي طور تي 25 ارب 40 ڪروڙ ڊالر جي سڌي سنئين سيڙپڪاري، 2 لک 36 هزار نوڪريون، 510 ڪلوميٽر هاءِ ويز، 8 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي، 886 ڪلوميٽر ڪور ٽرانسميشن نيٽ ورڪ وڇايو ويو آهي، پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو چين جو ايندڙ دورو ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت ٻئي ملڪ طئي ٿيندڙ اهم اتفاق راءِ کي عملي جامعو پارائيندا، ٻئي ملڪ صنعت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندا، هن سال چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ خلائي تعاون ۾ مسلسل ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، پاڪستان جي آءِ ڪيوب ڪيو هڪ هفتي کانپوءِ چنڊ جي مدار مان ڪاميابي سان تصويرون موڪليون، 30 مئي تي پاڪستان جي گهڻ رخي ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ پاڪ سيٽ ايم ايم ون کي هڪ ڀيرو ٻيهر چين جي سيٽلائيٽ لانچ سينٽر مان ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي 5 ڏينهن جي چين جي دوري جي شروع ٿيڻ کان اڳ ”اي پي پي“ کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف 4 کان 8 جون تائين چين جو سرڪاري دورو وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ جي دعوت تي ڪندو، هلندڙ سال وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس چين جو پهرون دورو هوندو. چين جي سفير چيو ته چين ان دوري جي ذريعي پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿئي ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل سان گڏ ويجهي چين پاڪستان لاڳاپن جي لاءِ نوان قدم کڻي سگهجن. هن دوري جي ايجنڊا جو ذڪر ڪندي چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين زاليجي سان ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ٻئي اڳواڻ چين پاڪستان لاڳاپن ۽ بيجنگ کانسواءِ گوانگ ڊونگ ۽ شانشي جو پڻ دورو ڪندو. هن چيو ته تازن سالن دوران ٻنهي ملڪن اعليٰ سطح جي ويجهي مٽاسٽا ڪئي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) تي لاڀائتو تعاون ڪيو ۽ عالمي ۽ علائقائي معاملن ۾ مضبوط رابطي ۽ هم آهنگي کي برقرار رکيو. سي پيڪ جي حوالي سان هن چيو ته تاريخي بي آر آءِ منصوبي سان مجموعي طور تي 25 ارب 40 ڪروڙ ڊالر جي سڌوسنئون سيڙپڪاري، 236000 نوڪريون، 510 ڪلوميٽر هاءِ ويز، 8 هزار ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي ۽ 886 ڪلوميٽر ڪور ٽرانسميشن نيٽ ورڪ وڇايو ويو جنهن سان پاڪستان جي معاشي ۽ سماجي ترقي مضبوط ٿي. هن چيو ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت ٻئي ملڪ پنهنجي اڳواڻن پاران طئي ٿيل اهم اتفاق راءِ کي عملي جامعو پارائيندا جنهن ۾ ترقياتي حڪمت عملي ۽ پاليسي ڪوآرڊينيشن جي مضبوطي شامل آهي جڏهن ته ”ايم ايل ون“ جي اپ گريڊيشن، گوادر بندرگاهه ۽ قراقرم هاءِ وي فيز ٽو جي بحالي سميت ميگا پراجيڪٽس تي اڳڀرائي کي تيز ڪندا. سفير چيو ته ٻئي ملڪ مقامي حالتن جي بنياد تي صنعت، زراعت، کاڻين جي کوٽائي، توانائي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون کي مضبوط ڪندا ۽ وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ۽ واپاري لبرلائيزيشن کي فروغ ڏيندا. هن چيو ته چين پاڪستان سان اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ ڪوآپريشن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آءِ)، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو (جي ايس آءِ) ۽ گلوبل سيولائيزيشن انيشي ايٽو (جي سي آءِ) کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ پڻ تيار آهي. سفير جيانگ زيڊونگ چين جي تعاون سان پاڪستان جي قمري مشن ”آءِ ڪيوب ڪيو“ سيٽلائيٽ جي لانچنگ بابت چيو ته هلندڙ سال مئي کان چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ خلائي تعاون ۾ مسلسل ڪاميابيون حاصل ٿيون آهن، پاڪستان جي ”آءِ ڪيوب ڪيو“ هڪ هفتي کانپوءِ چنڊ جي مدار مان ڪاميابي سان تصويرون منتقل ڪيون جنهن پاڪستان کي ”ڊيپ اسپيس ڪلب“ جي ڪجهه ميمبرن مان هڪ بڻائي ڇڏيو آهي. هن چيو ته 30 مئي تي پاڪستان جي گهڻ مقصدي ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ ”پاڪ سيٽ ايم ايم ون“ کي هڪ ڀيرو ٻيهر چين جي سيٽلائيٽ لانچگ سينٽر تان ڪاميابي سان لانچ ڪيو ويو جيڪو پاڪستان جي ٽيلي ڪميونيڪشن، انٽرنيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ انقلابي تبديليون آڻيندو. هن چيو ته اسان زراعت، توانائي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جهڙن وڌيڪ شعبن ۾ تعاون ۽ علم جي منتقلي ۾ اضافو ڪنداسين. چين جي سفير چيو ته 26 مارچ تي داسو دهشتگرد حملي کانپوءِ چين ۽ پاڪستان ۽ سي پيڪ جي وچ ۾ عملي تعاون جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ مستحڪم ماحول جي وڌيڪ ضرورت آهي. هن چيو ته 2024ع ۾ هيستائين پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي خلاف مجموعي طور تي 13135 انٽيلي جنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا جن ۾ 249 دهشتگردن کي ماريو جڏهن ته 396 کي گرفتار ڪيو ويو. هن پاڪستان ۾ گذريل سالن ۾ چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت جي لاءِ پاڪستان جي عظيم ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان به وڏيون قربانيون ڏنيون آهن جنهن ۾ ٻن آفيسرن ۽ 60 سپاهين پنهنجي قيمتي جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي تعاون کي نقصان پهچائڻ جي ڪا به ڪوشش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندي، اسان کي اميد ۽ يقين آهي ته پاڪستان داسو دهشتگرد حملي جي پيروي ڪندو رهندو ۽ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون تيز ڪندو. چين جي سفير چيو ته چين پاڪستان سان گڏجي گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو کي مڪمل طور تي لاڳو ڪرڻ، سدابهار اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري کي وڌيڪ محفوظ، دهشتگردي جي خاتمي، سيڪيورٽي تعاون کي مضبوط ۽ گڏيل سلامتي جي پختي تحفظ جي لاءِ ڪم ڪندو. سفير جيانگ زيڊونگ چيو ته چين پاڪستان جي دهشتگردي جي خاتمي جي صلاحيت کي وڌائڻ، غيرروايتي سيڪيورٽي خطرن جي وڌندڙ انگ کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون ۽ گڏيل ترقي جي لاءِ اعتماد جوڳي سيڪيورٽي ضمانت فراهم ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪندو. چين قائم ٿيڻ جي 75 هين سالگرهه جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ان عرصي دوران ملڪ ۾ تيز اقتصادي ترقي ۽ ڊگهي مدي وارو سماجي استحڪام پيدا ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سفير چيو ته پاڪستاني حڪومت جو ”فائيو ايز“ فريم ورڪ نه رڳو پاڪستان جي موجوده ترقي جي ضرورتن کي پورو ڪري ٿو پر اعليٰ معيار جي ترقي کي فروغ ڏيڻ جي چين جي موقف کان پڻ متاثر آهي جنهن سان اهو اشارو ملي ٿو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفو تعاون وڌيڪ لاڀائتو ٿيندو.