ميدرڊ-30 مئي اي پي پي ) سعودي عرب ۽ اردن غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ فوري طور تي بند ڪرڻ ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ بابت فلسطيني رياست جي قيام تي زور ڏنو آهي .العربيه موجب اسپين پاران فلسطين کي باضابطه طور تي تسليم ڪرڻ کان پوءِ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادو فيصل بن فرحان زور ڏئي چيوآهي ته ميڊرڊ تاريخ جي درست طرف بيٺو آهي هن شپين گادي واري هنڌ ميڊرڊ ۾ غزه تي عرب .اسلامي ڪميٽي پريس ڪانفرنس دوران چيو آهي ته ٻه رياستي حل جو وقت اچيوويو آهي ٻه رياستي حل جي بغير خطي ۾ ڊگهي عرصي تائين امن ناممڪن آهي هن وڌيڪ چيو ته فلسطيني رياست جو قيام ئي امن جو ضامن ٿي سگهي ٿو ان کانسواءِڪو به رستو ناهي .هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غزه ۾ فوري طورتي جنگ بندي ٿيڻ کپي ان موقعي تي اردني پرڏيهي وزير ايمن الصفدي اسپين پاران فلسطين جي رياست کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي کي تاريخي قدم قرار ڏنو هن وڌيڪ چيو ته اسان اسرائيلي ڌمڪين جي باوجود اسپين سان يڪجهتي سان گڏ بيٺا آهيون هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل لڳاتار عالمي قانون جي خلاف ورزي جاري رکي آهي هن ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته غزه ۾ جنگ جو خاتمو ضروري آهي .ٻه رياستي حل کي اڳتي وڌائڻ جو وقت اچي ويو آهي .هن وضاحت ڪندي چيو ته امن صرف فلسطيني رياست جي قيام سان ئي حاصل ٿيندو.