اسلام آباد – 01 – فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي عالمي منڊي ۾ خام مال جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي 146 انتهائي ضروري حياتي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ اضافي ۽ چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان ۽ اسٽيٽ ايدمنسٽريشن آف مارڪيٽ ريگيوليشن چين جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ نگران وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا ناڻي واري وزارت جي سفارش تي چٽاڀيٽي ڪميشن آف پاڪستان ۽ اسٽيٽ ايڊمنسٽريشن آف مارڪيٽ ريگيوليشن چين جي وچ ۾ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ان مفاهمتي ياداشت تحت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معلومات جي مٽاسٽا ۽ فني صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. وفاقي ڪابينا پرڏيهي وزارت جي سفارش تي پاڪستاني ماهر نفسيات محمد سليم خان ترين جي لاءِ نفسيات جي شعبي ۾ سندس خدمتن جي اعزاز ۾ برطانيا جي بادشاهه چارلس (ٽئين) پاران ميمبر آف برٽش ايمپلائر جو ايوارڊ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو کي اٽلي پاران ڏنل گولڊ ميڊل فار ايروناٽيڪل ميرٽ کي وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. اٽلي جي حڪومت اهو اعزاز ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سدهو جي قيادت ۾ اٽلي ۽ پاڪستان جي فضائيه جي وچ ۾ وڌندڙ تعاون جي خدمتن جي اعتراف ۾ ڏنو. وفاقي ڪابينا قومي صحت واري وزارت جي سفارش تي هارڊشپ ڪيٽيگري تحت عالمي منڊي ۾ خام مال جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي 146 انتهائي ضروري حياتي بچائيندڙ دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. قومي صحت واري وزارت ۽ ڊريپ پاران اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ڊريپ جي آن لائين پورٽل جي ذريعي شهري مارڪيٽ ۾ دوائن جي عدم دستيابي جي حوالي سان شڪايتون داخل ڪرائي سگهن ٿا. نگران وزيراعظم اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي چيو ته حڪومت عام ماڻهو کي دوائن جي مناسب قيمت تي فراهمي جي حوالي سان هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت اهڙيون پاليسيون جوڙي رهي آهي جنهن جو فائدو عام ماڻهو کي به ٿئي ۽ فارماسيوٽيڪل جي صنعت به ترقي ڪري. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان جي ڪارڪردگي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي حوالي سان تجويزون جوڙيون وڃن. هن هدايت ڪئي ته دوائن جي اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي خلاف ڪارروايون تيز ڪيون وڃن. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته دوائن جي قيمتن جي ڊي ريگيوليشن جي حوالي سان ضروري قانونسازي جي لاءِ سفارشون جوڙيون وڃن ته جيئن ايندڙ چونڊيل حڪومت انهن سفارشن کي پارليامينٽ ۾ پيش ڪري سگهي. وفاقي ڪابينا توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 26 جنوري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا ليجسٽليٽو ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي جي 26 جنوري 2024ع ۽ 31 جنوري 2024ع تي ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڪري ڇڏي.