گڏيل قومون-07 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي صدر ڊينس فرانسس سان گڏيل قومن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پريس رليز موجب 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي. 2022ع ۾ گڏيل قومن جي 193 ميمبرن تي ٻڌل اسيمبلي هڪ قرارداد منظور ڪئي، جنهن کي پاڪستان اسلامي تعاون تنظيم طرفان متعارف ڪرايو، جنهن ۾ 15 مارچ تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن طور تي ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. قرارداد پيش ڪندي پاڪستاني نمائندي منير اڪرم چيو هو ته ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي رواداري ۽ امن جي ڪلچر کي هٿي ڏيڻ آهي. قرارداد کي او آءِ سي جي 57 ميمبرن ۽ چين ۽ روس سميت 8 ٻين ملڪن اسپانسر ڪيو.