اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته حڪومت جي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جا ثمر جلد عوام تائين پهچندا، دوست ملڪ پاڪستان سان جنهن سنجيدگي سان ڳالهه ڪري رهيا آهن اهو پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو نئون باب آهي، ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ڪابينا چئني صوبائي حڪومتن کي ڪڻڪ جي خريداري جي هدف کي وڌائڻ جي لاءِ خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بلوچستان ۾ مخالف ڌر پارٽين جو پهريون جلسو ناڪام رهيو، جهڙي طرح تقريرون ڪيون ويون ان مان لڳي ٿو ته اها ڪمپني هلڻ واري نه آهي، هي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، گوهر صاحب جي ڳالهه شير افضل رد ڪري ڇڏي ٿو، تحريڪ انتشار جي اندر پاڻ ۾ ڦوٽ آهي. پي ٽي وي هيڊڪوارٽرز ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت جي ايندي ئي معيشت جي حوالي سان مثبت خبرون سامهون اچي رهيون آهن، حڪومت ۽ وزيراعظم شهباز شريف کي ڪجهه ئي عرصي ۾ عالمي سطح تي پذيرائي ملي، پاڪستان کي دوست ملڪن پاران عزت ۽ تڪريم ڏني پئي وڃي ۽ جنهن سنجيدگي سان معاملا بحث هيٺ آندا پيا وڃن، اهو اسان جي پرڏيهي پاليسي جي اندر هڪ نئون باب آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ اسٽريٽجڪ نيوڪليئر اسٽيٽ آهي، اسان کي ان تي فخر آهي ۽ اها اسان جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي. عالمي رسالا، مالياتي ادارا ۽ تجزيه نگارن پاران چيو پيو وڃي ته حڪومت معيشت جي بهتري جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ تمام جلد معيشت جي اندر بهتري جا اثر عام عوام تائين پهچندا. هن چيو ته اسان جي وڏي خوش قسمتي آهي ته وزيراعظم ۽ ان جي پوري ڪابينا لگن ۽ محنت سان ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت ايندي ئي معيشت جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا جنهن جي ڪري عالمي سطح تي پاڪستان کي تمام گهڻي پذيرائي ملي. هن چيو ته وزيراعظم جو سعودي عرب جو دورو تمام ڪامياب رهيو ۽ ان جي نتيجي ۾ سعودي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، اسان سعودي وفد جا ٿورائتا آهيون جنهن سيڙپڪاري جي حوالي سان سنجيدگي جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته سعودي وفد سان سيڙپڪاري جي حوالي سان ريفائنريز ۽ سياحت سميت ڪيترائي معاملا بحث هيٺ آيا جنهن کي عملي جامعو پارايو پيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ڏينهن ۾ سعودي عرب مان هڪ اعليٰ سطحي وفد پن پاڪستان ايندو ۽ معاهدن تي صحيحن ۾ اڳڀرائي ٿيندي. هن ٻڌايو ته سعودي عرب مان هڪ نجي سيڪٽر جو وفد پڻ پاڪستان ايندو، سعودي عرب جي نجي شعبي مان سيڙپڪار پاڪستان جي اندر موجود نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. ٻنهي ملڪن جون حڪومتون انهن کي سهولت فراهم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون. هن چيو ته نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري معيشت جي لاءِ وڏو مثبت قدم هوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي سطح تي حڪومت ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هڪ ساک آهي، وزيراعظم 24 ڪلاڪ ڪم ڪندڙ ليڊر آهي، هن سدائين ڊيليور ڪيو آهي ۽ ان جا ثمر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج روزانو رڪارڊ قائم ڪري رهيو آهي، تمام جلد عام ماڻهو تائين ريليف پهچايو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس ۾ سعودي عرب جي دوري جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ڪڻڪ جي صورتحال جو پڻ جائزو ورتو ويو. هن چيو ته هن ڀيري ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته چئني صوبائي حڪومتن کي خط لکيو وڃي ته ڪڻڪ جي خريداري جي هدف کي وڌايو وڃي ۽ آبادگار کان وڌ کان وڌ ڪڻڪ ورتي وڃي ۽ ان جو اگهه به سٺو مقرر ڪيو وڃي ته جيئن آبادگار خوشحال ٿين. وفاقي وزير چيو ته نيشنل فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت پاران ڪڻڪ جي خريداري جي هدف وڌائڻ ۽ ان جي سٺي قيمت مقرر ڪرڻ جي حوالي سان خط چئني صوبن کي لکيا ويندا. هن چيو ته ڪڻڪ جي سٺي فصل جو ٻهراڙي جي معيشت تي مثبت اثر پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ٻين دوست ملڪن مان به وفد پاڪستان ايندو، حڪومت جي ايندي ئي دوست ملڪن جي سربراهن پاران مبارڪباد جا پيغام آيا، عيد تي پڻ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي اها انتهائي خوش آئنده آهي، ان سان غزه جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير مخالف ڌر پارٽين جي بلوچستان ۾ جلسي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته بلوچستان ۾ مخالف ڌر پارٽين جو پهريون جلسو ناڪام رهيو، جيڪي تقريرون ڪيون ويون ان مان ائين لڳي ٿو ته اها ڪمپني هلڻ واري نه آهي، اهي پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن، گوهر صاحب جي ڳالهه کي شير افضل رد ڪري ڇڏي ٿو. هن چيو ته تحريڪ انتشار جي اندر پاڻ ۾ ڦوٽ آهي، اهي مخالف ڌر جو اتحاد ڇا ٺاهيندا. هن چيو ته مخالف ڌر وٽ ڪا ايجنڊا نه آهي، انهن جي آئون نه مڃان واري سياست نٿي هلي سگهي، انهن کي انهن ڪيسز تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي انهن جا اڳواڻ ڀوڳي رهيا آهن. مخالف ڌر جي تحريڪ زور نه پڪڙي سگهندي، اسان ترقي جو جيڪو سفر شروع ڪيو آهي اهو جاري رهندو. صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته فيض آباد ڌرڻي جي حوالي سان ڪابينا اجلاس ۾ ڪا ڳالهه نه ٿي. هن چيو ته پاڪستان سمورن ملڪن سان سٺا لاڳاپا چاهي ٿو، ناڻي وارو وزير آمريڪا ۾ آهي، ان جون آءِ ايم ايف ۽ ٻين مالياتي ادارن سان گڏجاڻيون جاري آهن. 9 مئي جي ڪيسز جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اميد آهي قانون ۾ موجود طريقيڪار جي پيروي ڪندي 9 مئي جا ڪيسز جلد پنهنجي منطقي انجام تي پهچندا. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته دوست ملڪن مان ايندڙ سيڙپڪاري جي حوالي سان قياس آرائيون نامناسب آهن، جيستائين ڪنهن مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون نه ٿي وڃن، قياس آرائيون ڪرڻ مناسب نه آهي. ملڪي مفاد کي اڳتي رکون ۽ قياس آرائين کان پاسو ڪريون. پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جو دارومدار عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن تي هوندو آهي، وچ اوڀر جي غيريقيني واري صورتحال جي ڪري عالمي سطح تي تيل جون قيمتون وڌيون آهن، ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ بهتري نظر ايندي. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري سان به معيشت تي مثبت اثر پوندو، اسان ساليانو 80 ارب رپين جو خسارو برداشت ڪريون ٿا. هن چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري، ايئرپورٽس جي آئوٽ سورسنگ، ايف بي آر جي ڊيجيٽلائيزيشن ٿيندي، انهن معاملن جو آءِ ايم ايف سان ڪو تعلق نه آهي، انهن قدمن سان اسان جي خرچن ۾ گهٽتائي ايندي ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته اڄ ڪابينا جي اجلاس ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ پاليسي فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي، ان سان نجي شعبي کي سرڪاري ادارن سانگ ڏجي پراجيڪٽس شروع ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي.